Deuteronomy 28:1 – 31:29
شريعت جو دور 28
1۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون ڪوشش سان خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين، تہ خداوند تنهنجو خدا توکي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو: 2۽ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، تہ هي سڀ برڪتون تو تي نازل ٿينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون. 3تون شهر ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين. 4تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار ۾، تنهنجن ڍورن جي ٻچن ۾، يعني تنهنجن گاين ۽ تنهنجن ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت پوندي. 5تنهنجيءَ ٽوڪريءَ ۾، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ ۾ برڪت پوندي. 6تون اندر اچڻ وقت، ۽ ٻاهر وڃڻ وقت برڪت وارو ٿيندين. 7جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا. 8خداوند جي حڪم سان تنهنجن ڀانڊن ۾، ۽ جن جن ڪمن ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ برڪت پوندي، جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ توکي برڪت ڏيندو. 9جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ياد رکندين، ۽ هن جي رستن تي هلندين، تہ خداوند توکي پنهنجي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت ٺهرائي قائم ڪندو، جيئن ڪ هن توسان قسم کنيو آهي؛ 10۽ زمين جون سڀ قومون ڏسنديون تہ تون خداوند جي نالي ٿو سڏجين؛ ۽ اهي توکان ڊڄنديون 11۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ هو تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي توکي سکي ڪندو. 12خداوند تنهنجي لاءِ پنهنجو اعليٰ خزانو، يعني آسمان کي کولي تنهنجي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو، ۽ تنهنجي هٿ جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين. 13تون پڇ نہ، پر مٿو ٿيندين؛ تون هيٺ نہ، پر مٿي ٿيندين؛ بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، سي ٻڌندين ۽ خبرداري سان انهن تي عمل ڪندين: 14۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي پاسي، يا کٻي پاسي ڦري ٻين معبودن جي پيروي ۽ عبادت نہ ڪندين.
15۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندين؛ تہ هي سڀ لعنتون توتي اينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون. 16تون شهر ۾ بہ لعنتي ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ لعنتي ٿيندين. 17تنهنجيءَ ٽوڪريءَ تي، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ تي لعنت پوندي. 18تنهنجي اولاد تي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار تي، تنهنجين گاين، ۽ ڌڻن جي ٻچن تي لعنت پوندي. 19تون اندر اچڻ وقت ۽ ٻاهر وڃڻ وقت لعنتي ٿيندين. 20جن جن ڪمن جي ڪرڻ ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ خداوند توتي لعنت، بي آرامي، ۽ ملامت موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي بلڪل تباهہ نہ ٿي وڃين؛ اهو تنهنجن خراب ڪمن جي سببان ٿيندو، جن جي ڪري تون مون کي ڇڏي ڏيندين. 21۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تنهن ۾ جيسين خداوند توکي فنا نہ ڪندو، تيسين هو تو تي وبا موڪليندو رهندو. 22خداوند توکي سلهہ سان، ۽ تپ سان، ۽ سوڄ سان، ۽ سخت گرميءَ سان، ۽ ترار سان، ۽ جهولي سان، ۽ رتيءَ سان ماريندو، ۽ جيسين تون تباهہ نہ ٿي ويندين، تيسين اهي تنهنجي پٺيان پوندا. 23۽ تنهنجي مٿان جو آسمان آهي سو پتل جهڙو ٿيندو، ۽ تنهنجي هيٺان جا زمين آهي سا لوهہ جهڙي ٿيندي. 24خداوند مينهن جي بدران تنهنجيءَ زمين تي ڌوڙ ۽ مٽي وسائيندو: جيسين تون برباد نہ ٿيندين، تيسين اهي آسمان مان توتي پوندا رهندا. 25خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين. 26تنهنجو لاشو آسمان جي پکين، ۽ زمين جي مرن جو کاڄ ٿيندو، ۽ ڪو انهن کي هڪالڻ وارو بہ ڪونہ هوندو. 27خداوند توکي مصر جي ڦرڙيءَ سان، ۽ بواسير سان، ۽ ڏڍ سان، ۽ خارش سان ماريندو، ۽ تون انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگهندين. 28خداوند توکي چريائيءَ سان، ۽ انڌاپي سان، ۽ دل جي پريشانيءَ سان ماريندو: 29تون ڏينهن جو ٻنپهرن جي وقت ائين هٿوراڙيون هڻندين، جيئن انڌو اوندهہ ۾ هٿوراڙيون هڻندو آهي، ۽ تون پنهنجن ڪمن ۾ ڪامياب نہ ٿيندين: تو تي هميشہ ظلم ۽ ڦرمار پيئي ٿيندي، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو. 30تون جنهن زال سان مڱڻي ڪندين، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو: تون گهر جوڙيندين، پر انهي ۾ رهندين ڪين: تون ڊاک جو منهہ لڳائيندين، پر انهي جو ميوو تنهنجي ڪم ڪين ايندو. 31تنهنجو ڏاند تنهنجين اکين اڳيان ڪُٺو ويندو، پر تون انهي منجهان ڪجهہ بہ نہ کائيندين: تنهنجو گڏهہ تنهنجي روبرو زبردستيءَ سان کسيو ويندو، ۽ توکي موٽي نہ ملندو: تنهنجون رڍون تنهنجن دشمنن کي ڏنيون وينديون، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو. 32تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيون ٻين ماڻهن کي ڏنيون وينديون، ۽ تنهنجون اکيون پيون نهارينديون، ۽ سارو ڏينهن انهن جو انتظار ڪندي رهجي وينديون: ۽ تنهنجو ڪوبہ وس ڪونہ پڄندو. 33تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين: 34ايتري قدر جو تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريو ٿي پوندين: 35خداوند تنهنجن گوڏن ۾، ۽ تنهنجين ٽَنگن ۾ ڦرڙيون ڪڍي توکي اهڙو آزاريندو، جو تون پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين ڇٽي نہ سگهندين. 36خداوند توکي ۽ جيڪو بادشاهہ تون پنهنجي مٿان مقرر ڪندين، تنهن کي اهڙيءَ قوم ۾ پهچائيندو، جنهن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا. 37۽ جن جن قومن ۾ خداوند توکي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ تون عجب جو، ۽ پهاڪي جو، ۽ چوڻيءَ جو سبب ٿيندين. 38تون گهڻو ٻج ٻنيءَ ۾ کڻي ويندين، پر ٿورو فصل گڏ ڪندين؛ ڇالاءِ جو مڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندا. 39تون ڊاک جا منهہ لڳائيندين، پر نڪي ڊاک گڏ ڪندين، نڪي انهيءَ جي رس پيئندين؛ ڇالاءِ جو ڪينئان اها کائي ويندا. 40تنهنجي سڄي ملڪ ۾ زيتون جا وڻ هوندا، پر تون انهن جو تيل ڪين مکيندين؛ ڇالاءِ جو تنهنجن زيتونن جو ڦر ڇڻي پوندو. 41تون پٽ ۽ ڌيون ڄڻيندين، پر اهي تنهنجا ڪين ٿيندا؛ ڇالاءِ جو اهي قيدي ٿي ويندا. 42تنهنجا سڀ وڻ ۽ تنهنجيءَ زمين جي سڀ پيداوار مڪڙ کائي ويندا. 43جيڪو ڌاريو ماڻهو تنهنجي وچ ۾ هوندو سو توکان وڌندو ويندو؛ ۽ تون گهٽبو ويندين. 44هو توکي قرض ڏيندو، پر تون هن کي قرض ڪين ڏيئي سگهندين: هو اڳيان وڌندو ۽ تون پٺتي ٿيندين. 45سو جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين ۽ جيڪي حڪم، ۽ قانون هن توکي فرمايا آهن، تن کي خبرداريءَ سان نہ مڃيندين؛ تہ اهي سڀ لعنتون تو تي اينديون، ۽ تنهنجي پٺيان پونديون، ۽ توکي اچي پهچنديون، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين: 46۽ اهي تولاءِ ۽ تنهنجي اولاد لاءِ هميشہ تائين، هڪڙي نشان ۽ معجزي وانگر ٿينديون: 47ڇالاءِ جو تو سڀني شين جي گهڻائيءَ هوندي بہ، خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت نہ ڪئي. 48تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو. 49خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛ 50اهڙي خوفناڪ چهري واري قوم، جا نہ پوڙهي جو لحاظ ڪندي، نڪي جوان سان مروت ڪندي. 51اها تنهنجي چوپائي مال جا ٻچا، ۽ تنهنجي زمين کائي ويندي، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين: ۽ اها تنهنجي لاءِ اَن، يا شراب، يا تيل، يا گاين، ۽ ڌڻن جا ٻچا بہ ڪين ڇڏيندي، جيسين ڪ توکي نابود نہ ڪري: 52۽ اها تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيريندي، ۽ جيسين تنهنجون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون: ۽ اها جيڪو ملڪ خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنو آهي، تنهن منجهہ تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪندي. 53۽ انهي گهيري ۾ تنهنجا دشمن توکي اهڙو ڦاسائيندا، جو تون خود پنهنجي اولاد جو، يعني جيڪي پٽ ۽ ڌيون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جو ماس کائيندين. 54۽ جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن، ۽ پنهنجيءَ دل گهري زال ڏانهن، ۽ جيڪي ٻار باقي بچيا هوندس، تن ڏانهن خراب نيت ٿيندي: 55ايتري قدر جو هو پنهنجن ٻارن جو ماس، جيڪو پاڻ کائيندو هوندو، تنهن منجهان ذرو بہ انهن مان ڪنهن کي ڪين ڏيندو، ڇالاءِ جو وٽس ڪي بہ باقي نہ بچندو؛ ڇو جو تنهنجن سڀني شهرن ۾ هو توکي گهيرو ڪري ڦاسائيندا. 56۽ جيڪا زال اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندي، جا پنهنجيءَ نرميءَ ۽ نزاڪت جي ڪري، پنهنجي پير جي تري بہ پٽ تي رکڻ جي همت نہ ڪندي هوندي، تنهن جي بہ پنهنجي دل گهرئي مڙس ڏانهن، ۽ پنهنجي پٽ ڏانهن، ۽ پنهنجي ڌيءَ ڏانهن خراب نيت ٿيندي، 57۽ انهي ننڍڙي ٻار ڏانهن جو هن ڄڻيو هوندو، ۽ سندس سڀني ٻارن ڏانهن سنديس خراب نيت ٿيندي؛ ڇالاءِ جو ڪابہ شيءِ نہ هئڻ ڪري، هوءَ انهن کي لڪ ڇپ ۾ کائي ويندي: ڇو جو تنهنجا دشمن تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪري ڦاسائيندا. 58جيڪڏهن تون هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداري سان عمل نہ ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي جلالي ۽ خوفناڪ نالي کان ڊڄندو نہ رهندين؛ 59تہ پوءِ خداوند تنهنجي اولاد تي عجيب آفتون موڪليندو، يعني وڏيون ۽ گهڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون، ۽ سخت ۽ ڊگهيون بيماريون موڪليندو. 60۽ هو وري توتي بہ مصر جا خراب مرض موڪليندو، جن کان تون ڊڄندو هئين؛ ۽ اهي توکي چهٽي ويندا. 61۽ اهي بيماريون ۽ آفتون، جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي بہ خداوند توتي موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين. 62جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، تہ پوءِ اوهين جي آسمان جي تارن جيترا هئا؛ سي گهڻو گهٽجي ويندا. 63۽ هيئن ٿيندو، تہ جيئن خداوند اوهان مان خوش ٿي اوهان سان ڀلائي ڪندو هو، ۽ اوهان کي وڌائيندو هو؛ تيئن خداوند اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن مان اوهين ڪڍيا ويندا. 64۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي. 65انهن قومن منجهہ توکي سک ڪونہ ملندو، نڪي تنهنجي پير جي تريءَ کي آرام ايندو: خداوند توکي اتي دل جي ڏڪڻي، ۽ اکين جو ڌنڌ، ۽ جان جو جهورو ڏيندو: 66۽ توکي حياتيءَ جي دهشت رهندي؛ ۽ تون رات ڏينهن ڊپ ۾ گذاريندين، ۽ توکي پنهنجيءَ زندگيءَ جي پڪ ڪانہ ٿيندي: 67تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي، پنهنجيءَ دل ۾ اهڙو ڊڄي ويندين، جو صبح جو چوندين، تہ خدا ڪري شل سانجهي ٿئي! ۽ سانجهيءَ جو چوندين، تہ خدا ڪري شل صبح ٿئي! 68جنهن رستي بابت مون توکي چيو هو تہ وري نہ ڏسج، انهي رستي کان خداوند توکي ٻيڙين ۾ چاڙهي مصر ۾ آڻيندو: ۽ اتي اوهين پاڻ کي پنهنجن دشمنن وٽ غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.
