Skip to content

قرآن

تورات

(The Hud) Surat 11:25-48

۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو (اُن چيو ته) آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آھيان.
ته الله کانسواءِ (اوھين ٻئي جي) عبادت نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.
پوءِ سندس قوم مان ڪافر ٽوليءَ چيو ته توکي پاڻ جھڙي ماڻھو کانسواءِ (ٻيو) نٿا ڏسون ۽ اسان مان بي سوچ خسيسن کان سواءِ (ٻيو) تنھنجو تابعدار نه ٿا ڏسون، ۽ پاڻ کان اوھان جي ڪا زيادتي نه ٿا ڏسون بلڪ اوھان کي ڪوڙ ڀائيندا آھيون.
(نوح) چيو ته اي منھنجي قوم (مون کي) ڏسيو ته سھين ته جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار جي پڪي حجت تي ھجان ۽ پاڻ وٽان مون کي رحمت ڏني ھجيس ۽ (جنھن جي حقيقت) اوھان کان لڪائي وئي ھجي ته اُن (جي مڃڻ) جو ھن ھوندي اوھان کي ڇو زور ڪريون جو اوھين اُن کي بڇان ڀائيندا ھجو؟
۽ اي منھنجي قوم (آءٌ) اوھان کان اُن بابت ڪو مال نٿو گھران، منھنجو اجورو الله کانسواءِ ٻئي تي نه آھي ۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان، ڇوته اُھي پنھنجي پالڻھار کي ملڻ وارا آھن پر آءٌ اوھان کي جاھل قوم ڏسان ٿو.
۽ اي منھنجي قوم جيڪڏھن کين تڙيندس ته مون کي الله کان ڪير ڇڏائيندو، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
۽ آءٌ اوھان کي نٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (ڪو) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي چوان ٿو ته آءٌ ملائڪ آھيان ۽ جن کي اوھان جون اکيون ھيڻو ڏسن ٿيون تن لاءِ نٿو چوان ته الله کين ڪا چڱائي نه ڏيندو، جيڪي سندين دلين ۾ آھي سو الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، (جي چوندس ته) آءٌ انھيءَ مھل ظالمن مان ٿيندس.
چيائون اي نوح بيشڪ تو اسان سان جھڳڙو ڪيو پوءِ اسان سان گھڻو جھيڙو ڪيئي جيڪڏھن سچن مان آھين ته اسان سان جيڪو انجام ڪرين ٿو سو اسان وٽ آڻ.
(نوح) چيو ته اُھو اوھان وٽ رڳو الله آڻيندو جيڪڏھن اُن گھريو ته ۽ اوھين (ڀڄي) عاجزي ڪرڻ وارا نه آھيو.
۽ جيڪڏھن آءٌ اوھان کي نصيحت ڏيڻ گھران ته جيڪڏھن الله اوھان جو ڀُلائڻ گھرندو ته منھنجي نصيحت اوھان کي ڪو نفعو نه ڏيندي، اُھو اوھان جو پالڻھار آھي، ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.
بلڪ (ھيئن به) چوندا آھن ته (ھن پيغمبر) اُھو پاڻون ٺاھيو آھي، چئو ته جيڪڏھن مون اُن کي پاڻ ٺاھيو آھي ته منھنجو ڏوھ مون تي آھي ۽ جيڪي اوھين ڏوھ ڪندا آھيو تنھن کان آءٌ بيزار آھيان.
۽ نُوح ڏانھن وحي ڪيو ويو ته جنھن ايمان آندو آھي تنھن کانسواءِ تنھنجي قوم مان ٻيو ڪوبه ڪڏھن ايمان نه آڻيندو تنھنڪري جيڪي ڪندا آھن تنھن تي تون رنج نه ٿي.
۽ اسان جي روبرو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي جوڙ ۽ ظالمن بابت مون کي نه چئج، ڇوته اُھي ٻوڙيا ويندا.
۽ ٻيڙي بڻائڻ لڳو، جڏھن ڪڏھن سندس قوم مان ڪا ٽولي وٽانئس لنگھي ٿي (ته) مٿس ٺـٺوليون ڪيائون، (نوح) ٿي چيو ته جيڪڏھن اوھين اسان تي ٺـٺوليون ڪريو ٿا ته اسين (به) اھڙيون ٺـٺوليون اوھان تي ڪنداسون جھڙيون ٺـٺوليون (اوھين) ڪريو ٿا.
پوءِ جنھن کي عذاب پھچندو تنھن کي سگھوئي ڄاڻندؤ جو (اُھو) ان کي خوار ڪندو ۽ مٿس سدائين عذاب (پيو) لھندو.
(انھيءَ ڪم ۾ ھوا) ايتري تائين جو اسان جو حُڪم آيو ۽ تنور اُڀاميو چيوسون ته سڀڪنھن جنس (جي جانورن) مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ جن بابت حڪم ٿي چڪو آھي (ته ھلاڪ ڪبا) تن ڌاران ٻيا پنھنجي گھر وارا ۽ جن ايمان آندو سي منجھس چاڙھ، ۽ ٿورن کانسواءِ مٿس ايمان نه آندو ھوائون.
۽ (نوحؑ) چيو ته منجھس چڙھو الله جي نالي سان سندس ھلڻ ۽ سندس بيھڻ آھي، ڇوته منھنجو پالڻھار ضرور بخشيندڙ مھربان آھي.

