Skip to content

متي 21:23 – 23:39

يسوع جي اختيار بابت هڪ سوال

1۽ جڏهن هو يروشلم جي ويجهو، ۽ بيت فگا ۾ زيتون جي ٽڪر تي آيا، تڏهن يسوع ٻن شاگردن کي موڪليو، 2۽ چيائين تہ انهي ڳوٺ ۾ وڃو، جو اوهان جي سامهون آهي، ۽ وڃڻ شرط اوهين هڪڙو گڏهہ ٻڌل ڏسندا، ۽ ساڻس هڪڙو کودڙو بہ هوندو: اُهي ڇوڙي مون وٽ وٺي اچو. 3۽ جيڪڏهن ڪو اوهان کي ڪي چوي، تہ چئجوس، تہ خداوند کي انهي جي گهرج آهي؛ تہ هو انهي دم موڪلي ڏيندو. 4هاڻ اهو هن لاءِ ٿيو تہ جيڪي نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ 5”اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ ٿو اچي، نماڻو ۽ گڏهہ تي چڙهيل، بلڪ گڏهہ جي ٻچي، يعني کودڙي تي.“ 6سو شاگرد ويا ۽ جيئن يسوع فرمايو هون، تيئن ڪيائون. 7۽ گڏهہ ۽ کودڙي کي وٺي آيا، ۽ پنهنجا ڪپڙا لٽا اُنهن تي وڌائون؛ ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو. 8۽ ماڻهن مان گهڻن ئي پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا، ۽ ٻين وري وڻن جون ٽاريون وڍي اُهي کڻي رستي تي پکيڙيون. 9۽ ماڻهن جا ميڙاڪا جي سندس اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا، تن وڏي آواز سان چيو، تہ هوشعنا ابن دائود کي، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي اچي ٿو، عالم بالا ۾ هوشعنا! 10۽ جڏهن هو يروشلم ۾ آيو، تڏهن سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي، ۽ ماڻهو چوڻ لڳا تہ هي ڪير آهي؟ 11۽ ميڙاڪن چيو تہ هي گليل جي ناصرت وارو نبي يسوع آهي.
12۽ يسوع خدا جي هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪئي، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍيائين، ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. 13۽ انهن کي چيائين تہ لکيل آهي تہ ”منهنجو گهر دعا جو گهر سڏبو:“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنائي آهي. 14۽ انڌا ۽ منڊا هيڪل ۾ وٽس آيا، ۽ هن انهن کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو. 15پر جيڪي عجب جهڙا ڪم پئي ڪيائين، سي جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ڏٺا، ۽ انهن ٻارن کي ڏٺائون، جن هيڪل ۾ رڙيون ڪري پئي چيو تہ هوشعنا ابن دائود کي، تڏهن کين ڏاڍي چڙ لڳي. 16۽ چوڻ لڳس، تہ هي جيڪي چون ٿا سو ڪي ٻڌين ٿو؟ ۽ يسوع چين تہ هائو، اوهان ڪڏهن ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ”معصومن ۽ کير پياڪن جي واتان تنهنجي ڪامل تعريف ٿي ٿئي.“ 17۽ هو انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت عنياہ ڏانهن ويو، ۽ اُتي وڃي ٽڪيو.
18هاڻي صبح جو جڏهن هو شهر ڏانهن ٿي موٽيو، تڏهن بک لڳس. 19۽ رستي جي ڀرسان هڪڙو انجير جو وڻ ڏسي انهي ڏانهن آيو، ۽ ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ منجهس ٻيو ڪي ڪينهي، سو هن کي چوڻ لڳو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ تو ۾ ڦل نہ ٿئي، ۽ انهي دم اُهو انجير جو وڻ سُڪي ويو. 20۽ جڏهن شاگردن اهو ڏٺو، تڏهن عجب ۾ پئي چوڻ لڳا تہ هي انجير جو وڻ ڪيئن هڪدم سُڪي ويو. 21۽ يسوع ورندي ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جي اوهين ايمان آڻيندا ۽ شڪ نہ ڪندا، تہ نہ رڳو جيئن هن انجير جي وڻ سان ڪيو ويو تيئن ڪري سگهندا، پر جي کڻي هن جبل کي چوندا تہ هتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، تہ ائين بہ ٿي پوندو. 22۽ جيڪي بہ اوهين ايمان رکي دعا ۾ گهُرندا، سو سڀ اوهان کي ملندو.
