Skip to content

متي 5-7

1۽ هو ميڙاڪا ڏسي جبل تي چڙهي ويو: ۽ جڏهن هو ويهي رهيو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا: 2۽ هو پنهنجو وات کولي هنن کي تعليم ڏيڻ لڳو تہ:
3مبارڪ آهن اُهي جي دل جا غريب آهن، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن ئي جي آهي. 4مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي. 5مبارڪ آهن اُهي جي حليم آهن، ڇالاءِ جو اُهي زمين جا وارث ٿيندا. 6مبارڪ آهن اُهي جي سچائيءَ جا بکايل ۽ اُڃايل آهن، ڇالاءِ جو اُهي ڍائبا. 7مبارڪ آهن اُهي جي رحم دل آهن، ڇالاءِ جو اُنهن تي رحم ٿيندو. 8مبارڪ آهن اُهي جي دل جا پاڪ آهن، ڇالاءِ جو اُهي خدا کي ڏسندا. 9مبارڪ آهن اُهي جي صلح ٿا ڪرائين، ڇالاءِ جو اُهي خدا جا ٻار سڏبا. 10مبارڪ آهن اُهي جن کي سچائيءَ جي ڪري ستائين ٿا، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن جي ئي آهي.
11مبارڪ اوهين تڏهن آهيو، جڏهن منهنجي نالي ماڻهو اوهان کي طعنا هڻندا، ۽ ستائيندا، ۽ بي گناهہ اوهان تي هر طرح جي تهمت لڳائيندا. 12خوشي ڪريو ۽ ڏاڍا سرها ٿيو، ڇالاءِ جو اوهان جو اجر آسمان ۾ وڏو آهي: ڇوتہ جيڪي نبي اوهان کان اڳي هئا تن کي بہ انهي طرح ستايو هئائون. 13اوهين زمين جو لوڻ آهيو: پر جيڪڏهن لوڻ جو سواد هليو وڃي تہ هن کي ڇا سان سلوڻو ڪبو؟ انهي کانپوءِ اُهو ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ آهي، پر رڳو هن لائق آهي تہ اُڇلائي ڇڏجي، ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺ لتاڙجي. 14اوهين جهان جي روشني آهيو، جو شهر ٽڪر تي بيٺل آهي، سو لڪي نہ سگهندو. 15نڪي ماڻهو ڏيئو ٻاري ٽوئي هيٺ ٿا رکن، پر ڏياٽيءَ تي ٿا رکن، تہ گهر ۾ جيڪي ماڻهو آهن تن کي سوجهرو ڏئي. 16ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.
17ائين نہ ڀانئيو تہ آئون توريت يا نبين جي لکيت کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آئون منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر پوري ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. 18ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين آسمان ۽ زمين ٽري نہ وڃن، تيسين توريت جي سڀني ڳالهين پورين ٿيڻ کان سواءِ، انهن مان ڪنهن بہ طرح هڪڙي زبر يا هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ويندو. 19تنهنڪري جيڪو بہ هنن تمام ننڍن حڪمن مان هڪڙو ڀڃندو، ۽ ماڻهن کي ائين سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ائين سيکاريندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ وڏو سڏبو. 20ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهان جي سچائي فقيهن ۽ فريسين جي سچائيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تہ اوهين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل نہ ٿيندا.
21اوهان ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو تہ تون خون نہ ڪر، ۽ جيڪو خون ڪندو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو. 22پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو. 23تنهنڪري جيڪڏهن تون پنهنجو نذرانو قربانگاهہ تي آڻي چاڙهين، ۽ اُتي ياد پويئي تہ منهنجي ڀاءُ جو مون ڏانهن ڪو رنج آهي، 24تہ پنهنجو نذرانو اُتي قربانگاهہ جي اڳيان ڇڏي، پهرين وڃي پنهنجي ڀاءُ سان پرچ، پوءِ اچي پنهنجو نذرانو چاڙهہ. 25جيسين تون پنهنجي مدعيءَ سان گڏ واٽ ۾ آهين، تيسين جلدي ڪري هن سان ٺاهہ ڪري وٺ، متان اُهو مدعي توکي منصف جي حوالي ڪري، ۽ منصف توکي فوجدار جي حوالي ڪري، ۽ تون قيد ۾ وڃي پوين. 26آئون توکي سچ ٿو چوان تہ جيسين تون پائي پائيءَ تي چاڙهي نہ ڏيندين، تيسين ڪنهن بہ پر اُتان نڪرندين ئي ڪين.
27اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون زنا نہ ڪر: 28پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن زال ڏانهن بڇڙي نگاهہ سان ٿو نهاري، سو پنهنجي دل ۾ هن سان زنا ڪري چڪو. 29۽ جيڪڏهن تنهنجي ساڄي اک توکي ڀُلائي تہ اُها پٽي ڪڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي. 30۽ جيڪڏهن تنهنجو ساڄو هٿ توکي ڀُلائي تہ اُهو وڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي. 31هيئن بہ چيو ويو هو تہ جيڪو پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي: 32پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي زال کي زنا جي سبب کانسواءِ ڪڍي ٿو ڇڏي، سو هن کي زناڪار ٿو ڪري: ۽ جيڪو انهيءَ نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو.
33ٻيو اوهان ٻڌو آهي تہ اڳوڻي زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو، تہ تون ڪوڙو قسم نہ کڻ، پر پنهنجا قسم خداوند جي حضور ۾ پورا ڪر: 34پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ؛ نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ جو اُهو خدا جو تخت آهي؛ 35نڪي زمين جو، ڇالاءِ جو اُها سندس پيرن جي صندلي آهي؛ نڪي يروشلم جو، ڇالاءِ جو اُهو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي. 36نڪي تون پنهنجي سر جو قسم کڻ، ڇالاءِ جو تون هڪڙي وار کي اڇو يا ڪارو ڪري نٿو سگهين. 37پر اوهان جي گفتگو ها جي ها؛ نہ جي نہ هئڻ گهرجي: ۽ جيڪي انهن کان وڌيڪ آهي سو بڇڙائيءَ مان آهي.
38اوهان ٻڌو آهي جو چيو ويو هو، تہ اک جي عيوض ۾ اک، ۽ ڏند جي عيوض ۾ ڏند: 39پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بڇڙو آهي، تنهن جي سامهون نہ ٿيو: پر جيڪو توکي تنهنجي ساڄي ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي. 40۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو تي عدالت ۾ دعويٰ ڪرڻ گهري، ۽ تنهنجو پهراڻ کڻي وڃي، تہ انهي کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ. 41جيڪو توکي بيگر ۾ هڪڙو ميل وٺي وڃي، تنهن سان ٻہ ميل وڃ. 42جيڪو توکان ڪي گهري، تنهن کي ڏي، ۽ جيڪو توکان اُڌارو وٺڻ گهري، تنهن کان منهن نہ موڙ.
43اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيار ڪر، ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت رک: 44پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛ 45تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي. 46ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين انهن کي پيار ڪندا جي اوهان کي پيار ٿا ڪن، تہ پوءِ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ محصولي ٺيڪيدار بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟ 47۽ جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪندا، تہ پوءِ ٻين کان وڌيڪ اوهان ڇا ڪيو؟ غير قومن وارا بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟ 48تنهنڪري جيئن اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو ڪامل آهي، تيئن اوهين بہ ڪامل ٿيو.

1خبردار ٿيو، متان ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ انهن جي اڳيان چڱا ڪم ڪريو، نہ تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن کان اجر ڪونہ ملندوَ: 2تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو. 3پر جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن هيئن ڪر جو جيڪي تنهنجو ساڄو هٿ ڪري، تنهن جي کاٻي کي خبر بہ نہ پوي: 4تہ تنهنجون خيراتون ڳجهيون رهن؛ ۽ تنهنجو پيءُ، جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اُنهي جو اجر ڏيندو. 5۽ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن رياڪارن جهڙا نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي عبادتگاهن ۾ ۽ گهٽين جي ڪنڊن تي بيهي دعا گهرڻ پسند ٿا ڪن، انهي لاءِ تہ ڀلي ماڻهو کين ڏسن، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو. 6پر جڏهن تون دعا گهرين، تڏهن پنهنجي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ، ۽ در پوري پنهنجي پيءُ کان دعا گهر، جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اجر ڏيندو. 7۽ دعا گهرڻ مهل اجايا لفظ وري وري نہ چئو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آهن؛ ڇالاءِ جو هو ڀائين ٿا تہ گهڻي چوڻ ڪري اسان جي ٻُڌڻ ۾ ايندي. 8تنهنڪري انهن جهڙا نہ ٿيو، ڇوتہ جن شين جي اوهان کي ضرورت آهي، تنهن جي اوهان جي پيءُ کي اوهان جي گهرڻ کان اڳيئي خبر آهي. 9تنهنڪري اوهين هن طرح دعا گهرو تہ اي اسان جا بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ ڪري ڄاڻجي، 10تنهنجي بادشاهي اچي، تنهنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿيندي آهي، تيئن زمين تي بہ ٿئي. 11اسان جي روز جي ماني اڄ اسان کي ڏي، 12اسان جا قرض اسان کي معاف ڪر، جيئن اسان بہ پنهنجن قرضين کي معاف ڪيو آهي. 13۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.) 14ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف ڪندا، تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو بہ اوهان کي معاف ڪندو. 15پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو پيءُ بہ اوهان جا ڏوهہ معاف ڪين ڪندو.

16۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو. 17پر جڏهن تون روزو رکين، تڏهن پنهنجي مٿي تي تيل مک ۽ پنهنجو منهن ڌوءُ، 18تہ ماڻهو توکي روزائتو نہ سمجهن پر تنهنجو پيءُ جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، سو توکي ڏسي: ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ٿو ڏسي، سو توکي اجر ڏيندو.
19پنهنجي لاءِ زمين تي مال گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئون ۽ ڪٽ کايو ڇڏي، ۽ جتي چور کاٽ هڻي چورايو وڃن. 20پر پنهنجي لاءِ آسمان ۾ مال گڏ ڪريو، جتي نڪي ڪينئون، نڪي ڪٽ ٿي کائي، ۽ جتي نہ چور کاٽ هڻي چورائين ٿا. 21ڇالاءِ جو جتي تنهنجو مال هوندو، اُتي ئي تنهنجي دل بہ هوندي. 22بدن جو ڏيئو آهي اک، تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجي اک ٺيڪ هوندي تہ تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل هوندو. 23پر جي تنهنجي اک بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن اوندهہ سان ڀريل هوندو. تنهنڪري جيڪا روشني تو ۾ آهي، سا جي اوندهہ ٿي پيئي تہ اُها ڪيڏي نہ وڏي اوندهہ چئبي. 24ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا. 25تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان جو فڪر نہ ڪريو، تہ اسين ڇا کائينداسين، يا ڇا پيئنداسين؛ نڪي پنهنجي بُت جو فڪر ڪريو تہ ڇا ڍڪينداسين؛ جان کاڌي کان ۽ بُت ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ 26آسمان جا پکي ڏسو، جو اُهي نہ پوکين ۽ نہ لڻن، ۽ نڪي ڪي ڀانڊن ۾ گڏ ڪري رکن ٿا؛ تہ بہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو هنن کي کارائي ٿو. اوهين هنن کان گهڻو وڌيڪ نہ آهيو ڇا؟ 27اوهان مان ڪير فڪر ڪرڻ سان پنهنجو قد هڪڙو هٿ وڌائي سگهندو؟ 28۽ اوهين ڪپڙن جو فڪر ڇو ٿا ڪريو؟ جهنگ جا گل سوسن جاچي ڏسو، تہ ڪيئن ٿا اُڀرن، اُهي نڪي پورهيو ڪن، نڪي ڪَتين. 29تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خود سليمان پنهنجي سموري شان هوندي بہ اُنهن مان هڪڙي جهڙو پهريل نہ هو. 30پر جيڪڏهن جهنگ جو گاهہ جو اڄ آهي ۽ سڀاڻي کڻي کوري ۾ اُڇلبو، تنهن کي خدا اهڙيءَ طرح ٿو پهرائي، تڏهن اي ڪم اعتقادو، اوهان کي هو اُنهن کان گهڻو وڌيڪ نہ پهرائيندو ڇا؟ 31تنهنڪري اوهين فڪر نہ ڪريو، تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين، يا ڇا ڍڪينداسين؟ 32ڇالاءِ جو غير قومن وارا انهن سڀني جا ڳولائو آهن؛ ۽ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي خبر آهي تہ اوهان کي انهن سڀني شين جي گهرج آهي. 33پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون. 34تنهنڪري سڀاڻي جو فڪر نہ ڪريو، ڇالاءِ جو سڀاڻو پنهنجي لاءِ پاڻ فڪر ڪندو؛ اڄ جو ڏک اڄ لاءِ ئي بس آهي.
1عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي. 2ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو. 3۽ تنهنجي ڀاءُ جي اک ۾ جو ڪٽر آهي سو تون ڇو ٿو ڏسين، پر جڏهن خود تنهنجي اک ۾ جو شهتير آهي تنهن جو خيال ئي نٿو ڪرين. 4يا تون ڪيئن پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن خود تنهنجي اک ۾ شهتير پيو آهي. 5اي رياڪار پهرين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ صاف ڏسي پنهنجي ڀاءُ جي اک مان ڪٽر ڪڍي سگهندين.
6جيڪي پاڪ آهي سو ڪتن کي نہ ڏيو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن جي اڳيان اُڇلائي وجهو، تہ متان هو اُنهن کي پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙين ۽ ڦري اچي اوهان کي ڏارين.
7گهُرو تہ مليوَ؛ ڳوليو تہ لڀيوَ؛ کڙڪايو تہ پَٽجيوَ. 8ڇالاءِ جو جيڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو سو لهي ٿو، ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو. 9يا اوهان ۾ اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو جيڪڏهن سندس پٽ کانئس ماني گهري تہ پهڻ ڏئيس؟ 10يا جي هن کان مڇي گهري تہ سپ ڏئيس؟ 11تنهنڪري اوهين جي بڇڙا آهيو سي جڏهن پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو جيڪي کانئس گهرن ٿا، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ چڱيون شيون ڏيندو؟ 12تنهنڪري جيڪي بہ اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان ڪن، اُوئين اوهين بہ ساڻن ڪريو، ڇالاءِ جو توريت توڙي نبين جو حڪم اهو ئي آهي.
13اوهين سوڙهي در کان اندر گهڙو: ڇالاءِ جو اُهو در ويڪرو آهي، ۽ اُهو رستو ڪشادو آهي، جو برباديءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ منجهان اندر ٿا وڃن سي گهڻا آهن. 14پر اهو در سوڙهو آهي، ۽ اُهو رستو تنگ آهي، جو زندگيءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جن کان اهو لڀي ٿو سي ٿورا آهن.
15ڪوڙن نبين کان سنڀالجو، جيڪي رڍن جي ويس ۾ اوهان وٽ اچن ٿا پر اندر ۾ اُهي ڦاڙيندڙ بگهڙ آهن. 16اُنهن جي ڦلن مان اوهين کين سڃاڻندا. ماڻهو ڪنڊن مان ڊاک يا ڪانڊيرن مان انجير ڇنندا آهن ڇا؟ 17انهيءَ طرح سڀڪو چڱو وڻ چڱو ڦل ڏئي ٿو، پر خراب وڻ خراب ڦل ٿو ڏئي. 18چڱو وڻ خراب ڦل ڏيئي نٿو سگهي، نڪي خراب وڻ چڱو ڦل ڏيئي ٿو سگهي. 19جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو آهي. 20تنهنڪري اوهين سندن ڦلن مان کين سڃاڻندا. 21جيڪو مون کي خداوند، خداوند ڪري ٿو چوي، سو سڀڪو آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندو، پر منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ تي جيڪو هلي ٿو، سو ئي داخل ٿيندو. 22انهي ڏينهن گهڻا مون کي چوندا تہ اي خداوند، اي خداوند، اسان تنهنجي نالي پيشنگوئيون نہ ڪيون ڇا، ۽ اسان تنهنجي نالي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ ۽ تنهنجي نالي گهڻا ئي معجزا نہ ڪيا ڇا؟ 23تڏهن آئون کين صاف چوندس تہ مون اوهان کي ڪڏهن بہ نہ سڃاتو: اي بدڪارو، مون وٽان ٽري وڃو. 24تنهنڪري جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪري، سو اُنهي ڏاهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن پنهنجو گهر ٽڪر تي اڏايو. 25پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهيءَ گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون؛ پر اُهو ڪِريو ئي ڪين: ڇالاءِ جو اُنهي جو بنياد ٽڪر تي هو. 26۽ جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل نٿو ڪري، سو اُنهيءَ جاهل ماڻهوءَ جي مثل آهي، جنهن پنهنجو گهر واريءَ تي اڏايو: 27۽ پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهي گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون، ۽ اُهو ڪِري پيو ۽ برباد ٿي ويو.
28۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن خلق هن جي تعليم ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويئي: 29ڇالاءِ جو هن ائين ٿي سيکاريو جيئن ڪو اختيار وارو سيکاري، ۽ نہ سندن فقيهن وانگر