1سو يعقوب وڃي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو، جتي سندس پيءُ مسافر ٿي گذاريندو هو. 2يعقوب جي نسل جو احوال هن ريت آهي.
جڏهن يوسف سترهن ورهين جو ٿيو، تڏهن پنهنجي ڀائرن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو، ۽ اُهو ڇوڪر پنهنجي پيءُ جي زالن بلهاہ ۽ زلفہ جي پٽن سان گڏ رهندو هو، ۽ انهن جي برن ڪمن جي خبر پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو. 3هاڻي، اسرائيل يوسف کي پنهنجي سڀني پٽن کان وڌيڪ پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو اهو سندس پيريءَ ۾ پيدا ٿيو، ۽ هن کي هڪڙو رنگارنگي ڪُرتو جوڙائي ڏنو هئائين. 4پر جڏهن هن جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ هن کي سندس سڀني ڀائرن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪري تڏهن هو سندس حقارت ڪرڻ لڳا، ۽ ساڻس چڱيءَ طرح ڪين ڳالهائيندا هئا.
5پوءِ يوسف هڪڙو خواب لڌو، جو هن پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو، انهيءَ ڪري هو سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا. 6هن کين چيو تہ مون جيڪو خواب لڌو آهي، سو ڀلائي ڪري ٻڌو: 7ڏسو اسان ٻنيءَ ۾ ڪانن جا گڏا پئي ٻڌا، تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اُڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا هن جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ منهنجي گڏي کي سجدو ڪيائون. 8تڏهن سندس ڀائرن چيس تہ تون سچ پچ اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا سچ پچ اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟ ۽ هن جي خوابن ۽ ڳالهين ڪري، هو پاڻ سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا. 9پوءِ هن وري ٻيو خواب لڌو، ۽ اهو بہ هن پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو ۽ چيائين تہ ڏسو، مون وري هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي؛ ۽ ڏسو، سج، چنڊ ۽ يارهن تارن مون کي سجدو ڪيو. 10هن اهو پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو، تڏهن پڻس ڇينڀي چيس تہ هي تو ڪهڙو خواب لڌو آهي؟ آءٌ ۽ تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر سچ پچ تنهنجي اڳيان زمين تائين جهڪي سجدو ڪنداسين ڇا؟ 11انهيءَ ڪري سندس ڀائر ساڻس حسد ڪرڻ لڳا؛ پر سندس پيءُ اها ڳالهہ دل ۾ رکي.
12پوءِ سندس ڀائر سڪم ۾ پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ ويا. 13۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ ڪين ٿا چارين؟ اچ تہ آءٌ توکي انهن وٽ موڪليان. ۽ هن چيس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 14تڏهن هن چيس تہ وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر خوش چڱا ڀلا آهن، ۽ ڌڻ تہ صحيح سلامت آهي؛ ۽ موٽي اچي مون کي خبر ڏي. سو کيس حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيائين ۽ هو سڪم ۾ آيو. 15اتي هڪڙي ماڻهوءَ هن کي ڏٺو تہ هو جهنگ ۾ پيو رلي: سو پڇيائينس تہ تون ڇا ٿو ڳولين؟ 16هن چيو تہ آءٌ پنهنجن ڀائرن کي ٿو ڳوليان: ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ اُهي پنهنجو ڌڻ ڪٿي ٿا چارين. 17تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ اهي هتان هليا ويا آهن؛ ڇالاءِ جو مون کين چوندو ٻڌو تہ هلو تہ دوتين ڏانهن هلون. پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن جي پٺيان ويو ۽ دوتين ۾ وڃي کين گڏيو. 18هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو ۽ اڃا هو سندن ويجهو ئي ڪونہ آيو، تہ پاڻ ۾ منصوبو ڪيائون تہ هن کي قتل ڪري ڇڏيون. 19۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اِجهو خوابن لهڻ وارو ٿو اچي. 20سو هاڻي اچو تہ هن کي قتل ڪري، ڪنهن کڏ ۾ اُڇلائي وجهون، پوءِ چونداسين تہ ڪو جهنگ جو مرون کائي ويو اٿس: پوءِ ڏسون تہ هن جي خوابن جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري. 21پر روبن اها ڳالهہ ٻڌي هن کي سندن هٿان بچايو، ۽ چيائين تہ هن کي ماري نہ وجهون. 22سو روبن هنن کي چيو تہ رت نہ وهايون؛ پر هتي رڻ پٽ ۾ جا هيءَ کڏ آهي، تنهن ۾ کڻي اُڇلايوس، پر وڌيڪ هٿ نہ لايوس: هن جو خيال هو تہ کيس هنن جي هٿان ڇڏائي سندس پيءُ وٽ پهچايان. 23۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن وٽ آيو، تڏهن جيڪو رنگارنگي ڪُرتو پيو هوس، سو لاهي ورتائونس، 24۽ پوءِ انهيءَ کڏ ۾ کڻي اڇلايائونس: اها کڏ سڪل هئي، منجهس پاڻي ڪونہ هو.
25پوءِ هو ويهي ماني کائڻ لڳا، ۽ هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڇا ٿا ڏسن تہ اسماعيلين جو هڪڙو قافلو جلعاد کان ٿو اچي ۽ ساڻن گڏ اُٺن تي مصالحہ، سرهاڻيون ۽ مُر آهي، جي مصر ڏانهن کڻي ٿا وڃن. 26تڏهن يهوداہ پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ جي اسين پنهنجي ڀاءُ کي ماري، سندس خون لڪائي ڇڏينداسين تہ ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ 27اچو تہ هن کي اسماعيلين جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ وڌيڪ هٿ نہ لايونس؛ ڇالاءِ جو هو اسان جو ڀاءُ ۽ اسان جو رت آهي. سندس ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي. 28پوءِ اُتان مدياني سوداگر اچي لنگهيا؛ ۽ هنن يوسف کي کڏ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ کيس اسماعيلين جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي وڪڻي ڇڏيائون. ۽ اهي يوسف کي مصر ۾ وٺي ويا.
29پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا. 30۽ پنهنجن ڀائرن وٽ موٽي اچي چوڻ لڳو تہ، ڇوڪر تہ آهي ئي ڪونہ، هاڻي آءٌ ڪيڏانهن وڃان؟ 31پوءِ هنن يوسف جو ڪُرتو کنيو، ۽ هڪڙو ٻڪر ڪهي، تنهن جي رت ۾ اهو ڪُرتو ٻوڙيائون؛ 32پوءِ هنن اهو رنگارنگي ڪُرتو پنهنجي پيءُ وٽ آندو، ۽ چيائونس تہ اسان هي لڌو آهي، هاڻي سڃاڻ تہ هي تنهنجي پٽ جو ڪُرتو تہ ڪونهي؟ 33۽ هن اُهو ڪُرتو سڃاتو ۽ چوڻ لڳو تہ هي تہ برابر منهنجي پٽ جو ڪُرتو آهي. ڪو جهنگ جو مرون هن کي کائي ويو آهي، بيشڪ يوسف کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪيو اٿس. 34۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو. 35۽ سندس سڀيئي پٽ ۽ ڌيون اٿي کيس دلاسو ڏيڻ لڳا، پر هن کي تسلي نٿي آئي؛ ۽ هو چوڻ لڳو تہ آءٌ ماتم ڪري ڪري پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس. انهيءَ طرح يوسف جي لاءِ سندس پيءُ روئندو رهيو. 36پوءِ مديانين هن کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جو فرعون جو هڪڙو حاڪم ۽ پهريدار سپاهين جو ڪپتان هو.