شريعت جو دور 29
1حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.
2موسيٰ سڀني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ جيڪي خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهانجين اکين اڳيان، فرعون سان، ۽ سندس سڀني نوڪرن سان، ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛ 3يعني اهي وڏيون آزمائشون، ۽ نشان، ۽ وڏا معجزا جي تنهنجين اکين ڏٺا: 4پر خداوند توکي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجهي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن، ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن. 5مون چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪئي: ۽ نہ اوهان جي بت جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پير جي جتي پراڻي ٿي. 6اوهان اڃا نڪا ماني کاڌي آهي، نڪي اوهان شراب يا ڪو ٻيو نشو پيتو آهي: انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 7جڏهن اوهين هن هنڌ آيا، تڏهن حسبون جو بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، اسان جي برخلاف جنگ ڪرڻ آيا، ۽ اسان انهن کي ماريو: 8۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين. 9تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين تي خبرداري سان عمل ڪريو، تہ اوهين جيڪي ڪريو، تنهن ۾ فتحياب ٿيو.
10اوهين سڀ اڄوڪي ڏينهن خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا آهيو؛ اوهان جا رئيس، اوهان جا قبيلا، اوهان جا بزرگ، اوهان جا عملدار، مطلب تہ اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو. 11اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون، ۽ تنهنجيءَ منزلگاهہ ۾ رهندڙ مسافر، تنهنجي ڪاٺير کان وٺي تنهنجي بهشتيءَ تائين: 12انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجو خدا اڄوڪي ڏينهن توسان جيڪو عهد ٿو ڪري، ۽ قسم ٿو کڻي، تنهن ۾ تون داخل ٿين: 13تہ هو اڄوڪي ڏينهن توکي پنهنجي خاص اُمت ٺهرائي قائم ڪري، ۽ هو تنهنجو خدا ٿئي، جيئن ڪ هن توکي چيو آهي، ۽ جيئن ڪ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو. 14آءٌ رڳو توسان هي عهد نٿو ڪريان، ۽ هي قسم نٿو کڻان؛ 15پر جيڪو بہ اڄ هتي اسان سان خداوند اسان جي خدا جي حضور ۾ بيٺو آهي، ۽ اڄ هتي اسان سان گڏ ناهي، تنهن کي بہ شامل ٿو ڪريان: 16(ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ ڪيئن ٿي رهياسين؛ ۽ جن قومن جي وچ مان اوهان کي لنگهڻو پيو، تن مان ڪيئن نڪري آياسين؛ 17۽ اوهان انهن جون مڪروهہ شيون ڏٺيون، ۽ انهن وٽ جيڪي ڪاٺ ۽ پهڻ، ۽ چانديءَ ۽ سون جا معبود هئا سي بہ ڏٺا): 18سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛ 19۽ هيئن ٿئي، تہ اهڙو ماڻهو لعنت جون هي ڳالهيون ٻڌي، پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجهي، ۽ چوي، تہ جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو ٿي سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندس، تڏهن بہ سلامت رهندس: 20پر خداوند انهي کي معاف نہ ڪندو، ۽ خداوند پنهنجيءَ غيرت جي ڪري انهي ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ سڀ لعنتون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهي ماڻهوءَ تي پونديون، ۽ خداوند انهي جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندو. 21۽ عهد جون سڀ لعنتون جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن موجب سزا ڏيڻ لاءِ خداوند انهي کي اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ڪڍي ڌار ڪندو. 22۽ ايندڙ پيڙهين ۾، اوهان کان پوءِ جيڪو اوهان جو اولاد ٿيندو، ۽ ڌاريا ماڻهو جي ڪنهن ڏورانهين ملڪ کان ايندا، سي جڏهن انهي ملڪ جون آفتون ۽ خداوند جون موڪليل بيماريون ڏسندا، 23۽ هي بہ ڏسندا تہ انهي جي ساري زمين کي گندرف، ۽ شورو لڳو پيو آهي، ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي، جو منجهس نڪا پوک ٿي ٿئي، نڪا پيداوار ٿي ٿئي، نڪو گاهہ ٿو اُڀري: اهو ملڪ سدوم، ۽ عمورہ، ۽ ادمہ، ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جنهن کي خداوند پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ نابود ڪري ڇڏيو: 24تڏهن اهي سڀ قومون پڇنديون، تہ خداوند هن ملڪ سان ائين ڇو ڪيو آهي؟ هيڏيءَ وڏيءَ ڪاوڙ جو سبب ڪهڙو آهي؟ 25تنهن تي ماڻهو چوندا، تہ انهي جو سبب هي آهي، تہ جڏهن خداوند هنن جي ابن ڏاڏن جو خدا کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو، تڏهن ساڻن جيڪو عهد ڪيو هئائين، سو هنن وساري ڇڏيو؛ 26۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن کي سجدو ڪيائون، جن جي کين خبر ڪانہ هئي، ۽ نڪي خداوند کين اهي ڏنا هئا: 27تنهنڪري خداوند هن ملڪ تي ڏاڍو ڪاوڙيو، تہ جيڪي لعنتون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي سڀ انهي تي موڪلي: 28۽ خداوند غصي ۾، ڪاوڙ ۾، ۽ ڏاڍي چڙ ۾ ڀرجي هنن جي ملڪ مان سندن پاڙ پٽي ڪڍي، ۽ کين ٻئي ملڪ ۾ اُڇلايائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 29غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا آهي: پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان جون ۽ اسان جي اولاد جون آهن، انهي لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.
شريعت جو دور 30
1۽ هيئن ٿيندو، تہ جڏهن هي سڀ ڳالهيون توتي اچي پونديون، يعني برڪت ۽ لعنت، جا مون تنهنجي اڳيان رکي آهي، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي هڪالي موڪليندو، تن سڀني ۾ تون انهن کي ياد ڪندين، 2۽ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين، ۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن سڀني موجب تون پنهنجن ٻارن ٻچن سميت، پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، هنن جي فرمانبرداري ڪندين؛ 3تڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجو قيد ڦيرائي ڇڏيندو، ۽ توتي رحم ڪندو، ۽ جن جن قومن ۾ خداوند تنهنجي خدا توکي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان توکي موٽائي آڻي گڏ ڪندو. 4۽ اوهان جي جلاوطن ڪيلن مان جيڪڏهن ڪو زمين جي ڇيڙي تائين هوندو، تہ اتان بہ خداوند تنهنجو خدا توکي آڻي گڏ ڪندو: 5۽ خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ آڻيندو جنهن تي تنهنجي ابن ڏاڏن جو قبضو هو؛ ۽ جنهن تي تنهنجو قبضو ٿيندو؛ ۽ هو توسان ڀلائي ڪندو، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ توکي گهڻو وڌائيندو. 6۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين. 7۽ خداوند تنهنجو خدا اهي سڀ لعنتون تنهنجن دشمنن تي وجهندو، جن توکان نفرت ڪئي، ۽ توکي تڪليف ڏني. 8۽ تون موٽي وڃي خداوند جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ هن جا حڪم جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي عمل ڪندين. 9۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي هٿ جي ڪمن کي، ۽ تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجي ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي، توکي سکي ڪندو: ڇالاءِ تہ جيئن خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن تي خوش هو، تيئن هو وري توتي خوش ٿيندو، ۽ توسان ڀلائي ڪندو: 10بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، شريعت جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين؛ ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان خداوند پنهنجي خدا ڏانهن ڦرندين.
11ڇالاءِ جو هي حڪم جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، سو تنهنجي لاءِ تمام ڏکيو ناهي، نڪي تمام پري آهي. 12اهو آسمان ۾ ڪونهي، جو تون چوين تہ ڪير اسان جي لاءِ مٿي آسمان ۾ ويندو، ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو، تہ اسين انهي تي عمل ڪريون؟ 13نڪي اهو سمنڊ جي پرئين ڀر آهي، جو تون چوين تہ ڪير اسان جي لاءِ سمنڊ جي پار ويندو، ۽ اهو اسان وٽ آڻي اسان کي ٻڌائيندو، تہ اسين انهي تي عمل ڪريون؟ 14پر اهو ڪلام توکي تمام ويجهو آهي: اهو تنهنجي وات ۾، ۽ تنهنجيءَ دل ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون مٿس عمل ڪرين.
15ڏس، مون اڄوڪي ڏينهن تنهنجي اڳيان حياتي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي، ٻئي رکيا آهن؛ 16انهن بابت آءٌ اڄ توکي حڪم ٿو ڏيان، تہ خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪر، ۽ سندس واٽن تي هل، ۽ سندس حڪمن کي، ۽ سندس قانونن کي، ۽ سندس فيصلن کي مڃيندو رهہ، تہ تون جيئرو رهين ۽ وڌندو وڃين، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي. 17پر جيڪڏهن تنهنجي دل ڦري ويندي، ۽ تون نہ ٻڌندين، ۽ ٻئي پاسي ڇڪجي وڃي ٻين معبودن جي بندگي ۽ عبادت ڪندين؛ 18تہ پوءِ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي چتايان ٿو، تہ اوهين ضرور تباهہ ٿي ويندا؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ اوهان جي عمر گهٽجي ويندي. 19آءٌ اڄوڪي ڏينهن آسمان ۽ زمين کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان، تہ مون حياتي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن: تنهنڪري تون حياتيءَ کي پسند ڪر، تہ تون ۽ تنهنجو اولاد جيئرا رهو: 20انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪرين، سندس فرمانبرداري ڪرين، ۽ منجهس قائم رهين: ڇالاءِ جو اهو ئي تنهنجي حياتي ۽ تنهنجي عمر جي درازي آهي: تہ جنهن ملڪ بابت خداوند تنهنجي خدا تنهنجي ابن ڏاڏن کي، يعني ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو هو تہ اوهان کي ڏيندس، تنهن ۾ تون وڃين رهين.
شريعت جو دور 31
1۽ موسيٰ وڃي سڀني اسرائيلين کي اهي ڳالهيون ٻڌايون. 2۽ انهن کي چيائين، تہ اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهن ورهين جي آهي، هاڻي آءٌ اندر ٻاهر اچي وڃي نٿو سگهان: ۽ خداوند مون کي چيو آهي، تہ تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين. 3سو هاڻي خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان پار ويندو؛ ۽ هو انهن قومن کي تنهنجي اڳيان برباد ڪندو، ۽ تون انهن تي قبضو ڪندين: ۽ يشوع تنهنجي اڳيان پار ويندو، جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي. 4۽ خداوند انهن سان ائين ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج سان، ۽ انهن جي ساري ملڪ سان ڪيو هئائين؛ جن کي هن برباد ڪري ڇڏيو. 5جڏهن خداوند انهن کي اوهان جي حوالي ڪري، تڏهن اوهين ساڻن انهن سڀني حڪمن موجب هلت ڪجو، جي مون اوهان کي ڏنا آهن. 6زور ڀريا ۽ همت وارا ٿيو، ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا پاڻ تو سان ٿو هلي؛ هو توکي نااُميد نہ ڪندو، نڪي توکي ڇڏي ڏيندو. 7پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، سڀني اسرائيلين جي اڳيان چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿيءُ: ڇالاءِ جو تون هن اُمت سان گڏجي انهي ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي چيو هو تہ هنن کي ڏيندو؛ ۽ تون هنن کي انهي جو وارث ڪندين. 8۽ خداوند پاڻ تنهنجي اڳيان ٿو هلي، اهو توسان رهندو، هو توکي نااُميد نہ ڪندو، نڪي توکي ڇڏي ڏيندو: ڊڄ نہ، ۽ نہ ڪو خوف ڪر.