…42.۽ اُھا جبلن جھڙين لھرين ۾ کين (کڻي) ھلڻ لڳي، ۽ نوحؓ پنھنجي پٽ کي سڏيو ۽ اُھو ڪناري تي ھو ته اي مُنھنجا پُٽ اسان سان چڙھ ۽ ڪافرن سان گڏ نه ھُج.

43.چيائين ته (اھڙي) جبل تي پناھ وٺندس جو مون کي پاڻيءَ کان بچائيندو، (نوحؑ) چيو ته اڄ الله جي عذاب کان ڪو بچائيندڙ ڪونھي پر جنھن تي (پاڻ) رحم ڪري (سو بچي سگھندو)، ايتري ۾ ٻنھي جي وچ ۾ لھر اچي پئي ۽ (اُھو) ٻڏلن مان ٿيو.

44.۽ فرمايو ويو ته اي زمين (تون) پنھنجو پاڻي چُھي وڃ ۽ اي آسمان (تون پنھنجو پاڻي) بند ڪر ۽ پاڻي سُڪايو ويو ۽ ڪم پورو ڪيو ويو ۽ (ٻيڙي جبل) جوديءَ تي بيٺي ۽ چيو ويو ته (شل) ظالمن جي قوم ناس ٿئي.

47.(نوحؓ) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جنھن (ڳالھ جي حقيقت) جي مون کي خبر نه آھي تنھن بابت توکان پڇڻ جي آءٌ تو وٽان پناھ گھران ٿو، ۽ جي تون نه بخشيندين ۽ رحم نه ڪندين ته ڇيئي وارن مان ٿيندس.

48.چيو ويو ته اي نوحؑ اسان جي طرف کان سلامتي ۽ برڪتن سان لھ جي توتي ھجن ۽ انھن ٽولين تي (به) جيڪي توساڻ آھن، ۽ (ٻيون ڪي) جماعتون ھونديون جن کي آسودو ڪنداسون وري انھن (مان ڪافرن) کي اسان وٽان ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.

(الاعراف) 7: 59-64

59.بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نه آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.

60.سندس قوم جي سردارن چيو ته اسين توکي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا.

61.چيائين ته اي منھنجي قوم مون کي ڪا گمراھي ڪانه آھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.

62.اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچائيندو آھيان ۽ اوھان کي نصيحت ڪندو آھيان ۽ الله (جي پار) کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

63.اوھان کي (ھن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا ته اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان اوھان وٽ ھِن لاءِ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري ۽ تان ته اوھين پرھيزگار ٿيو ۽ ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.

64.پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھُيا تن کي ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون ۽ اسان جي آيتن کي جن ڪُوڙ ڄاتو تن کي ٻوڙيوسون، ڇوته اُھا انڌي قوم ھُئي.