1هاڻي اهي اسماعيلي يوسف کي مصر ۾ وٺي آيا ۽ فوطيفار، جو فرعون جو حاڪم ۽ پهريدار سپاهين جو ڪپتان ۽ هڪڙو مصري هو، تنهن کيس انهن کان خريد ڪيو. 2۽ خداوند يوسف سان هو، ۽ هو اقبال مند ٿيو: ۽ پنهنجي مصري مالڪ جي گهر ۾ رهڻ لڳو. 3۽ سندس مالڪ ڏٺو تہ خداوند يوسف سان آهي، ۽ جيڪي هو ڪري ٿو، تنهن سڀ ۾ خداوند برڪت ٿو وجهي. 4تنهنڪري هن کيس پنهنجي گهر جو مختيار مقرر ڪيو ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ هن جي حوالي ڪيائين: ۽ يوسف هن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ هن جي مهربانيءَ جي نظر مٿس هئي. 5۽ هيئن ٿيو تہ جنهن وقت کان هن کيس پنهنجي گهر جي مٿان ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن سڀ جي مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي، يوسف جي ڪري، خداوند انهيءَ مصري جي گهر ۾ برڪت وڌي؛ ۽ جيڪي وٽس هو، گهر ۾، توڙي ٻنيءَ ۾، تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي. 6۽ هن پنهنجو سڀ ڪجهہ يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيو؛ هو جيڪا ماني کائيندو هو، تنهن کان سواءِ ٻي خبر ڪانہ هيس تہ هن وٽ ڇا آهي. هاڻي يوسف سهڻو ۽ خوبصورت هو. 7۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ هيئن ٿيو جو هن جي مالڪ جي زال يوسف ۾ اکيون وڌيون، ۽ چيائينس تہ مون سان گڏ سمهہ. 8پر هن نہ مڃيو، ۽ پنهنجي مالڪ جي زال کي چيائين تہ ڏس، منهنجي مالڪ کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ گهر ۾ ڇا آهي؛ ۽ جيڪي سندس آهي، سو سڀ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو اٿس. 9هن گهر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ ۽ هن تو کان سواءِ، جا هن جي زال آهين، ٻي ڪابہ شيءِ مون کان وانجهي نہ رکي آهي: پوءِ آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪري خدا جو ڏوهاري ٿيان؟ 10۽ هيئن ٿيو جو هوءَ روز روز يوسف کي پيئي چوندي هئي، پر هن ساڻس گڏ سمهڻ، يا وٽس رهڻ قبول نہ ڪيو. 11هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو جو هو پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ گهر ۾ ويو، ۽ اتي گهر جي ماڻهن مان ڪوبہ اندر ڪونہ هو. 12تڏهن هن سندس ڪپڙي کان کڻي جهليس ۽ چيائينس تہ مون سان گڏ سمهہ: پر هو پنهنجو ڪپڙو هن جي هٿن ۾ ئي ڇڏي اٿي ڀڳو ۽ ٻاهر نڪري ويو. 13هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ هو پنهنجو ڪپڙو منهنجن هٿن ۾ ڇڏي ڀڄي ويو آهي، 14تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي سڏي چيائين تہ ڏسو، هو هڪڙي عبرانيءَ کي اسان جي بي عزتي ڪرڻ لاءِ اسان وٽ وٺي آيو آهي؛ هو مون سان گڏ سمهڻ جي ارادي سان اندر گهڙي آيو هو، پر مون وٺي رڙيون ڪيون: 15۽ هن ڏٺو تہ آءٌ ڏاڍيون رڙيون پيئي ڪريان، تڏهن پنهنجو ڪپڙو مون وٽ ڇڏي پاڻ ڀڄي ٻاهر نڪري ويو. 16پوءِ جيسين هن جو مالڪ گهر ۾ آيو، تيسين سندس ڪپڙو پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين. 17۽ پوءِ اها ساري ڳالهہ هن کي ڪري ٻڌايائين، تہ جيڪو عبراني غلام تو اسان جي لاءِ خريد ڪيو آهي، سو بي عزتي ڪرڻ لاءِ مون وٽ اندر آيو هو. 18۽ جڏهن مون ڏاڍيون رڙيون ڪيون، تڏهن هو پنهنجو ڪپڙو مون وٽ ڇڏي پاڻ ٻاهر ڀڄي ويو. 19۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن جي مالڪ پنهنجيءَ زال جي ڳالهہ ٻڌي، جنهن چيس تہ تنهنجي غلام مون سان هيئن ڪيو، تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس. 20سو يوسف جي مالڪ هن کي جهلي کڻي انهيءَ قيد خاني ۾ وڌو، جتي بادشاهہ جا ٻيا قيدي بند رهندا هئا: ۽ هو انهيءَ قيد خاني ۾ رهڻ لڳو. 21پر خداوند يوسف سان هو، ۽ مٿس رحم ڪري قيد خاني جي داروغي کي مٿس مهربان ڪيائين. 22۽ قيد خاني جي داروغي، اهي سڀيئي قيدي، جيڪي وٽس قيد خاني ۾ هئا، سي يوسف جي حوالي ڪيا، ۽ جيڪو ڪم هو اتي ڪندا هئا، تنهن تي کيس اختيار هو. 23۽ جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي قيد خاني جو داروغو نظرداري ڪانہ ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو خداوند هن سان هو، ۽ سندس هر ڪنهن ڪم ۾ سرفراز ڪيائينس.
1انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ بورچيءَ پنهنجي مالڪ مصر جي بادشاهہ جو ڪو ڏوهہ ڪيو. 2تنهنڪري فرعون پنهنجن ٻنهي عملدارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، جن مان هڪڙو سردار ساقي ۽ ٻيو سردار بورچي هو. 3پوءِ هن کين نگهبانيءَ جي لاءِ پهريدار سپاهين جي ڪپتان جي گهر ۾، انهي ساڳئي قيد خاني ۾ کڻي وڌو، جتي يوسف بند ٿيل هو. 4۽ پهريدارن جي ڪپتان انهن کي يوسف جي حوالي ڪيو، جو کين سنڀاليندو رهيو: ۽ انهن ڪيترائي ڏينهن قيد ۾ گذاريا. 5پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ بورچيءَ، جي ٻئي قيد ۾ بند هئا، تن ٻنهي ساڳيءَ رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو، جنهن جي تعبير ڌار ڌار هئي. 6۽ صبح جو جڏهن يوسف وٽن آيو، ۽ انهن ڏانهن نهاريائين، تڏهن اهي غمگين نظر آيس. 7تڏهن هو فرعون جي انهن عملدارن کان پڇڻ لڳو، جي ساڻس گڏ، سندس مالڪ جي گهر ۾ بند هئا، ۽ چيائين تہ اوهين اڄ اهڙا غمگين ڇو ٿا ڏسجو؟ 8تنهن تي انهن چيس تہ اسان هڪڙو خواب لڌو آهي، ۽ اهڙو ڪو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي. تڏهن يوسف چين تہ تعبير ڪرڻ خدا جي هٿ ۾ نہ آهي ڇا؟ ڀلائي ڪري اِهو مون کي ٻڌايو. 9تڏهن سردار ساقيءَ پنهنجو خواب يوسف کي ٻڌايو، ۽ چيائينس تہ ڏس مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي ڊاک جي ول منهنجي سامهون آهي: 10۽ انهيءَ ڊاک جي ول ۾ ٽي ٽاريون هيون: ۽ ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو تہ ڄڻ انهيءَ ٻور ڪيو ۽ منجهس گل بہ نڪتا؛ ۽ انهيءَ جي ڇڳن ۾ پڪل ڊاک بہ نڪتي: 11۽ فرعون جو پيالو منهنجي هٿ ۾ هو؛ پوءِ مون ڊاک کڻي فرعون جي پيالي ۾ نچوڙي وڌي ۽ اهو پيالو فرعون جي هٿ ۾ ڏنم. 12تڏهن يوسف هن کي چيو تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن؛ 13ٽن ڏينهن جي اندر فرعون توکي سرفراز ڪندو، ۽ تنهنجو عهدو توکي موٽائي ڏيندو: ۽ جڏهن تون سندس ساقي هئين، تڏهن جيئن ڪندو هئين، تيئن وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين. 14پر جڏهن تنهنجي مراد پوري ٿئي، تڏهن ڀلائي ڪري منهنجي يادگيري ڪج، ۽ مهرباني ڪري فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪج ۽ مون کي هن گهر مان ٻاهر ڪڍج: 15ڇالاءِ جو سچ ڪري پڇين تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان چورائي کڻي آيا هئا: ۽ هتي بہ هن قيد خاني ۾ پوڻ جهڙو ڪوبہ ڪم مون ڪونہ ڪيو آهي.
16جڏهن سردار بورچيءَ ڏٺو تہ اها تعبير چڱي آهي، تڏهن يوسف کي چيائين تہ مون بہ خواب لڌو آهي ۽ ڏس، مانين جون ٽي ٽوڪريون منهنجي مٿي تي آهن: 17۽ سڀ کان مٿينءَ ٽوڪريءَ ۾ فرعون جي لاءِ هر قسم جا پڪل طعام هئا، ۽ پکين منهنجي مٿي تان انهيءَ ٽوڪريءَ مان پي کاڌو. 18تڏهن يوسف ورندي ڏيئي چيس، تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽوڪريون ٽي ڏينهن آهن؛ 19ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي توکي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيندو؛ ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان ڇني کائيندا.
20۽ هيئن ٿيو جو ٽئين ڏينهن، جڏهن فرعون جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هن پنهنجن سڀني نوڪرن جي مهماني ڪئي: ۽ پنهنجن نوڪرن مان سردار ساقيءَ ۽ سردار بورچيءَ کي بہ ياد ڪيائين. 21۽ سردار ساقيءَ کي وري سندس عهدي تي مقرر ڪيائين؛ ۽ هو وري فرعون جي هٿ ۾ پيالو ڏيڻ لڳو: 22پر سردار بورچيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيائين، جيئن ڪ يوسف هنن کي تعبير ڪري ٻڌايو هو. 23انهيءَ هوندي بہ سردار ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، پر وساري ڇڏيائينس.
1پوءِ هيئن ٿيو جو ٻن سالن کان پوءِ فرعون خواب لڌو، ۽ ڏٺائين تہ درياهہ جي ڪپ تي بيٺو آهيان: 2۽ ڏسو، اُتي ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون درياهہ مان نڪتيون ۽ ڪانهن ۾ چرڻ لڳيون. 3۽ ڏسو؛ انهن جي پٺيان ست ٻيون بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون درياهہ مان نڪري، هنن ٻين ڳئن جي ڀرسان درياهہ جي ڪپ تي اچي بيٺيون. 4۽ اهي بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون، انهن ٺاهوڪين ۽ ٿلهين ستن ڳئن کي کائي ويون. ۽ فرعون جاڳي پيو. 5پوءِ هو وري سمهي پيو ۽ ٻيو ڀيرو خواب لڌائين: ۽ ڏسي ٿو تہ ست اَن سان ڀريل ٿلها ۽ تازا سنگ هڪڙي ڪاني ۾ نڪتا آهن. 6۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ لڪ جا ساڙيل نڪتا. 7۽ اهي سنهڙا سنگ، هنن ٿلهن ۽ ڀريل سنگن کي ڳڙڪائي ويا. تڏهن فرعون جاڳي پيو، ۽ ڏٺائين تہ هي خواب هو. 8۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.
9تڏهن سردار ساقيءَ فرعون کي چيو تہ اڄ مون کي پنهنجا ڏوهہ ياد ٿا پون: 10جڏهن فرعون پنهنجن نوڪرن تي ڪاوڙيو هو: ۽ مون کي ۽ سردار بورچيءَ کي پهريدارن جي ڪپتان جي گهر ۾ بند ڪرايو هئائين: 11تڏهن هڪڙي ڀيري ساڳيءَ رات مون ۽ هن، ٻنهي هڪڙو خواب لڌو؛ اسان مان هرهڪ، پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو، جنهن جي تعبير ڌار ڌار هئي. 12۽ اتي اسان سان گڏ هڪڙو عبراني جوان پهريدارن جي ڪپتان جو نوڪر بہ هو؛ اسان هن کي پنهنجا خواب ٻڌايا ۽ هن اسان کي انهن جي تعبير ڪري ٻڌائي، هرهڪ کي هن پنهنجي پنهنجي خواب موجب تعبير ٻڌائي. 13۽ جيئن هن تعبير ڪئي هئي، تيئن ئي ٿيو؛ مون کي هن منهنجو عهدو موٽائي ڏياريو، ۽ هن کي ڦاسي ڏياريائين.
14تڏهن فرعون يوسف کي گهرايو ۽ هو کيس جلد قيد خاني مان وٺي آيا: ۽ هن پنهنجي سنوارت ڪرائي، ۽ ڪپڙا بدلائي فرعون وٽ آيو. 15۽ فرعون يوسف کي چيو تہ مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي؛ ۽ تنهنجي بابت ٻڌو اٿم تہ تون خواب ٻڌي انهيءَ جي تعبير ڪري ٿو سگهين. 16تڏهن يوسف فرعون کي ورندي ڏيئي چيو تہ اهو منهنجي هٿ ۾ نہ آهي: خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو. 17پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ آءٌ درياهہ جي ڪپ تي بيٺو آهيان: 18۽ ڏسو، ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون درياهہ مان نڪتيون، ۽ ڪانهن ۾ چرڻ لڳيون؛ 19۽ ڏسو، انهن جي پٺيان ست ٻيون ضعيف، بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون درياهہ مان نڪري آيون؛ اهي اهڙيون خراب هيون، جو سڄي مصر جي ملڪ ۾ مون ڪڏهن ڪين ڏٺيون: 20پوءِ اهي ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون، پهرين ستن ٿلهين ڳئن کي کائي ويون: 21جڏهن هو انهن کي کائي ويون، تڏهن ائين معلوم نٿي ٿيو تہ ڪو هو سندن پيٽ ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو هو اڃا بہ اهڙيون ئي بدشڪل ٿي لڳيون، جهڙيون پهرين هيون. پوءِ آءٌ جاڳي پيس. 22وري مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي ڪاني تي ست سنگ ڀريل ۽ چڱا نڪتا آهن. 23۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ ڪومايل، سنهڙا، ۽ لڪ جا سڙيل نڪتا؛ 24۽ اهي سنهڙا سنگ، انهن ستن چڱن سنگن کي ڳڙڪائي ويا: ۽ مون اها ڳالهہ جادوگرن کي ٻڌائي، پر ڪوبہ ڪونهي جو مون کي انهيءَ جو مطلب سمجهائي سگهي.
25تڏهن يوسف فرعون کي چيو تہ فرعون جو خواب هڪڙو ئي آهي: جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي، سو فرعون کي ٻڌايو اٿس. 26ست چڱيون ڳئون ست ورهيہ آهن؛ ۽ ست چڱا سنگ بہ ورهيہ آهن: خواب هڪڙو ئي آهي. 27هو ست ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون جي انهن کان پوءِ آيون، سي بہ ست ورهيہ آهن، ۽ ست خالي ۽ لڪ جا ساڙيل سنگ، سي ڏڪار جا ست ورهيہ ٿيندا. 28اها ئي ڳالهہ آهي، جا مون فرعون کي ٻڌائي؛ جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي، سو فرعون کي ڏيکاريو اٿس. 29ڏسو، مصر جي ملڪ ۾ ستن ورهين تائين ڏاڍو سڪار ٿيندو، 30۽ انهيءَ کان پوءِ ستن ورهين تائين ڏڪار پوندو، ۽ اهو سڀ سڪار مصر جي ملڪ ۾ وسري ويندو؛ ۽ ڏڪار ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. 31سڪار کان پوءِ جيڪو ڏڪار پوندو، تنهن جي ڪري خبر ئي ڪانہ پوندي، تہ ڪو ملڪ ۾ سڪار هو؛ ڇالاءِ جو اهو ڏڪار تمام سخت ٿيندو. 32۽ اهو خواب جو فرعون کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي، ۽ خدا جلد ائين ڪندو. 33تنهنڪري هاڻي فرعون کي گهرجي تہ ڪو سمجهو ۽ ڏاهو ماڻهو ڳولي هٿ ڪري، ۽ انهي کي مصر جي ملڪ تي مقرر ڪري. 34۽ فرعون هن کي حڪم ڏئي تہ ملڪ جي مٿان داروغا مقرر ڪري ۽ سڪار وارن ستن ورهين ۾ مصر جي زمين تان پنجون حصو اُڳاڙي. 35۽ جيڪي، چڱا ست ورهيہ اچن، تن ۾ هو سڀ کاڌي جون شيون گڏ ڪري فرعون جي قبضي ۾ آڻين، ۽ هر ڪنهن شهر ۾ اَن جا انبار ڪري سنڀالي رکن. 36۽ ستن ورهين تائين جو مصر جي ملڪ ۾ ڏڪار پوندو، تنهن لاءِ اهو کاڌو گڏ ڪري رکيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ ملڪ ڏڪار جي ڪري برباد نہ ٿئي.
37اها ڳالهہ فرعون ۽ سندس نوڪرن کي چڱي نظر آئي. 38۽ فرعون پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هي ماڻهو، جنهن ۾ خدا جو روح آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو اسان کي هٿ ايندو ڇا؟ 39پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ جڏهن خدا توکي هي سڀ سمجهايو آهي، تڏهن تو جهڙو ٻيو ڪوبہ سمجهو ۽ ڏاهو ڪونهي. 40تون منهنجي گهر جو مختيار ٿي، ۽ ساريءَ رعيت تي پنهنجيءَ مرضي موجب حڪم هلاءِ: فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري، منهنجو درجو تو کان مٿي ٿيندو. 41۽ فرعون يوسف کي چيو تہ ڏس، مون توکي مصر جي ساري ملڪ تي مقرر ڪيو آهي. 42۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛ 43۽ پنهنجيءَ ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چاڙهيائينس؛ ۽ سندس اڳيان هوڪو ڏياريائين تہ جهڪي سجدو ڪريو؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ تي هن کي حاڪم مقرر ڪيائين. 44۽ فرعون يوسف کي چيو تہ آءٌ فرعون آهيان، تنهنجي حڪم کان سواءِ مصر جي ملڪ ۾ ڪوبہ ماڻهو هٿ پير ڪين چوريندو. 45۽ فرعون، يوسف جو نالو صفنات‑فعنيحہ رکيو؛ ۽ اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ سان سندس شادي ڪرايائين. پوءِ يوسف مصر جي ملڪ ۾ گشت ڪرڻ لڳو.
46جڏهن يوسف مصر جي بادشاهہ فرعون جي حضور ۾ آيو، تڏهن سندس عمر ٽيهہ ورهيہ هئي. پوءِ يوسف فرعون وٽان روانو ٿي، مصر جو سڄو ملڪ گهميو. 47۽ سڪار جي ستن ورهين ۾ زمين مان تمام گهڻي پيدائش ٿي. 48۽ هن انهن ستن ورهين ۾ کاڌي جون سڀ شيون، جيڪي مصر جي ملڪ ۾ هيون، سي سڀ گڏ ڪيون، ۽ اهو کاڌو شهرن ۾ گڏ ڪري رکيائين: جيڪا ٻني جنهن شهر جي پسگردائيءَ ۾ هئي، تنهن جي پيدائش انهيءَ شهر ۾ گڏ ڪري رکيائين. 49۽ يوسف سمنڊ جي واريءَ وانگر تمام گهڻو اَن گڏ ڪيو، ايتري قدر جو هن حساب رکڻ بہ ڇڏي ڏنو؛ ڇالاءِ جو اهو بيشمار هو.
50۽ ڏڪار کان اڳ ۾ يوسف کي، اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان ٻہ پٽ ڄاوا. 51۽ يوسف وڏي جو نالو منسي رکيو؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ خدا منهنجي سڀ تڪليف ۽ منهنجي پيءُ جو گهر مون کان وسارائي ڇڏيو آهي. 52۽ ٻئي جو نالو افرائيم رکيائين، جو چيائين تہ خدا مون کي منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ ڦلدار ڪيو آهي.
53پوءِ اهي سڪار وارا ست ورهيہ، جي مصر جي ملڪ ۾ آيا، سي اچي پورا ٿيا. 54۽ ڏڪار جا ست ورهيہ شروع ٿيا، جيئن ڪ يوسف چيو هو: ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو؛ پر مصر جي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو. 55پوءِ جڏهن مصر جو سارو ملڪ بک مرڻ لڳو، تڏهن ماڻهو کاڌي جي لاءِ فرعون وٽ اچي دانهون ڪرڻ لڳا: ۽ فرعون سڀني مصرين کي چيو تہ اوهين يوسف وٽ وڃو، ۽ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو. 56تنهن وقت ساريءَ زمين تي ڏڪار هو: ۽ مصر جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار وڌڻ لڳو؛ تڏهن يوسف اَن جا سڀيئي انبار کولايا، ۽ مصرين کي اَن وڪڻڻ لڳو. 57پوءِ سڀني ملڪن جا ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا؛ ڇالاءِ جو ساريءَ زمين تي سخت ڏڪار هو.
1جڏهن يعقوب کي اها خبر پيئي تہ مصر ۾ اَن آهي، تڏهن هن پنهنجن پٽن کي چيو تہ اوهين ڇو ويٺا هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو؟ 2۽ چيائين تہ ڏسو، مون ٻڌو آهي تہ مصر ۾ اَن آهي: اوهين اوڏانهن وڃو ۽ اتان اسان جي لاءِ خريد ڪري اچو؛ تہ اسان جي جان بچي، ۽ مري نہ وڃون. 3سو يوسف جا ڏهہ ڀائر مصر مان اَن خريد ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. 4پر يوسف جي ڀاءُ بنيمين کي يعقوب سندس ڀائرن سان گڏ نہ موڪليو؛ جو چيائين تہ متان مٿس ڪا مصيبت اچي پوي. 5پوءِ ٻيا جيڪي ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ اتي آيا هئا، تن سان گڏ اسرائيل جا پٽ بہ آيا: ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار هو.