23۽ جڏهن هو هيڪل ۾ آيو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ اُمت جي بزرگن وٽس اچي چيو تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ ۽ ڪنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟ 24۽ يسوع ورندي ڏيئي چين تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، سو جي اوهين مون کي ٻڌائيندا تہ آئون بہ ٻڌائيندوسانوَ تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان. 25يوحنا جي بپتسما ڪٿان آئي؟ آسمان کان يا ماڻهن کان؟ ۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا، تہ جي ٿا چئون تہ آسمان کان، تہ هو اسان کي چوندو، تڏهن هن کي ڇو نہ مڃيو؟ 26پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ اسين خلق کان ٿا ڊڄون؛ ڇالاءِ جو سڀ يوحنا کي نبي ڪري ٿا سمجهن. 27سو هنن يسوع کي جواب ڏيئي چيو تہ اسان کي خبر ڪانهي. هن بہ چين، تڏهن آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان. 28پر اوهين ڇا ٿا ڀانئيو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا، ۽ هو پهرئين وٽ آيو ۽ چيائينس، تہ پٽ، اڄ وڃي ڊاک جي باغ ۾ ڪم ڪر. 29۽ هن ورندي ڏيئي چيو تہ آئون ڪين ويندس: پر پوءِ هو پاڻهي پڇتائي اوڏانهن ويو. 30وري هو ٻئي وٽ آيو، ۽ انهي کي بہ ائين چيائين، ۽ هن ورندي ڏيئي چيو تہ سائين آئون وڃان ٿو، پر ويو ڪين. 31انهن ٻنهي مان پنهنجي پيءُ جي مرضيءَ تي ڪير هليو؟ هنن چيس تہ پهريون. يسوع چين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ محصولي ٺيڪيدار ۽ ڪسبياڻيون اوهان کان اڳي خدا جي بادشاهت ۾ وينديون. 32ڇالاءِ تہ يوحنا اوهان وٽ سچائيءَ جي رستي آيو، ۽ اوهان هن کي نہ مڃيو، پر ٺيڪيدارن ۽ ڪسبياڻين کيس مڃيو: ۽ اوهان جيتوڻيڪ اهو ڏٺو، تڏهن بہ ايمان آڻڻ لاءِ توبهہ نہ ڪئي.
33ٻيو مثال ٻڌو: هڪڙو گهر جو مالڪ هو، تنهن هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو. ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ منجهس هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 34۽ جڏهن ڦل جي موسم ويجهي آئي، تڏهن انهن آبادگارن ڏانهن هن پنهنجا نوڪر موڪليا، تہ سندس ميوي جو حصو وٺي اچن. 35۽ انهن آبادگارن سندس نوڪرن کي جهلي هڪڙي کي مار ڏنائون، ۽ ٻئي کي قتل ڪيائون ۽ ٽئين کي سنگسار ڪيائون. 36وري هن اڳي کان گهڻا نوڪر موڪليا، تن سان بہ انهن اُها ساڳي ڪار ڪئي. 37پر پوءِ هن اُنهن ڏانهن پنهنجو پٽ موڪليو، جو چيائين تہ هو منهنجي پٽ جي عزت رکندا. 38پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون. 39۽ انهن هن کي بہ جهلي باغ جي ٻاهر ڪڍي ماري وڌو. 40تنهنڪري جڏهن باغ جو مالڪ ايندو، تڏهن انهن آبادگارن سان ڇا ڪندو؟ 41هنن چيس، تہ هو انهن بڇڙن سان ڏاڍيون جُٺيون ڪري کين چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيندو، جي هر ڪنهن مند تي کيس ميوو ڏيندا رهندا. 42۽ يسوع چين تہ اوهان ڪڏهن پاڪ ڪتاب ۾ نہ پڙهيو آهي ڇا تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو، هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ بہ عجب جهڙي ڳالهہ آهي.“ 43تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا جي بادشاهت اوهان کان کسي انهيءَ قوم کي ڏني ويندي، جا انهيءَ جو ڦل ڏيندي. 44۽ جيڪو هن پهڻ تي ڪِرندو سو ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوندو، پر جنهن تي اُهو ڪِرندو، تنهن کي چور چور ڪري ڇڏيندو. 45۽ جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين هن جا مثال ٻڌا، تڏهن سهي ڪيائون تہ هي اسان بابت ٿو چوي. 46۽ جڏهن انهن کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ماڻهن کان ڊنا، جو اُهي هن کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا
1۽ يسوع وري بہ مثالن ۾ هنن سان ڳالهائڻ لڳو، ۽ چيائين تہ 2آسمان جي بادشاهت انهي بادشاهہ مثل آهي، جنهن پنهنجي پٽ جي شادي جي مجلس ڪئي. 3۽ پنهنجا نوڪر موڪليائين تہ جن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت مليل آهي، تن کي سڏي اچو. پر انهن اچڻ جي نہ ڪئي. 4وري هن ٻيا نوڪر موڪليا، ۽ چيائين تہ جن کي دعوت ملي آهي، تن کي چئو، تہ ڏسو، مون پنهنجي ماني تيار ڪرائي آهي، منهنجا وهڙا ۽ ٿلها ٿلها جانور ذبح ٿي چڪا آهن، ۽ سڀ شيون تيار آهن، اوهين شاديءَ جي مجلس تي اچو. 5پر هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجي منهن هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن، ڪو پنهنجي واپار تي: 6۽ ٻين وري هن جي نوڪرن کي جهلي بي عزت ڪري ماري وڌو. 7تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين. 8تڏهن هن پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ شاديءَ جي مجلس تيار آهي، مگر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي، سي لائق نہ هئا، 9تنهنڪري اوهين چوواٽن تي وڃو، ۽ جيڪي بہ ماڻهو ڏسو، تن کي شاديءَ جي مجلس جي دعوت ڏيو. 10۽ اُهي نوڪر شاهي سڙڪن تي ويا، ۽ جيترا ماڻهو چڱا مٺا منهن پين، تن کي آڻي گڏ ڪيائون: سو شاديءَ واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي. 11پر جڏهن بادشاهہ مهمانن جي ڏسڻ لاءِ اندر آيو، تڏهن اتي هڪڙو ماڻهو ڏٺائين، جنهن کي شاديءَ جا ڪپڙا پيل ڪين هئا. 12۽ انهي کي چيائين تہ ميان، شاديءَ جي ڪپڙن کانسواءِ تون هتي ڪيئن آيو آهين؟ پر هن ڪُڇيو ئي ڪين. 13تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي چيو تہ هن جا هٿ پير ٻَڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيوس، اتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو. 14ڇالاءِ جو سڏيل گهڻا آهن پر چونڊيل آهن ٿورا.
15تڏهن فريسي وڃي صلاح ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايون. 16۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين. 17تنهنڪري اسان کي ٻڌاءِ تہ تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟ 18پر يسوع هنن جي بدنيتي سهي ڪري چيو تہ اي رياڪارو، اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟ 19مون کي ڍل جو سڪو ڏيکاريو. ۽ هو وٽس هڪڙو دينار کڻي آيا. 20۽ هن کين چيو تہ هي شڪل ۽ هي اکر ڪنهن جا آهن؟ 21هنن چيس تہ قيصر جا آهن؛ تڏهن چيائين تہ چڱو جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي، سو خدا کي. 22۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.
23انهي ڏينهن وٽس صدوقي آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪين: ۽ انهن کانئس پڇيو تہ 24اي اُستاد، موسيٰ چيو آهي تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي ۽ اولاد ڪونہ هجيس، تہ انهي جو ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري. 25هاڻي اسان وٽ هڪڙا ست ڀائر هئا، ۽ پهريون پرڻيو، ۽ مري ويو، ۽ اولاد نہ هئڻ ڪري پنهنجي زال ڀاءُ لاءِ ڇڏي ويو، 26۽ ٻيو بہ اهڙيءَ طرح، ۽ ٽئين کان وٺي ستين تائين بہ انهي طرح. 27انهن سڀني کان پوءِ اُها زال بہ مري ويئي. 28تنهنڪري قيامت ۾ اُها زال انهن ستن ئي مان ڪنهن جي ٿيندي؟ ڇالاءِ جو سڀني وٽ رهي هئي. 29پر يسوع ورندي ڏيئي چين تہ اوهين ڀلجو ٿا، جو نڪي پاڪ ڪتابن کي ڄاڻو ٿا، نڪي خدا جي قدرت کي. 30ڇالاءِ جو قيامت ۾ ماڻهو نڪي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن بهشت ۾ ملائڪ آهن تيئن ٿيندا. 31پر جيڪي مري ويا آهن، تن جي جي اُٿڻ بابت جيڪي خدا اوهان کي فرمايو آهي، سو نہ پڙهيو اٿوَ ڇا تہ 32”آئون ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا آهيان؟“ خدا مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي. 33۽ جڏهن ماڻهن اهو ٻُڌو، تڏهن هن جي تعليم ڪري عجب ۾ پئجي ويا.
34پر جڏهن فريسين ٻڌو تہ هن صدوقين کي لاجواب ڪري ڇڏيو، تڏهن هو پاڻ ۾ گڏ ٿيا، 35۽ منجهانئن هڪڙو شريعت جو عالم هو، تنهن کيس آزمائڻ لاءِ کانئس هڪڙو سوال پڇيو تہ 36اي اُستاد، شريعت ۾ وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟ 37هن چيس، تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجيءَ ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجيءَ ساريءَ جان سان، ۽ پنهنجي ساري عقل سان پيار ڪر. 38اهو وڏو ۽ پهريون حڪم آهي. 39۽ ