Skip to content
ابراهيم جي نشاني (حصو 2) – قرآن ابراهيم جي نشاني (حصو 2) – توراتt

Surat 37: 83-84,99-101 (The Saffat)

83۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.

.

84(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.

99.۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).

100.اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.

101.پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.

Genesis 15:1-6

1هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان. 2ابرام چيو تہ اي خداوند خدا تون مون کي ڇا ڏيندين؟ آءٌ تہ بي اولاد آهيان ۽ منهنجي گهر جو مختيار اليعزر دمشقي آهي. 3وري ابرام چيو تہ ڏس، تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، ۽ هڪڙو غلام جو منهنجي گهر ۾ ڄائو آهي سو منهنجو وارث ٿيندو. 4تڏهن خداوند جو ڪلام هن تي نازل ٿيو ۽ چيائينس تہ هي ماڻهو تنهنجو وارث نہ ٿيندو، پر جيڪو تو مان پيدا ٿيندو سو ئي تنهنجو وارث ٿيندو. 5۽ هو کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ هاڻي آسمان ڏانهن نهار، ۽ جي تارن کي ڳڻي سگهين تہ ڳڻ: ۽ چيائينس تہ تنهنجو اولاد ايترو ٿيندو. 6۽ هن خداوند تي ايمان آندو؛ ۽ هن اهو سندس لاءِ راستبازي شمار ڪيو.