6۽ يوسف ملڪ جو حاڪم هو، اهوئي هو جنهن ماڻهن کي ان پئي وڪيو: سو يوسف جي ڀائرن اچي سندس اڳيان جهڪي سجدو ڪيو. 7يوسف پنهنجن ڀائرن کي ڏسي کين سڃاتو، پر پاڻ ڌارئي وانگر ساڻن کهرو ڳالهايائين؛ ۽ چيائين تہ اوهين ڪٿان ٿا اچو؟ هنن چيو تہ اسين کاڌو خريد ڪرڻ لاءِ ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهيون. 8ائين يوسف تہ پنهنجن ڀائرن کي سڃاتو، پر هنن نہ سڃاتس، 9۽ جيڪي خواب يوسف هنن جي بابت ڏٺا هئا، سي کيس ياد آيا. پوءِ هنن کي چيائين تہ اوهين جاسوس آهيو؛ ۽ هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو. 10پر هنن چيس تہ نہ منهنجا سائين، تنهنجا ٻانها کاڌو خريد ڪرڻ آيا آهن. 11اسين سڀيئي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ آهيون؛ اسين سچا آهيون، تنهنجا ٻانها جاسوس نہ آهن. 12پر هن چين تہ نہ، اوهين هن ملڪ جو برو حال ڏسڻ آيا آهيو. 13تڏهن هنن چيس تہ اسين تنهنجا ٻانها، ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا ٻار آهيون ۽ ڏس، سڀني کان ننڍو اڄ اسان جي پيءُ وٽ آهي، ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي. 14پر يوسف چين تہ ڳالهہ اِها ئي آهي، جا مون اوهان کي چئي آهي، تہ اوهين جاسوس آهيو. 15هاڻي هن ريت اوهان کي آزمائبو؛ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيسين اوهان جو ننڍو ڀاءُ هتي نہ ايندو، تيسين اوهين هتان وڃي ڪين سگهندا. 16اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي اوهان جي ڀاءُ کي وٺي اچي، جيسين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيسين اوهان کي بند ۾ رکبو: نہ تہ فرعون جي حياتيءَ جو قسم آهي تہ اوهين بيشڪ جاسوس آهيو. 17سو هن کين ٽن ڏينهن تائين بند ۾ گڏ رکيو. 18پوءِ ٽئين ڏينهن يوسف انهن کي چيو تہ آءٌ خدا کان ڊڄان ٿو، سو اوهين هيئن ڪريو تہ اوهان جي جان بچي پوي. 19جيڪڏهن اوهين سچا آهيو، تہ اوهان ڀائرن مان هڪڙو هن قيد خاني ۾ بند رهي؛ ۽ اوهين ٻيا ڏڪار جي لاءِ اَن کڻي پنهنجن گهرن ۾ وڃو، 20۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو؛ اهڙيءَ طرح اوهان جي ڳالهہ ثابت ٿيندي، ۽ اوهان جي جان بچي پوندي. سو هنن ائين ئي ڪيو، 21۽ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ سچ اسين پنهنجي ڀاءُ جي بابت ڏوهاري آهيون؛ ڇالاءِ تہ جڏهن هن اسان کي نيزاريون ٿي ڪيون، تڏهن اسان هن جي جيءَ جو ڏک ڏسي بہ سندس ڳالهہ قبول نہ ڪئي. تنهنڪري اسان تي هيءَ مصيبت آئي آهي. 22تڏهن روبن ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ مون اوهان کي ڪين ٿي چيو تہ هن ٻار سان ظلم نہ ڪريو، پر اوهان نہ مڃيو، تنهن ڪري ڏسو، هاڻي هن جي خون جو بدلو ورتو ٿو وڃي. 23هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ سندن ڳالهہ ٻولهہ يوسف سمجهي رهيو آهي: ڇالاءِ جو سندن وچ ۾ ٻئي ماڻهوءَ ترجمو ٿي ڪيو. 24تڏهن هو پاڻ هنن کان پرڀرو وڃي روئڻ لڳو. پوءِ وري وٽن اچي، ساڻن گفتگو ڪيائين ۽ منجهانئن شمعون کي وٺي، سندن اڳيان بند ڪيائين. 25تنهن کان پوءِ يوسف حڪم ڏنو تہ هنن جي ٻورن ۾ اَن ڀريو، ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ جا پيسا بہ موٽائي سندن ٻوري ۾ وجهو، ۽ واٽ جي لاءِ سمر بہ ڏيون، ۽ ائين ئي ساڻن ڪيائون.
26پوءِ هو پنهنجن گڏهن تي اَن لڏي اُتان روانا ٿيا. 27۽ جڏهن انهن مان هڪڙي ڄڻي منزل تي پنهنجي گڏهہ کي داڻي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ٻورو کوليو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي، تہ سندس پيسا ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن. 28تنهن تي هن پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ منهنجا پيسا تہ مون کي موٽائي ڏنا اٿن، اِجهو منهنجي ٻوري جي منهن ۾ پيا آهن: تڏهن هنن جو هانءُ ئي هارجي ويو، ۽ ڏڪي هڪ ٻئي ڏانهن ڦري چوڻ لڳا تہ هي خدا اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ 29پوءِ هو ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ آيا، ۽ جيڪي ساڻن ٿي گذريو هو، سو کيس ٻڌايائون؛ ۽ چيائون 30تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ملڪ جو حاڪم آهي، تنهن اسان سان کهرو ڳالهايو، ۽ اسان کي انهيءَ ملڪ جا جاسوس ڪري سمجهيائين. 31اسان هن کي چيو تہ اسين سچا ماڻهو آهيون، اسين جاسوس نہ آهيون: 32اسين ٻارهن ڀائر هڪڙي پيءُ جا پٽ آهيون؛ هڪڙي جو پتو ڪونهي، باقي سڀني کان ننڍو اڄ ڪنعان جي ملڪ ۾ اسان جي پيءُ وٽ آهي. 33تڏهن انهيءَ ملڪ جي حاڪم اسان کي چيو تہ هن ريت مون کي خبر پوندي تہ اوهين سچا آهيو؛ جو اوهان ڀائرن مان هڪڙي کي مون وٽ ڇڏي، باقي ٻيا ڏڪار جي لاءِ اَن کڻي پنهنجن گهرن ڏانهن وڃو: 34۽ پنهنجي سڀ کان ننڍي ڀاءُ کي مون وٽ وٺي اچو: پوءِ آءٌ سمجهندس تہ اوهين جاسوس نہ آهيو، پر سچا ماڻهو آهيو: تنهن کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ اوهان کي موٽائي ڏيندس، ۽ پوءِ اوهين ڀلي هن ملڪ ۾ واپار ڪجو.
35۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پنهنجا ٻورا خالي ٿي ڪيا، تڏهن ڇا ڏسن تہ هر ڪنهن جي پيسن جي ڳنڍڙي سندس ٻوري ۾ پئي آهي: ۽ جڏهن هنن ۽ سندن پيءُ پيسن جون ڳنڍڙيون ڏٺيون، تڏهن ڊپ وٺي وين. 36پوءِ سندن پيءُ يعقوب چين تہ اوهان مون کي بي اولاد ڪيو آهي: يوسف جو پتو ڪونهي، شمعون بہ آهي ڪونہ، ۽ هاڻي بنيمين کي بہ وٺي ويندا: اهي سڀ ڳالهيون منهنجي برخلاف آهن. 37تڏهن روبن پنهنجي پيءُ کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن کي موٽائي تو وٽ نہ آڻيان تہ تون منهنجا ٻئي پٽ ماري ڇڏج: هن کي منهنجي حوالي ڪر، ۽ آءٌ کيس موٽائي تو وٽ آڻيندس. 38پر هن چيو تہ منهنجو پٽ اوهان سان نہ ويندو؛ هن جو ڀاءُ مري ويو آهي، ۽ هو اڪيلو رهجي ويو آهي: ۽ رستي ۾ هن جي مٿان ڪا آفت اچي پيئي، تہ پوءِ اوهين منهنجن اڇن وارن کي ڏک سهندي قبر ۾ موڪليندا.
1هاڻي ملڪ ۾ ڏڪار تمام سخت ٿيندو ويو. 2۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن اهو اَن، جيڪو مصر مان آندو هئائون، سو کائي کپائي ڇڏيو، تڏهن سندن پيءُ چين تہ وري وڃي اسان جي لاءِ ڪجهہ کاڌو خريد ڪري اچو. 3تڏهن يهوداہ چيس تہ هن ماڻهوءَ اسان کي تاڪيد ڪري چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا. 4سو جيڪڏهن تون اسان جي ڀاءُ کي اسان سان گڏ وڃڻ جي موڪل ڏيندين تہ پوءِ اسين وڃي تنهنجي لاءِ کاڌو خريد ڪري اينداسين. 5پر جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين تہ پوءِ اسين ڪين وينداسين؛ ڇالاءِ جو هن ماڻهوءَ اسان کي چيو هو تہ جيسين اوهان جو ڀاءُ اوهان سان نہ هوندو، تيسين اوهين منهنجو منهن نہ ڏسندا. 6تڏهن اسرائيل چيو تہ اوهان مون سان اها جُٺ ڇو ڪئي، جو هن کي چيو تہ اسان جو ٻيو بہ هڪڙو ڀاءُ آهي. 7هنن چيو تہ هن ماڻهوءَ اسان کان ورجائي ورجائي اسان جو ۽ اسان جي خاندان جو حال پڇيو، ۽ چيائين تہ اڃا اوهان جو پيءُ جيئرو آهي ڇا؟ اوهان جو ٻيو بہ ڪو ڀاءُ آهي ڇا؟ تڏهن اسان انهن ڳالهين موجب کيس ورندي ڏني: اسان کي ڪا اها خبر هئي ڇا تہ هو چوندو تہ وڃي پنهنجي ڀاءُ کي وٺي اچو؟ 8پوءِ يهوداہ پنهنجي پيءُ اسرائيل کي چيو تہ ڇوڪر کي مون سان گڏ موڪل تہ اسين وڃون؛ تہ اسين ۽ تون، ۽ اسان جا ننڍڙا ٻار جيئرا رهون، ۽ مري نہ وڃون. 9آءٌ هن جو ضامن ٿو پوان؛ تون منهنجي ئي هٿان اهو موٽائي وٺج: جيڪڏهن آءٌ هن کي وري آڻي تو وٽ حاضر نہ ڪريان، تہ پوءِ آءٌ هميشہ لاءِ تنهنجو ڏوهاري ٿيندس: 10ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اسين دير نہ ڪريون ها، تہ هن وقت تائين اُتان ٿي موٽي بہ اچون ها.
