Skip to content

لاوي سرشتو 16

1جڏهن هارون جا ٻہ پٽ خداوند جي حضور ۾ ويجهو آيا ۽ مري ويا، تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو، 2۽ چيائينس تہ تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر پاڪ مڪان ۾ صندوق جي مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي، تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي؛ تہ هو مري نہ پوي: ڇالاءِ جو آءٌ رحمت جي پوش تي ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندس.
 3۽ جڏهن هارون پاڪ مڪان ۾ اچي تڏهن هن ريت داخل ٿئي: يعني گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي. 4هو سڻيءَ جو پهراڻ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي، ۽ سڻيءَ جو ڪمربند ٻڌي، ۽ مٿي تي سڻيءَ جي پڳڙي رکي: اهي پاڪ ڪپڙا آهن؛ تنهنڪري هو وهنجي پوءِ اهي ڍڪي. 5۽ هو بني اسرائيل جي جماعت مان گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻہ ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي. 6۽ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري. 7پوءِ هو ٻہ ٻڪر جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي. 8۽ هارون اُنهن ٻن ٻڪرن تي پُکا وجهي: هڪڙو پُکو خداوند جي لاءِ، ۽ ٻيو عزازيل جي لاءِ. 9پوءِ جنهن ٻڪر تي خداوند جي لاءِ پُکو پوي، تنهن کي هارون آڻي حاضر ڪري، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. 10پر جنهن ٻڪر تي عزازيل جي لاءِ پُکو پوي، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪيو وڃي، ۽ پوءِ عزازيل جي لاءِ بيابان ۾ ڇڏيو وڃي.
 
11پوءِ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي کي حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو ذبح ڪري. 12پوءِ هو هڪڙو لوبان دان کڻي، انهي کي خداوند جي اڳيان قربانگاهہ تان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري، ۽ خوشبودار لوبان ڪُٽي سنهو ڪري، ۽ انهي سان پنهنجون مٺيون ڀري پردي جي اندر آڻي: 13پوءِ هو اهو لوبان خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجهي، تہ لوبان جو دونهون شاهديءَ تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، تہ هو مري نہ پوي: 14پوءِ هو انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي، پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش تي اڀرندي پاسي ڇاٽاري؛ ۽ اهو رت پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳيان ست ڀيرا ڇاٽاري. 15تنهن کان پوءِ هو گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر کي ذبح ڪري، جو اُمت جي واسطي آهي، ۽ انهي جو رت پردي جي اندر آڻي، ۽ انهي جي رت سان بہ ائين ئي ڪري، جيئن وهڙي جي رت سان ڪيو هئائين، يعني اهو رحمت جي پوش تي ۽ رحمت جي پوش جي اڳيان ڇاٽاري. 16۽ هو پاڪ مڪان جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪيءَ سبب، ۽ انهن جي قصورن سبب، يعني انهن جي سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪري: ۽ ساڳيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي لاءِ بہ ڪري، جو ساڻن گڏ سندن ناپاڪيءَ جي وچ ۾ رهي ٿو. 17۽ جيڪڏهن هو پاڪ مڪان ۾ ڪفارو ڪرڻ لاءِ اندر وڃي، تڏهن، جيسين هو پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ، ۽ اسرائيل جي ساري جماعت جي لاءِ، ڪفارو ڪري ٻاهر نہ اچي، تيسين ڪوبہ ماڻهو جماعت واري تنبوءَ ۾ نہ رهي. 18پوءِ هو ٻاهر نڪري، خداوند جي حضور ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، اتي اچي، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ ۽ وهڙي جي رت مان، ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجهہ کڻي، قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳائي. 19۽ انهي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان ست ڀيرا انهيءَ تي ڇاٽاري، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪري، يعني بني اسرائيلين جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري. 20۽ جڏهن هو پاڪ مڪان ۽ جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪري چڪي، تڏهن اهو جيئرو ٻڪر آڻي حاضر ڪري: 21۽ هارون انهي جيئري ٻڪر جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکي، ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، ۽ سڀني قصورن، يعني انهن جي سڀني گناهن جو انهي تي قبولدار ٿئي؛ ۽ هو اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي، پوءِ جيڪو ماڻهو انهي ڪم لاءِ مقرر ڪيل هجي، تنهن جي هٿان انهي ٻڪر کي بيابان ڏانهن موڪلي ڇڏي: 22۽ اهو ٻڪر انهن جون سڀ بدڪاريون کڻي ڪنهن ويران پٽ ۾ ويندو: پوءِ هو انهي ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي ڏئي. 23پوءِ هارون جماعت واري تنبوءَ ۾ اچي اهي سڻيءَ جا ڪپڙا لاهي، جيڪي پاڪ مڪان ۾ وڃڻ مهل پاتا هئائين، ۽ اهي اتي رکي ڇڏي.
 
24۽ پاڻ ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي وهنجي، ۽ پنهنجا ڪپڙا پائي ٻاهر اچي، ۽ پنهنجي سوختني قرباني، ۽ اُمت جي سوختني قرباني چاڙهي، ۽ پنهنجي لاءِ توڙي اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪري. 25۽ گناهہ جي قربانيءَ جي چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. 26۽ جيڪو ماڻهو عزازيل جي لاءِ ٻڪر کي ڇڏڻ وڃي، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي. 27۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو ٻڪر، جنهن جو رت ڪفاري ڪرڻ لاءِ پاڪ مڪان ۾ آندو هئائين، تن کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃن؛ ۽ انهن جون کلون، ۽ گوشت، ۽ ڇيڻو، ۽ ڦولڙيون باهہ ۾ ساڙي ڇڏين. 28۽ جيڪو اهي ساڙي، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجي، ۽ پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي.
29اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ اوهان مان هرڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي ملڪ جو هجي، يا پرديسي، جو اوهان منجهہ اچي رهيو هجي، مطلب تہ اوهين سڀيئي پنهنجي روح جي رياضت ڪجو، ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: 30انهي ڏينهن اوهان کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪفارو ڪيو ويندو، ۽ اوهين پنهنجن سڀني گناهن کان خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيندا. 31اهو اوهان جي آرام لاءِ پاڪ سبت آهي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي. 32۽ جيڪو بہ ڪاهن مسح ڪيو وڃي، ۽ جيڪو پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو وڃي، سو ڪفارو ڪري، ۽ سڻيءَ جا ڪپڙا، يعني پاڪ پوشاڪ ڍڪي: 33۽ هو پاڪ مڪان جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ هو جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ ۽ هو ڪاهن جي لاءِ، ۽ جماعت جي سڀني ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ڪري. 34۽ اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو، تہ سال ۾ هڪڙو ڀيرو بني اسرائيل جي لاءِ، سندن سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪيو وڃي، سو هن ائين ئي ڪيو جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.