Skip to content

سورت 2:67-73 (ڳئون)

۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته الله اوھان کي ڳـئون ڪُھڻ جو حڪم ڪري ٿو، (تڏھن) چيائون ته تون اسان سان چٿر ڪرڻ لڳين ٿو ڇا؟ (موسىٰ) چيو ته آءٌ الله کان جاھلن مان ھجڻ جي پناہ گُھران ٿو.

چيائون ته اسان لاءِ پنھنجي پالڻھار کان دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا (ڳـئون) ڪھڙي (قسم جي) آھي، (موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون نڪي پوڙھي ۽ نڪي جوان آھي، اِنھي وچ ۾ وچٿري آھي، پوءِ جيڪي اوھان کي حڪم ڏنو ويو سو ڪريو.

چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گُھرته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪھڙو آھي، (موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا ڳـئون ھيڊي ڪڪڙي آھي سندس رنگ ڳوڙھو ھيڊو آھي ڏسندڙن کي سُرھائي ڏيندي آھي.

چيائون ته پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ دُعا گھر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اُھا (ڳـئون) ڪھڙي (پارين) آھي ڇوته ڳـئون اسان وٽ (پاڻ جھڙين ۾) گڏيل آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھريو ته اسين ضرور لھنداسين.

(موسىٰ) چيو ته الله چوي ٿو ته اُھا اھڙي ڳـئون آھي (جو) نڪي وھو آھي جو ھر کيڙي ۽ نڪي پوک پياري، اڻ وڍ آھي منجھس ڪو دٻڪ ڪونھي، چيائون ته ھاڻي تو پورو پار آندو، پوءِ اُن کي ڪُٺائون ۽ (انھي ڪم) ڪرڻ تي نه ھوا.

۽ جڏھن ھڪ شخص کي ڪُٺوَ تڏھن ان (جي ماريندڙ) بابت تڪرار ڪيوَ، ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.

پوءِ چيوسين ته سندس (گوشت جو) ڪُجھ ڀاڱو اُن (مئل) کي ھڻو، اھڙي طرح الله مئلن کي جياريندو آھي ۽ اوھان کي پنھنجيون نشانيون ڏيکاريندو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.