11تڏهن سندن پيءُ اسرائيل کين چيو، تہ جي ائين ئي آهي تہ هيئن ڪريو، هن ملڪ جي عمدن ميون مان ڪي پنهنجن ٻورن ۾ وجهو، ۽ ٿورو سرهو تيل، ٿوري ماکي، مصالحہ، مَر، پستا ۽ باداميون، اهي سڀ سوکڙيءَ طور انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ کڻي وڃو. 12۽ ٻيڻا پيسا پنهنجي هٿ ۾ کڻو؛ ۽ جيڪي پيسا اوهانجن ٻورن ۾ وجهي موٽايا هئائون، سي بہ پاڻ سان کڻي وڃو؛ تہ متان اها ڀل ٿي هجي: 13۽ پنهنجي ڀاءُ کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي وڃو، اُٿو وري انهيءَ ماڻهوءَ وٽ وڃو. 14شل قادر مطلق خدا انهيءَ ماڻهوءَ کي اوهان تي مهربان ڪري تہ هو اوهان جي ٻئي ڀاءُ کي ۽ بنيمين کي آزاد ڪري اوهان کي ڏئي.
15تڏهن انهن ماڻهن اها سوکڙي ۽ ٻيڻا پيسا هٿ ۾ کنيا، ۽ بنيمين کي ساڻ ڪري اٿي روانا ٿيا: ۽ مصر ۾ پهچي، يوسف جي اڳيان وڃي حاضر ٿيا. 16جڏهن يوسف بنيمين کي انهن سان گڏ ڏٺو، تڏهن پنهنجي گهر جي داروغي کي چيائين تہ هنن ماڻهن کي گهر ۾ وٺي وڃ ۽ ڇيلو ڪهي کاڌو تيار ڪر: ڇالاءِ جو ٻنپهرن جو هي ماڻهو مون سان گڏ ماني کائيندا. 17سو هن ماڻهوءَ يوسف جي چوڻ موجب ڪيو: ۽ انهن کي يوسف جي گهر ۾ وٺي آيو. 18۽ انهن ماڻهن کي جو يوسف جي گهر ۾ وٺي آيا، تنهنڪري ڊپ وٺي وين، ۽ چوڻ لڳا تہ پهرئين ڀيري جي پيسا اسانجن ٻورن ۾ موٽائي وڌا هئائون، تنهن جي ڪري اسان کي هتي اندر وٺي آيا آهن، تہ اسان جي برخلاف ڪو بهانو ڳولي اسان تي ڪاهہ ڪن، ۽ هو اسان کي پنهنجا غلام ڪري اسان جا گڏهہ ڦري وٺن. 19پوءِ هو يوسف جي گهر جي داروغي وٽ آيا ۽ در وٽ بيهي ساڻس ڳالهائڻ لڳا، 20۽ چيائونس تہ سائين، سچ پچ اسين پهرئين ڀيري کاڌو خريد ڪرڻ آيا هئاسين: 21۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسان منزل تي پهچي پنهنجا ٻورا کوليا، تڏهن ڏسون تہ هر ڪنهن ماڻهو جا پيسا، اوتري جا اوترا، سندس ٻوري جي منهن پيا آهن: ۽ اهي اسين موٽائي پاڻ سان کڻي آيا آهيون. 22۽ ٻيا بہ پيسا پاڻ سان آندا اٿئون تہ کاڌو خريد ڪريون: اسان کي خبر نہ آهي تہ ڪنهن اسان جا پيسا اسان جي ٻورن ۾ وڌا. 23تڏهن هن چيو تہ اوهين دل جاءِ ڪريو، ڊڄو نہ: اوهان جي ۽ اوهان جي پيءُ جي خدا، اوهان جي ٻورن ۾ اوهان کي خزانو ڏنو آهي: اوهان جا پيسا مون کي ملي چڪا. پوءِ هو شمعون کي ڪڍي، انهن وٽ وٺي آيو. 24۽ هو کين يوسف جي گهر ۾ وٺي آيو ۽ کين پاڻي ڏنائين، ۽ انهن پنهنجا پير ڌوتا؛ ۽ سندن گڏهن کي گاهہ داڻو ڏنائين. 25پوءِ هنن اها سوکڙي تيار ڪري رکي تہ ٻنپهرن جو جڏهن يوسف اچي تڏهن ڏيونس، ڇو تہ ٻڌو هئائون تہ اسان جي ماني هتي آهي.
26پوءِ جڏهن يوسف گهر ۾ آيو، تڏهن اها سوکڙي، جا هٿ ۾ هين، سا وٽس کڻي آيا، ۽ زمين تائين جهڪي سجدو ڪيائونس. 27هن سندن خير عافيت پڇي ۽ چيائين تہ اوهان جو پيءُ، يعني اهو پير مرد جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو هو، سو چڱو ڀلو آهي، ۽ اڃا حيات آهي؟ 28هنن چيو تہ تنهنجو ٻانهو، اسان جو پيءُ چڱو ڀلو آهي ۽ اڃا حيات آهي. پوءِ هنن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيس. 29۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي، پنهنجي سڳي ڀاءُ بنيمين کي ڏٺو، ۽ چيائين تہ اوهان جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ هي آهي؟ جنهن بابت اوهان مون کي ٻڌايو هو؟ ۽ چيائين تہ ٻچا، شل خدا توتي پنهنجو فضل نازل ڪري. 30پوءِ يوسف جهٽ پنهنجيءَ ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو ۽ اتي وڃي رنائين؛ ڇالاءِ جو ڀاڻس ڏانهن سندس آنڊن جي ڏاڍي ڇڪ ٿي، ۽ ڀانيائين تہ ڪٿي وڃي روئان. 31پوءِ پنهنجو منهن ڌوئي ٻاهر آيو ۽ پاڻ کي روڪي چيائين تہ ماني کڻي اچو. 32تڏهن هنن سندس لاءِ ڌار، هنن لاءِ ڌار، ۽ جيڪي مصري ساڻس گڏ کائيندا هئا، تن لاءِ ڌار ماني رکي؛ ڇالاءِ جو مصري عبرانين سان گڏ ماني ڪين کائيندا هئا، جو مصرين لاءِ اها نفرت جهڙي ڳالهہ هئي. 33پوءِ هو سندس اڳيان ويهي رهيا. وڏو پنهنجيءَ وڏيءَ عمر موجب ۽ ننڍو پنهنجيءَ ننڍيءَ عمر موجب، تڏهن هو عجب ۾ پئي هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. 34۽ هن پاڻ وٽان رڪابيون کڻي، هنن ڏانهن موڪليون: پر بنيمين جي رڪابي ۾ هرهڪ جي رڪابيءَ کان پنجوڻو حصو وڌيڪ هو. ۽ هنن ساڻس گڏ پيتو ۽ خوش ٿيا.
پيدائش 45
1تڏهن يوسف انهن جي اڳيان، جيڪي وٽس بيٺا هئا، پاڻ کي جهلي نہ سگهيو؛ ۽ واڪو ڪري چيائين تہ سڀني ماڻهن کي مون وٽان ٻاهر موڪليو. جڏهن يوسف پاڻ کي پنهنجي ڀائرن ۾ ظاهر ڪيو، تڏهن اتي ٻيو ڪوبہ ماڻهو حاضر ڪونہ هو. 2پوءِ هو زور زور سان روئڻ لڳو: جو مصرين ۽ فرعون جي گهر وارن ٻڌو. 3۽ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ آءٌ يوسف آهيان؛ ڇا، منهنجو پيءُ اڃا جيئرو آهي؟ تڏهن سندس ڀائر کيس ورندي ڏيئي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو هو سندس روبرو فڪر ۾ پئجي ويا. 4تڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ ڀلائي ڪري منهنجي ويجها اچو ۽ هو ويجها آيا، تڏهن چيائين تہ آئون اوهان جو ڀاءُ يوسف آهيان، جنهن کي اوهان مصر ۾ وڪيو هو. 5هاڻي فڪر نہ ڪريو، نڪي انهيءَ لاءِ غمگين ٿيو تہ اوهان مون کي هتي وڪيو: ڇالاءِ جو خدا ڪيترن جي جان بچائڻ لاءِ اوهان کان اڳ ۾ مون کي هتي موڪليو. 6ڇوتہ ٻن ورهين کان ملڪ ۾ ڏڪار آهي، پر اڃا پنج ورهيہ ٻيا پيا آهن، جن ۾ نڪا زمين کيڙبي، نڪو لابارو پوندو. 7خدا مون کي اوهان کان اڳ ۾ موڪليو تہ اوهان مان ڪن کي زمين تي بچائي رکي، ۽ وڏي ڇوٽڪاري سان اوهان کي جيئرو رکي. 8سو هاڻي، اوهان نہ، پر خدا مون کي هيڏانهن موڪليو: ۽ مون کي فرعون جي پيءُ جهڙو، ۽ سندس سڄي گهر جو مالڪ، ۽ مصر جي ساري ملڪ تي حاڪم ڪيو آهي. 9هاڻي اوهين جلد منهنجي پيءُ ڏانهن وڃو، ۽ چئوس تہ تنهنجو پٽ يوسف هيئن ٿو چوي، خدا مون کي سڄي مصر جو مالڪ ڪيو آهي: مون وٽ هليو اچ، دير نہ ڪر. 10تون جشن جي علائقي ۾ اچي رهندين، تہ تون، ۽ تنهنجا پٽ پوٽا، ۽ تنهنجا ڍور ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو جيڪي بہ تو وٽ آهي، سو مون کي ويجهو ٿئي: 11۽ اتي آءٌ تنهنجي پرورش ڪندس؛ ڇالاءِ جو اڃا ڏڪار جا پنج ورهيہ پيا آهن؛ متان تون، ۽ تنهنجو خاندان، ۽ ٻيا جيڪي تو وٽ آهن، سي ڪنگال ٿي پون. 12۽ ڏسو اوهين، ۽ منهنجو ڀاءُ بنيمين اکين سان ڏسو ٿا، تہ آءٌ ئي پنهنجي واتان پيو ڳالهايان. 13۽ مصر ۾ جيڪو منهنجو شان آهي ۽ ٻيو بہ جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو سڀ منهنجي پيءُ کي بيان ڪري ٻڌائجو. هاڻي اوهين جلد وڃي منهنجي پيءُ کي هتي وٺي اچو. 14پوءِ هن پنهنجي ڀاءُ بنيمين کي ڀاڪر پائي رنو؛ ۽ بنيمين بہ کيس ڀاڪر پائي رنو. 15۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي چُميو ۽ ساڻن رنائين: تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.