Genesis 6-8

1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن زمين تي ماڻهو وڌڻ لڳا، ۽ انهن مان ڌيون پيدا ٿيون، 2تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي. 3تڏهن خداوند چيو تہ منهنجو روح انسان ۾ هميشہ ڪين رهندو، ڇو تہ هو بشر آهي؛ تڏهن بہ هن جي عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ ٿيندي. 4تن ڏينهن ۾ زمين تي راڪاس هئا، پوءِ جڏهن خدا جا پٽ ماڻهن جي ڌيئرن وٽ ويا، تڏهن انهن مان اولاد پيدا ٿيو، اهي ئي قديم زماني جا ناليرا پهلوان آهن.
5پوءِ خداوند ڏٺو تہ انسان جي بڇڙائي زمين تي وڌي ويئي آهي، ۽ هن جي دل جو هرڪو خيال ۽ تصور بہ سدائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. 6تڏهن خداوند زمين تي انسان کي پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو ۽ دل ۾ رنج ٿيس. 7۽ خداوند چيو تہ جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي، تنهن کي آءٌ زمين تان مٽائي ڇڏيندس، انسان توڙي حيوان کي، سرندڙ جيتن توڙي هوا جي پکين کي، ڇو تہ آءٌ کين پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو آهيان. 8پر نوح تي خدا مهربانيءَ جي نظر ڪئي.
9نوح جو نسب نامو هن ريت آهي. نوح پنهنجي زماني ۾ راستباز ۽ بي ڏوهي هو. ۽ نوح خدا سان گڏ هلندو هو: 10نوح کي سم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. 11پر زمين خدا جي نظر ۾ بگڙيل ۽ ظلم سان ڀريل هئي. 12۽ خدا زمين تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هوءَ بگڙجي پيئي آهي؛ ڇالاءِ جو زمين تي هر ڪنهن شخص پنهنجي هلت چلت خراب ڪري ڇڏي هئي.
13پوءِ خدا نوح کي چيو تہ منهنجي نظر ۾ سڀني ساهوارن جي پڄاڻي اچي پهتي آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي ڪري زمين ظلم سان ڀرجي ويئي آهي، ۽ ڏس آءٌ انهن کي زمين سان گڏ تباهہ ڪندس. 14تون ديال جي ڪاٺ مان پنهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي ٺاهہ، ۽ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڌار ڌار ڪوٺيون ٺاهہ، ۽ ٻيڙيءَ کي اندران ۽ ٻاهران رال لڳاءِ. 15اِها ٻيڙي اهڙيءَ طرح ٺاهج جو انهيءَ جي ڊيگهہ ٽي سؤ هٿ، ۽ ويڪر پنجاهہ هٿ ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ ٿئي. 16۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي دري بہ ٺاهج، ۽ مٿان کان وٺي هڪ هٿ تي آڻي پوري ڪج، ۽ انهيءَ جي پاسي ۾ ٻيڙيءَ جو در رکج، ۽ انهي ۾ ٽي طبقا ٺاهج؛ پهريون سڀ کان هيٺ، تنهن جي مٿان ٻيو ۽ ٽيون. 17۽ ڏس آءٌ خود زمين تي پاڻيءَ جو طوفان ٿو آڻيان، تہ آسمان جي هيٺان جيڪي ساهوارا آهن، تن سڀني کي برباد ڪريان، ۽ جيڪي بہ زمين تي آهن، سي سڀ مري وڃن. 18پر آءٌ تو سان پنهنجو عهد قائم ڪندس؛ تون، تنهنجا پٽ، تنهنجي زال ۽ تنهنجن پٽن جون زالون اچي ٻيڙيءَ ۾ رهو. 19۽ سڀني جانورن مان ٻہ ٻہ تون پاڻ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ آڻج تہ اهي تو سان گڏ جيئرا رهن، اُهي نر ۽ مادي هجن. 20پکين مان هر ڪنهن قسم جا ٻہ، جانورن مان هر ڪنهن قسم جا ٻہ، ۽ سرندڙ جيتن مان هر ڪنهن قسم جا ٻہ تو وٽ اچن، تہ اهي جيئرا رهن. 21۽ سڀ ڪنهن قسم جو کاڌو، جو کائبو آهي، سو کڻي پاڻ وٽ گڏ ڪر، تہ اهو تنهنجي ۽ هنن جي لاءِ خوراڪ ٿئي. 22سو نوح ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪو بہ حڪم خدا ڏنو هوس، سو بجاءِ آندائين.
1پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو. 2۽ وڏي سمنڊ جا چشما ۽ آسمان جون دريون بہ بند ٿيون، ۽ آسمان مان وسندڙ مينهن بہ جهلجي ويو؛ 3۽ پاڻي زمين تان لهڻ لڳو ۽ ڏيڍ سؤ ڏينهن کان پوءِ گهڻو گهٽجي ويو. 4پوءِ ستين مهيني جي سترهين تاريخ ٻيڙي اچي اراراط جبل تي بيٺي. 5۽ ڏهين مهيني تائين پاڻي لهندو ويو: ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ جبل جون چوٽيون ڏسڻ ۾ آيون.
6۽ چاليهن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو نوح ٻيڙيءَ ۾ جيڪا دري هئي سا کولي، 7۽ هڪڙو ڪانءُ اُڏايائين، جو زمين تي پاڻيءَ جي سڪڻ تائين هيڏانهن هوڏانهن پئي آيو ويو. 8وري هن پاڻ وٽان هڪڙو ڪبوتر اُڏايو؛ انهي لاءِ تہ خبر پوي تہ زمين تان پاڻي لهي ويو آهي يا نہ. 9پر ڪبوتر کي پير رکڻ جي بہ جاءِ ڪانہ ملي. تنهن ڪري هو موٽي وٽس ٻيڙيءَ ۾ آيو؛ ڇالاءِ جو اڃا ساري زمين تي پاڻي بيٺل هو: ۽ هن پنهنجو هٿ ڊگهيري انهيءَ کي کڻي پاڻ وٽ ٻيڙيءَ ۾ آندو. 10پوءِ هو ٻيا ست ڏينهن ترسيو، تنهن کان پوءِ وري ٻيڙيءَ مان ڪبوتر کي اُڏايائين، 11۽ اهو ڪبوتر سانجهيءَ جو وري وٽس موٽي آيو؛ ۽ ڏسو، هن جي چهنب ۾ هڪڙو زيتون جو تازو ڇنل پن هو: جنهن مان نوح سمجهيو تہ زمين تان پاڻي لهي ويو آهي. 12پوءِ ٻيا ست ڏينهن ترسي ڪبوتر اُڏايائين، جو وري وٽس ڪونہ آيو.
13هاڻي هيئن ٿيو جو ڇهہ سؤ پهرئين ورهيہ جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ زمين تان پاڻي سڪي ويو؛ تڏهن نوح ٻيڙيءَ جي ڇت کولي ۽ ڏٺائين تہ زمين جو مٿاڇرو سڪي ويو آهي. 14۽ ٻئي مهيني جي ستاويهين تاريخ ساري زمين سڪي ويئي. 15پوءِ خدا نوح کي چيو تہ 16تون پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن پٽن جي زالن سوڌو ٻيڙيءَ مان نڪري اچ. 17۽ سڀئي ساهوارا جيڪي توسان گڏ آهن، پکي توڙي جانور توڙي سرندڙ جيت، تن کي بہ پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي اچ، تہ اهي زمين تي پنهنجو نسل وڌائين، ۽ وڌن ۽ ويجهن. 18تڏهن نوح، پنهنجيءَ زال ۽ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن پٽن جي زالن کي پاڻ سان وٺي ٻاهر آيو، 19۽ سڀئي جانور، ۽ سڀيئي سرندڙ جيت، ۽ سڀئي پکي ۽ سڀ جيڪي زمين تي هلن ٿا، سي ٻيڙيءَ مان نڪري ٻاهر آيا.
20پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ سڀني پاڪ جانورن ۽ سڀني پاڪ پکين مان ڪي قربانگاهہ تي آڻي قرباني چاڙهيائين. 21۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم. 22جيسين زمين هوندي تيسين پوکڻ ۽ لڻڻ، سردي ۽ گرمي، سيارو ۽ اونهارو، ڏينهن ۽ رات برابر ٿيندا رهندا.