9۽ موسيٰ هيءَ شريعت لکي بني لاويءَ کي، جي ڪاهن هئا، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏني. 10۽ موسيٰ انهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ ستن ورهين جي پڇاڙيءَ ۾، ڇوٽڪاري واري سال جي مقرر ڪيل وقت تي، تنبن واريءَ عيد تي، 11جڏهن سڀ اسرائيلي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ اچي حاضر ٿين، تڏهن تون هيءَ شريعت سڀني اسرائيلين کي پڙهي ٻڌائج. 12۽ تون سڀني ماڻهن کي، يعني مردن ۽ زالن ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي پرديسي تنهنجي شهر ۾ هجن، تن سڀني کي گڏ ڪج، تہ اهي ٻڌن، ۽ سکن، ۽ خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄندا رهن، ۽ هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪن؛ 13۽ انهن جا ٻار، جن کي ڪابہ خبر ڪانهي، سي بہ ٻڌن، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ جيستائين اوهين رهو تيستائين اهي خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکن.
14پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجها آيا آهن: سو تون يشوع کي سڏ ۽ اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي حڪم ڏيان. تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي جماعت واري تنبوءَ ۾ حاضر ٿيا. 15۽ خداوند تنبوءَ منجهہ ڪڪر جي ٿنڀ ۾ ظاهر ٿيو: ۽ اهو ڪڪر جو ٿنڀ تنبوءَ جي در تي بيهي رهيو. 16تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا. 17تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي. 18۽ ٻين معبودن ڏانهن ڦري جيڪي برايون اهي ڪندا، تن سڀني جي ڪري آءٌ ضرور کانئن پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيندس. 19تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجي لاءِ هي گيت لکو، ۽ اهو تون بني اسرائيل کي سيکار: ۽ کين ياد ڪراءِ تہ ڀلي اهو گيت بني اسرائيل تي منهنجي پاران شاهد هجي. 20ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا. 21۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن. 22سو موسيٰ اهو گيت انهي ساڳي ڏينهن لکيو، ۽ بني اسرائيل کي سيکاريائين. 23۽ هن نون جي پٽ يشوع کي نصيحت ڪئي، ۽ چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿي؛ ڇالاءِ جو تون بني اسرائيل کي انهي ملڪ ۾ آڻيندين جنهن بابت مون ساڻن قسم کنيو هو: ۽ آءٌ توسان هوندس.
24۽ هيئن ٿيو، تہ جڏهن موسيٰ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي چڪو، ۽ اهي پوريون ٿيون، 25تڏهن لاوي، جي خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، تن کي موسيٰ حڪم ڏيئي چيو، تہ 26هي شريعت جو ڪتاب کڻي، خداوند پنهنجي خدا جي عهد جي صندوق جي پاسي ۾ رکو، تہ ڀلي تہ اها اوهان تي شاهدي هجي. 27ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي بغاوت ۽ اوهان جي هٺ جي خبر آهي: ڏسو، اڄ تائين آءٌ اوهان سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ اوهان خدا جي برخلاف بغاوت پئي ڪئي آهي؛ سو منهنجي مُئي کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا؟ 28اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني بزرگن کي، ۽ پنهنجي عملدارن کي مون وٽ وٺي اچو، تہ آءٌ انهن جي ٻڌندي هي ڳالهيون چوان، ۽ آسمان ۽ زمين کي مٿن شاهد ڪريان. 29ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اوهين پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا، ۽ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن کان ڦري ويندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ اوهان تي ڏک ايندا؛ ڇالاءِ جو اوهين اهي ڪم ڪندا جي خداوند جي نظر ۾ خراب آهن، ۽ اوهين پنهنجن هٿن جي ڪمن سان هن کي غصو ڏياريندا.