16هاڻي انهيءَ ڳالهہ جي خبر فرعون جي گهر تائين پهچي ويئي، جو چيائون تہ يوسف جا ڀائر آيا آهن: ۽ انهيءَ ڪري فرعون ۽ سندس نوڪر ڏاڍا خوش ٿيا. 17۽ فرعون يوسف کي چيو تہ تون پنهنجن ڀائرن کي چئُہ تہ اوهين هيئن ڪريو؛ جو پنهنجا وهٽ لڏي روانا ٿيو ۽ جلدي وڃي ڪنعان جي ملڪ ۾ پهچو؛ 18۽ پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن گهر وارن کي وٺي مون وٽ اچو: ۽ آءٌ اوهان کي مصر جي ملڪ جون نعمتون ڏيندس، ۽ اوهان کي هن ملڪ جون عمديون شيون کائڻ لاءِ ملنديون. 19هاڻي تون اهو حڪم ڏي تہ هو پنهنجين زالن ۽ ٻارن لاءِ مصر جي ملڪ مان گاڏيون وٺي وڃن، ۽ پنهنجي پيءُ کي هيڏانهن وٺي اچن. 20اوهين پنهنجي مال متاع جو فڪر نہ ڪريو: ڇالاءِ جو مصر جي ملڪ جون سڀ نعمتون اوهان جون آهن.
21سو اسرائيل جي پٽن ائين ئي ڪيو: ۽ يوسف فرعون جي حڪم موجب کين گاڏيون ڏنيون، ۽ رستي جي لاءِ سمر بہ ڏنائين. 22۽ انهن مان هر هڪ کي وڳو ڏنائين، پر بنيمين کي ٽي سؤ چانديءَ جا سڪا، ۽ پنج وڳا ڏنائين. 23۽ پنهنجي پيءُ جي لاءِ هي شيون موڪليائين: ڏهہ گڏهہ، جن تي مصر جون عمديون شيون لڏيل هيون، ڏهہ گڏهيون جن تي اَن، ماني ۽ کاڌو لڏيل هو، جو سندس پيءُ جي لاءِ رستي جو سمر هو. 24اهڙيءَ طرح هن پنهنجن ڀائرن کي روانو ڪيو ۽ هو اٿي هليا: ۽ هن کين چيو تہ ڏسجو متان رستي تي پاڻ ۾ وڙهو. 25پوءِ هو مصر مان روانا ٿي، ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي پيءُ يعقوب وٽ آيا. 26۽ ٻڌايائونس تہ يوسف اڃا جيئرو آهي، ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي. اهو ٻڌي هن جو هانءُ هارجي ويو، ڇالاءِ جو کيس هنن جي ڳالهين تي يقين ڪين آيو. 27۽ جيڪي ڳالهيون يوسف کين چيون هيون، سي هن کي ٻڌايائون: ۽ جڏهن هن گاڏيون ڏٺيون، جي يوسف سندس سواريءَ لاءِ موڪليون هيون، تڏهن سندن پيءُ يعقوب ۾ وري ساهہ پيو: 28۽ اسرائيل چيو تہ هاڻي بس، منهنجو پٽ يوسف اڃا جيئرو آهي، آءٌ مرڻ کان اڳيئي وڃي کيس ڏسندس.
1پوءِ اسرائيل پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي اٿي روانو ٿيو، ۽ بيرسبع ۾ اچي، پنهنجي پيءُ اسحاق جي خدا لاءِ قربانيون چاڙهيائين. 2۽ خدا اسرائيل سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو ۽ چيائينس تہ اي يعقوب، اي يعقوب، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 3تڏهن هن چيو تہ آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا: تون مصر ۾ وڃڻ کان نہ ڊڄ؛ آءٌ اتي تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. 4آءٌ تو سان مصر ۾ هلندس ۽ توکي ضرور موٽائي آڻيندس، ۽ يوسف تنهنجين اکين تي پنهنجو هٿ رکندو. 5پوءِ يعقوب بيرسبع مان نڪري اٿي هليو، ۽ اسرائيل جي پٽن پنهنجي پيءُ کي، ۽ پنهنجن ٻارن ۽ زالن کي انهن گاڏين ۾ چاڙهيو، جي فرعون سندس سواريءَ لاءِ موڪليون هيون. 6۽ هنن پنهنجو چوپايو مال، ۽ ٻيو سامان، جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کنيو، ۽ يعقوب پنهنجي سموري اولاد سان گڏ مصر ۾ آيو. 7هن پنهنجا پٽ، ڌيون، پوٽا، پوٽيون ۽ پنهنجو سڀ اولاد پاڻ سان گڏ مصر ۾ آندو.
8اسرائيل جو اولاد جو مصر ۾ آيو، تن جا نالا هي آهن: يعقوب ۽ سندس پٽ: روبن يعقوب جو وڏو پٽ. 9۽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ ۽ فلو، حصرون ۽ ڪرمي. 10۽ شمعون جا پٽ؛ يموايل، يمين، اُهد، يڪين، صحر، ۽ سائول، جو هڪڙيءَ ڪنعاني زال مان پيدا ٿيو هو. 11۽ لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري. 12۽ يهوداہ جا پٽ؛ عير، اُونان، سيلہ، فارص ۽ زارح: (انهن مان عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا.) ۽ فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول. 13۽ اشڪار جا پٽ؛ تولع، فووہ، يوب ۽ سمرون. 14۽ زبولون جا پٽ؛ سرد، ايلون ۽ يحلل ايل. 15اهي سڀ لياہ جا پٽ آهن، جي کيس فدان ارام ۾ سندس ڌيءَ ديناہ سوڌا يعقوب مان ڄاوا: هن جا پٽ ۽ ڌيون مڙيئي ٽيٽيهہ ڄڻا هئا. 16۽ جد جا پٽ؛ صفيان، حجي، سوني، اصبان، عيري، ارودي ۽ اريلي. 17۽ آشر جا پٽ؛ يمنہ، اسواہ، اسوي، بريعاہ ۽ سندن ڀيڻ سرہ: ۽ بريعاہ جا پٽ؛ حبر ۽ ملڪي ايل. 18اهي سڀ زلفہ جا پٽ آهن، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني هئي: اهي هن کي يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي سورنهن ڄڻا هئا. 19۽ يعقوب جي زال راخل جا پٽ؛ يوسف ۽ بنيمين. 20۽ مصر جي ملڪ ۾ يوسف مان منسي ۽ افرائيم پيدا ٿيا، جي اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان پيدا ٿيا. 21۽ بنيمين جا پٽ؛ بلحہ، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روس، مفيم، حفيم ۽ آرد هئا. 22اهي آهن راخل جا پٽ جي يعقوب مان پيدا ٿيا. اهي مڙيئي چوڏهن ڄڻا هئا. 23۽ دان جو پٽ؛ حشيم. 24۽ نفتاليءَ جا پٽ؛ يحصي ايل، جوني، يصر ۽ سليم. 25اهي آهن بلهاہ جا پٽ، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ راخل کي ٻانهي ڪري ڏني هئي، ۽ اهي کيس يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي ست ڄڻا هئا. 26يعقوب جي ننهنرن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد، جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي مڙيئي ڇاهٺ ڄڻا هئا؛ 27۽ يوسف جا ٻہ پٽ، جي مصر ۾ پيدا ٿيا هئا: يعقوب جي خاندان جا سڀيئي ماڻهو، جي مصر ۾ آيا، سي ستر ڄڻا هئا.
28۽ هن يهوداہ کي پاڻ کان اڳي يوسف ڏانهن موڪليو، تہ کيس جشن ڏانهن وڃڻ جو رستو ڏيکاري؛ پوءِ اهي جشن جي ملڪ ۾ آيا. 29۽ يوسف پنهنجي گاڏي تيار ڪري، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي استقبال لاءِ جشن ڏانهن روانو ٿيو، ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس ڀاڪر پائي ڳچ دير تائين پئي رنائين. 30۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون توکي جيئرو جاڳندو اچي ڏٺو آهي، سو هاڻي ڀلي تہ منهنجو موت اچي. 31پوءِ يوسف پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي خاندان کي چيو تہ آءٌ وڃي ٿو فرعون کي ٻڌايان تہ منهنجا ڀائر ۽ منهنجي پيءُ جو خاندان، جي ڪنعان جي ملڪ ۾ هئا، سي مون وٽ آيا آهن؛ 32۽ اهي ماڻهو ڌنار آهن، ڇالاءِ جو هنن ڌڻ پئي چاريا آهن، ۽ پنهنجا ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽن هو، سو آندو اٿن. 33۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن فرعون اوهان کي سڏيندو ۽ چوندو تہ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ 34تڏهن چئجوس تہ تنهنجا ٻانها اسين، ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ننڍپڻ کان وٺي مال چاريندا رهيا آهيون: تڏهن اوهين جشن جي زمين ۾ رهندا، ڇالاءِ جو مصر جا ماڻهو هر ڪنهن ڌنار کان نفرت ڪندا آهن.
