Skip to content

رسولن جا ڪم 2

1هاڻي جڏهن پنتيڪوست (يا پنجاهون) ڏينهن آيو، تڏهن سڀ هڪڙي هنڌ اچي گڏ ٿيا. 2۽ اوچتو ئي آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جو سخت طوفان جي گهوگهٽ جهڙو هو، ۽ جنهن جاءِ ۾ هو ويٺا هئا، سا سڄي انهي سان ڀرجي ويئي. 3۽ هنن کي باهہ جهڙيون ڄڀون ڌار ڌار ٿينديون ڏسڻ ۾ آيون؛ ۽ انهن مان هرهڪ تي هڪڙي ڄڀ اچي ويٺي. 4۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.
5هاڻي ساري زمين تي جيڪي قومون آهن، تن مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهندا هئا. 6سو جڏهن اهو گوڙ ٻُڌڻ ۾ آيو، تڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ حيران ٿي ويئي، ڇالاءِ جو سڀني ماڻهن هنن کي پنهنجي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندو ٻُڌو. 7۽ سڀيئي حيرت ۾ پئي تعجب ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ ڏسو، هي جيڪي ڳالهائين ٿا سي گليلي نہ آهن ڇا؟ 8پوءِ ڪيئن اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي مادري زبان ٿو ٻُڌي؟ 9جيتوڻيڪ اسين پارٿي، ۽ ميدي ۽ عيلامي ۽ ميسپتاميا ۽ يهوديہ ۽ ڪپدڪيا ۽ پنطس ۽ آسيا 10۽ فروگيا ۽ پمفوليہ ۽ مصر ۽ لبيا جي علائقي جا رهندڙ آهيون جو ڪرينيءَ جي طرف آهي، ۽ رومي مسافر خواہ يهودي خواہ سندن نومريد، ۽ ڪريتي ۽ عرب آهيون؛ 11اسين انهن کي پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندو ٿا ٻُڌون. 12۽ هو سڀ عجب ۾ پئجي، هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا، تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ 13پر ٻين وري ٺٺولي ڪري چيو تہ هي تازي شراب جي نشي ۾ آهن.
14پر پطرس انهن يارهن سان گڏ بيهي، وڏي سڏ ڳالهائي چوڻ لڳو، تہ اي يهودي ۽ ٻيا اوهين سڀ جي يروشلم جا رهاڪو آهيو، جيڪي آئون چوان ٿو سو ڪَن ڏيئي ٻُڌو؛ 15تہ جيئن اوهين ڀانئيو ٿا تيئن هي نشئي نہ آهن؛ جو اڃا ڏينهن جو پهريون پهر مس ٿيو آهي؛ 16پر هيءَ اها ڳالهہ آهي، جا يوئيل نبي اڳيئي چئي ويو آهي؛ 17تہ ”خدا ٿو فرمائي تہ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، جو آئون پنهنجو روح انسان ذات تي نازل ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، ۽ اوهان جا جوان رويا ڏسندا، ۽ اوهان جا پير مرد خواب ڏسندا: 18بلڪ اُنهن ڏينهن ۾ آئون پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجين ٻانهين تي پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ اُهي بہ نبوت ڪندا. 19۽ آئون مٿي آسمان ۾ عجائب غرائب، ۽ هيٺ زمين تي نشان ڏيکاريندس، جيئن تہ رت، باهہ ۽ دونهين جو غبار: 20۽ خداوند جو ڏينهن يعني اُهو عظيم ۽ مشهور ڏينهن اچي، تنهن کان اڳيئي سج اونداهو ٿيندو، ۽ چنڊ رت ٿي پوندو. 21۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو خدا جو نالو وٺندو، تنهن کي نجات ملندي.“
22اي اسرائيليو، هي ڳالهيون ٻُڌو؛ يسوع ناصري هڪڙو شخص هو، ۽ جيڪي ڪرامتون ۽ نشانيون خدا سندس هٿان ڪيون، جن جي خود اوهان کي خبر آهي، تن مان ثابت ٿيو تہ هو خدا وٽان آيو آهي. 23۽ جڏهن هو خدا جي مقرر انتظام ۽ پيش بينيءَ جي ڪري جهلايو ويو، تڏهن هن کي اوهان بي دين ماڻهن جي هٿان صليب تي چاڙهي مارايو: 24پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي. 25هن ڪري جو دائود هن بابت چيو آهي تہ ”آئون خداوند کي هميشہ پنهنجي روبرو پيو ڏسندو هوس؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ساڄي پاسي آهي، تہ متان مون کي لوڏو اچي: 26تنهنڪري منهنجي دل سرهي ۽ منهنجي زبان خوش ٿي؛ بلڪ منهنجو جسم بہ اُميد ۾ رهندو: 27ڇالاءِ جو تون منهنجي جان کي عالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي مقدس کي سڙڻ ڏيندين. 28تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون؛ تون مون کي پنهنجو ديدار ڏيکاري خوشيءَ سان مسرور ڪندين.“
29اي ڀائرو، آئون اوهان کي کُليو کُلايو بابي دائود بابت ٻُڌائي ٿو سگهان تہ هو برابر مري ويو ۽ دفن بہ ٿيو، ۽ سندس قبر اڄ تائين موجود آهي. 30هو نبي هو، ۽ خبر هيس تہ خدا مون سان انهيءَ ڳالهہ جو قسم کڻي چيو آهي تہ آئون تنهنجي نسل مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس؛ 31سو اها پيش بيني ڪري هن مسيح جي وري جي اُٿڻ جي ڳالهہ ڪئي، تہ نڪي هو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم سڙي ويندو. 32اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون. 33هن کي خدا پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، ۽ جيئن پيءُ اڳيئي واعدو ڪيو هوس، تيئن کيس پاڪ روح مليو، جو هن نازل ڪيو آهي، تنهنڪري هي اوهين ڏسو ۽ ٻُڌو ٿا. 34ڇالاءِ جو دائود آسمان تي چڙهي ڪين ويو، پر هو پاڻ چوي ٿو تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، 35جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي ڪريان.“ 36تنهنڪري اسرائيل جو سارو گهراڻو اهو يقين ڪري، تہ خدا انهي يسوع کي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، خداوند ۽ مسيح بہ ڪيو آهي.
37هاڻي جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن اها سندن دلين ۾ چُڀي ويئي، ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چوڻ لڳا تہ اي ڀائرو، هاڻ اسين ڇا ڪريون؟ 38تڏهن پطرس چين تہ اوهين توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجن گناهن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي بپتسما وٺي، تہ پوءِ اوهان کي پاڪ روح جي بخشش ملندي. 39ڇو جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ ۽ اوهان جي ٻارن جي لاءِ، ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جي پري آهن، جن کي خداوند اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو. 40۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون ڪري، هنن جي دل تي ڄمائي کين سمجهايائين، تہ اوهين پاڻ کي هن ڏنگيءَ قوم کان بچايو. 41تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا. 42۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.
43پوءِ هر ڪنهن کي ڊپ ٿيڻ لڳو: ۽ رسول گهڻائي عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڪندا هئا. 44۽ جن ايمان آندو، سي سڀ گڏ گذاريندا هئا، ۽ سڀني شين ۾ شريڪ ٿي رهندا هئا؛ 45۽ هو پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي جيڪي ملندو هون، سو پاڻ ۾ هر ڪنهن کي سندس گهُرج آهر ورهائي ڏيندا هئا. 46۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا، 47۽ خدا جي تعريف ڪندا هئا؛ ۽ سڀني ماڻهن وٽ عزت هُين، ۽ جن کي نجات ٿي ملي، تن کي خداوند روزبروز آڻي ساڻن شامل ڪندو هو.