1تنهن کان پوءِ يوسف فرعون وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ منهنجو پيءُ، ۽ منهنجا ڀائر، ۽ سندن ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو جيڪي وٽن آهي، تنهن سوڌا ڪنعان جي ملڪ مان آيا آهن؛ ۽ ڏس اهي جشن جي علائقي ۾ آهن. 2۽ هو پنهنجن ڀائرن مان پنج ڄڻا پاڻ سان وٺي ويو، ۽ انهن کي فرعون وٽ حاضر ڪيائين. 3تڏهن فرعون هن جي ڀائرن کان پڇيو تہ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟ هنن فرعون کي چيو تہ اسين تنهنجا ٻانها ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ڌنار آهيون. 4۽ هنن فرعون کي چيو تہ اسين هن ملڪ ۾ رهڻ آيا آهيون؛ ڇالاءِ جو ڪنعان جي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار آهي، ۽ تنهنجن ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي؛ تنهنڪري هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي موڪل ڏي. 5تنهن تي فرعون يوسف کي چيو تہ تنهنجو پيءُ ۽ تنهنجا ڀائر تو وٽ آيا آهن: 6مصر جو ملڪ تنهنجي اڳيان پيو آهي؛ جيڪا تمام چڱي زمين هجي، اتي پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي ٽڪاءِ؛ ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن: ۽ جي منجهن ڪي هوشيار ماڻهو هجن، تہ انهن کي منهنجو چوپايو مال سنڀالڻ لاءِ ڏي.
7پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي وٺي آيو، ۽ آڻي فرعون جي اڳيان بيهاريائينس: ۽ يعقوب فرعون کي برڪت ڏني. 8۽ فرعون يعقوب کان پڇيو تہ تنهنجي عمر ڪيترن ورهين جي آهي؟ 9۽ يعقوب فرعون کي چيو تہ منهنجي مسافريءَ جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ ورهيہ آهن: منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن، ۽ جيترا حياتيءَ جا ڏينهن منهنجن ابن ڏاڏن هن مسافريءَ ۾ گذاريا، اوترا ڏينهن اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن. 10پوءِ يعقوب فرعون کي برڪت ڏيئي وٽانئس ٻاهر آيو. 11۽ يوسف پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ڀائرن کي فرعون جي حڪم موجب مصر جي ملڪ ۾ تمام چڱي زمين، يعني رعمسيس جي زمين سندن قبضي ۾ ڏيئي، کين اتي رهايو. 12۽ يوسف پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ڀائرن، ۽ پنهنجي سڄي خاندان کي، سندن ٻارن آهر کاڌو ڏيئي، سندن پرورش ڪئي.
13انهيءَ ساري ملڪ ۾ کاڌو ڪونہ هو؛ ڇالاءِ جو ڏڪار تمام زور هو، ۽ ڏڪار جي ڪري مصر جي ملڪ جا، ۽ ڪنعان جي ملڪ جا ڏاڍا برا حال ٿيا. 14۽ جيڪو اَن ماڻهن خريد پئي ڪيو، تنهن جي عيوض، جيترو پيسو مصر جي ملڪ ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ هو، سو سڀ يوسف گڏ ڪري فرعون جي گهر ۾ کڻي آيو. 15۽ جڏهن مصر جي ملڪ ۾، ۽ ڪنعان جي ملڪ ۾ پيسو کٽي ويو، تڏهن مصر جا سڀيئي ماڻهو يوسف وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ اسان کي کاڌو ڏي: تنهنجي هوندي اسين ڇو مري وڃون؟ ڇالاءِ جو اسان جو پيسو کپي ويو آهي. 16تڏهن يوسف چين تہ جيڪڏهن پيسو ڪونهي تہ پنهنجو چوپايو مال ڏيو؛ آءٌ اوهان جي چوپائي مال جي عيوض ۾ اوهان کي اَن ڏيندس. 17تڏهن هو پنهنجو چوپايو مال يوسف وٽ وٺي آيا، ۽ يوسف انهن کي سندن گهوڙن، گڏهن، ڍورن ۽ ڌڻن جي عيوض کاڌو ڏنو: ۽ هن کين اهو سال سندن چوپائي مال جي عيوض ماني کارائي. 18۽ جڏهن اهو سال پورو ٿيو، تڏهن ٻئي سال وري هو وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين پنهنجي حاڪم کان اها ڳالهہ نٿا لڪايون تہ اسان جو پيسو سڀ کپي ويو آهي، ۽ چوپائي مال جا ڌڻ بہ سڀ سائينءَ جا ٿي ويا آهن؛ سائين جن جي نظر ۾ اسان جن سرن ۽ زمينن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين بچيو آهي. 19اسين توڙي اسان جي زمين تنهنجي هوندي ڇو برباد ٿيون؟ اسان کي ۽ اسان جيءَ زمين کي کاڌي جي عيوض خريد ڪر: اسين پنهنجيءَ زمين سوڌو فرعون جا ٻانها ٿينداسين: اسان کي ٻج ڏي تہ اسين جيئرا رهون ۽ مري نہ وڃون، ۽ اسان جي زمين بہ ويران نہ ٿئي.
20تڏهن يوسف مصر جي ساري زمين فرعون جي لاءِ خريد ڪئي؛ ڇالاءِ جو مصرين مان هر ڪنهن پنهنجي زمين وڪي، ڇو جو ڏڪار کين ڏاڍو هلاڪ ڪيو هو. اهڙيءَ طرح زمين بہ فرعون جي ٿي. 21باقي رهيا ماڻهو، تن کي هن مصر جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين لڏائي شهرن ۾ آڻي وهاريو. 22رڳو ڪاهنن جي زمين هن خريد ڪانہ ڪئي؛ ڇالاءِ جو ڪاهنن کي فرعون کان لوازمو ملندو هو، ۽ اهو جيڪو لوازمو فرعون انهن کي ڏيندو هو، سو هو کائيندا هئا؛ تنهنڪري هنن پنهنجي زمين ڪانہ وڪي. 23پوءِ يوسف ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، اڄ مون اوهان کي ۽ اوهان جيءَ زمين کي فرعون جي لاءِ خريد ڪيو آهي: اِجهو اوهان جي لاءِ ٻج موجود آهي. اوهين وڃي زمين پوکيو. 24۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين فصل کڻو، تڏهن پنجون حصو فرعون کي ڏجو، ۽ چار حصا ٻنيءَ جي ٻج لاءِ، ۽ اوهان جي کاڌي لاءِ، ۽ اوهان جي خاندان ۽ ٻارن ٻچن جي خوراڪ لاءِ، اوهان جا ٿيندا. 25تڏهن هنن چيو تہ تو اسان جي حياتي بچائي آهي: هاڻي سائين جن اسان تي مهربانيءَ جي نظر رکي، ۽ اسين فرعون جا نوڪر ٿينداسين. 26۽ يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون جاري ڪيو جو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي، تہ فرعون کي پنجون حصو ملي؛ رڳو ڪاهنن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي. 27۽ اسرائيل مصر جي ملڪ ۾ جشن جي علائقي ۾ رهي پيو؛ ۽ اتي مال ملڪيت گڏ ڪيائون، ۽ وڌندا ويجهندا ويا.
28يعقوب مصر جي ملڪ ۾ سترهن ورهيہ جيئرو رهيو: سو يعقوب جي سڄي عمر هڪ سؤ ستيتاليهہ ورهيہ ٿي. 29نيٺ اسرائيل جي وفات جو وقت ويجهو آيو، تڏهن هن پنهنجي پٽ يوسف کي سڏي چيو تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي، تہ ڀلائي ڪري پنهنجو هٿ منهنجيءَ ران جي هيٺان رک، ۽ مون سان مهربانيءَ ۽ سچائيءَ جي هلت ڪج، ۽ مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪج. 30پر جڏهن آءٌ وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن ۾ ملان، تڏهن مون کي مصر مان کڻي وڃج، ۽ هنن جي قبرستان ۾ وڃي دفن ڪج. تڏهن هن چيو تہ جيئن تون چوين ٿو تيئن ئي ڪندس. 31تنهن تي هن چيو تہ انهيءَ جو مون سان قسم کڻ: ۽ هن ساڻس قسم کنيو. تڏهن اسرائيل پنهنجي هنڌ جي سيرانديءَ تي مٿو جهڪائي سجدو ڪيو.
1انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو ڪنهن ماڻهوءَ يوسف کي چيو تہ ڏس، تنهنجو پيءُ بيمار آهي: تڏهن هو پنهنجا ٻئي پٽ منسي ۽ افرائيم پاڻ سان وٺي روانو ٿيو. 2۽ ڪنهن ماڻهوءَ يعقوب کي خبر ڏني تہ ڏس، تنهنجو پٽ يوسف تو وٽ ٿو اچي: تڏهن اسرائيل همت جهلي هنڌ تي اُٿي ويٺو: 3۽ يعقوب يوسف کي چيو تہ خدا قادر مطلق ڪنعان جي ملڪ ۾ لوز وٽ مون کي ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏني، 4۽ مون کي چيائين تہ ڏس، آءٌ توکي ڦلدار ڪندس ۽ توکي وڌائيندس، ۽ تو مان گهڻيون ئي قومون پيدا ڪندس، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس. 5هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ، جي آءٌ تو وٽ مصر جي ملڪ ۾ آيس تنهن کان اڳي تو مان پيدا ٿيا آهن، سي منهنجا آهن: جيئن روبن ۽ شمعون منهنجا آهن، تيئن افرائيم ۽ منسي بہ منهنجا ٿيندا. 6۽ هنن کان پوءِ ٻيو جيڪو اولاد توکي ٿيندو، سو تنهنجو ئي ٿيندو؛ ۽ اهي پنهنجيءَ ميراث ۾ سندن ڀائرن جي نالن سان گڏيا ويندا. 7باقي آءٌ، سو جڏهن فدان مان ٿي آيس، ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هوس، تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي مري ويئي، ۽ مون کيس افرات، يعني بيت الحم جي رستي تي دفن ڪيو. 8پوءِ اسرائيل يوسف جي پٽن کي ڏسي چيو تہ هي ڪير آهن؟ 9۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ هي منهنجا پٽ آهن، جي خدا مون کي هتي ڏنا آهن. تڏهن هن چيو تہ انهن کي مون وٽ وٺي اچ تہ کين برڪت ڏيان. 10هاڻي اسرائيل جي اکين ۾ ٻڍاپي جي ڪري اهڙو ڌنڌ هو، جو هو ڏسي نٿي سگهيو، تنهنڪري هو هنن کي وٽس ويجهو وٺي آيو. تڏهن هن کين چُميو ۽ ڀاڪر پاتائين. 11پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون نٿي ڀانئيو تہ آءٌ تنهنجو منهن ڏسندس: پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو. 12تڏهن يوسف انهن کي سندس گوڏن مان پري ڪيو، ۽ پاڻ زمين تي ڪنڌ جهڪايائين. 13پوءِ يوسف افرائيم کي پنهنجي ساڄي هٿ سان وٺي اسرائيل جي کٻي هٿ ڏانهن آندو، ۽ منسيءَ کي پنهنجي کٻي هٿ سان وٺي اسرائيل جي ساڄي هٿ ڏانهن آندائين، انهيءَ طرح ٻنهي کي هن جي ويجهو وٺي آيو. 14۽ اسرائيل پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيري افرائيم جي مٿي تي رکيو، جو ننڍو هو، ۽ پنهنجو کٻو هٿ منسيءَ جي مٿي تي رکيائين؛ هن ڄاڻي ٻجهي پنهنجا هٿ ائين ڪيا، جيتوڻيڪ منسي وڏو هو. 15۽ هن يوسف کي برڪت ڏني ۽ چيائين تہ خدا، جنهن جي حضور ۾ منهنجو پيءُ اضحاق، ۽ منهنجو ڏاڏو ابرهام هلندا هئا ۽ اهوئي خدا، جنهن منهنجي ساريءَ عمر ۾ اڄ ڏينهن تائين منهنجي پرورش ڪئي آهي. 16۽ اهو فرشتو جنهن مون کي سڀني بڇڙاين کان بچايو آهي، سو شل هنن ڇوڪرن کي برڪت ڏئي، ۽ شل هي منهنجي، ۽ منهنجي ابي ڏاڏي ابرهام، ۽ اضحاق، جي نالي سڏجن؛ شل هو ڌرتيءَ جي وچ ۾ وڌي راڄ ٿين. 17جڏهن يوسف ڏٺو تہ سندس پيءُ پنهنجو ساڄو هٿ افرائيم جي مٿي تي رکيو آهي، تڏهن ناراض ٿيو، ۽ پنهنجي پيءُ جو هٿ جهليائين تہ اهو افرائيم جي مٿي تان کڻي منسيءَ جي مٿي تي رکي. 18۽ يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو تہ بابا ائين ٿيڻ نہ گهرجي: پنهنجو ساڄو هٿ هن جي مٿي تي رک، ڇالاءِ جو هو وڏو آهي. 19پر پڻس نہ مڃيو ۽ چيائين تہ آءٌ ڄاڻان ٿو، منهنجا پٽ آءٌ ڄاڻان ٿو: هي بہ وڌي راڄ ٿيندو، ۽ هي بہ بزرگ ٿيندو، پر سندس ننڍو ڀاءُ کانئس وڌيڪ ٿيندو، ۽ هن جي نسل مان گهڻيئي قومون نڪرنديون. 20سو هن انهيءَ ڏينهن کين برڪت ڏني، ۽ چيائين تہ تنهنجي نالي اسرائيلي هيئن چئي برڪت ڏيندا، تہ شل خدا توکي افرائيم جهڙو ۽ منسيءَ جهڙو ڪري: 21پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ ڏس هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا اوهان سان هوندو، ۽ اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ وٺي ويندو. 22ٻيو تہ مون توکي تنهنجي ڀائرن کان هڪڙو حصو وڌيڪ ڏنو آهي، جو مون پنهنجيءَ ترار ۽ پنهنجيءَ ڪمان سان امورين کان ورتو هو.
1۽ يعقوب پنهنجن پٽن کي سڏي چيو تہ اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ پوين ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.
2اي يعقوب جو اولاد، اوهين اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي ڳالهہ ڏانهن ڪن ڏيو.
3اي روبن تون منهنجو وڏو پٽ آهين، منهنجي زور ۽ منهنجيءَ طاقت جو منڍ آهين؛ تون وڏي درجي ۽ وڏي زور وارو آهين. 4تون پاڻيءَ وانگر بي قرار آهين، تنهنڪري توکي وڏائي حاصل نہ ٿيندي؛ ڇالاءِ جو تون پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي وئين، ۽ تو انهيءَ کي پليت ڪيو: هو منهنجي هنڌ تي چڙهي ويو.
5شمعون ۽ لاوي ڀائر آهن، هنن جون تراريون ظلم جا هٿيار آهن. 6اي منهنجا جيءَ، پنهنجي صلاح تي نہ هل؛ اي منهنجي بزرگي، هنن جي جماعت ۾ شامل نہ ٿي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪاوڙ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪيو، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب هڪڙو ڍڳو گُڏي وڌو. 7لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.
8اي يهوداہ، تنهنجا ڀائر تنهنجي ساراهہ ڪندا: تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن جي ڳچيءَ تي رهندو؛ تنهنجي پيءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ نمائيندا. 9يهوداہ شينهن جو ٻچو آهي؛ اي منهنجا پٽ، تون شڪار تان آيو آهين: هو شينهن وانگي ۽ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ڪير هن کي اُٿاريندو؟ 10جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون. 11هو پنهنجو وڇيرو ڊاک سان، ۽ پنهنجو کودڙو عمديءَ ڊاک سان ٻڌندو؛ هو پنهنجا ڪپڙا مئي ۾ ڌوئندو، ۽ پنهنجي پوشاڪ انگور جي رس ۾: 12هن جون اکيون مئي سان ڳاڙهيون ٿينديون ۽ سندس ڏند کير سان اڇا ٿيندا.
13زبولون سمنڊ جي ڪناري تي رهندو، هو جهازن جي بندرگاهہ ٿيندو؛ ۽ سندس سرحد صيدا تائين وڃي پهچندي.
14اشڪار هڪڙو مضبوط گڏهہ آهي، جو رڍن جي واڙن جي وچ ۾ ويٺو آهي. 15جڏهن هو هڪڙي چڱي آرامگاهہ ۽ دلپسند زمين ڏسندو، تڏهن هو بار کڻڻ لاءِ ڪلهو جهڪائيندو ۽ ڍل ڀريندڙ نوڪر ٿيندو.
16دان اسرائيل جي قبيلن مان هڪڙي وانگر پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪندو. 17دان، واٽ جي نانگ ۽ رستي جي سپ جهڙو ٿيندو، ۽ گهوڙي جي کڙين کي اهڙو ڏنگ هڻندو، جو سندس سوار پٺتي ڪري پوندو. 18اي خداوند، آءٌ تنهنجي نجات جو منتظر آهيان.
19جد تي هڪڙي فوج حملو ڪندي، پر نيٺ هو غالب پوندو.
20آشر مان سندس سڻڀي ماني پيدا ٿيندي، ۽ هو شاهي طعام موجود ڪري ڏيندو.
21نفتالي هڪڙي ڇڙواڳ هرڻ وانگي آهي: جو مٺيون مٺيون ڳالهيون ٿو ڪري.
22يوسف هڪڙو ڦلدار ٻوٽو آهي، اهڙو ڦلدار جو چشمي جي ڀرسان بيٺل هجي؛ ۽ هن جون ٽاريون ڀت تي چڙهي ويون آهن. 23تير اندازن هن کي ڏاڍو هلاڪ ڪيو ۽ کيس تير هڻي ڏکويو اٿن: 24پر هن جي ڪمان زور جهلي بيٺي، ۽ هن جي هٿن ۽ ٻانهن کي يعقوب جي قادر جي هٿن کان طاقت ملي. انهيءَ مان اهو ڌنار نڪرندو، جو اسرائيل جو ٽڪر آهي. 25هي تنهنجي پيءُ جي خدا جي حڪم سان، ۽ انهيءَ قادر مطلق جي حڪم سان ٿيندو، جو تنهنجي مدد ڪندو، ۽ توکي مٿان آسمان جون برڪتون ڏيندو، ۽ هيٺان اونهي سمنڊ جون برڪتون ڏيندو، ۽ ڇاتين جون، ۽ رحمن جون برڪتون ڏيندو. 26تنهنجي پيءُ جون دعائون، منهنجي وڏن جي دعائن کان ايترو تہ وڌيڪ آهن، جو هميشہ قائم رهندڙ جبلن جي مٿانهينءَ چوٽيءَ تائين وڃي پهتيون آهن: اهي يوسف جي مٿي تي، بلڪ سندس مٿي جي چوٽيءَ تي رهنديون، جو پنهنجن ڀائرن کان ڌار ڪيو ويو.
27بنيمين هڪڙو بگهڙ آهي، جو ڦاڙيندو وتي: هو صبح جو شڪار کائيندو، ۽ سانجهيءَ جو لٽ جو مال ورهائيندو.
28اهي سڀ اسرائيل جا ٻارهن قبيلا آهن، ۽ سندن پيءُ جيڪي کين ٻڌايو ۽ جيڪي برڪتون ڏنائين سي اُهي ئي آهن؛ هر ڪنهن کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ برڪت موجب برڪت ڏنائين. 29۽ هن کين تاڪيد ڪري چيو تہ هاڻي آءٌ وڃي پنهنجن ۾ گڏبس: مون کي منهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو، جيڪو عفرون حتيءَ جي ٻنيءَ ۾ آهي. 30يعني انهيءَ غار ۾، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ ممريءَ جي سامهون مڪفيلہ جي ٻنيءَ ۾ آهي. جو ابرهام ٻنيءَ سوڌو عفرون حتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري انهي جو قبضو ورتو. 31اتي هنن ابرهام ۽ سندس زال سارہ کي دفن ڪيو، ۽ اتي هنن اسحاق ۽ سندس زال ربقہ کي دفن ڪيو، ۽ اتي مون لياہ کي دفن ڪيو، 32يعني انهيءَ ٻنيءَ واري غار ۾، جيڪو حت جي پٽن کان خريد ڪيو ويو هو. 33جڏهن يعقوب پنهنجن پٽن کي وصيت ڪري رهيو، تڏهن هن پنهنجون ٽنگون هنڌ ۾ ڊگهيريون ۽ ساهہ ڏنائين، ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.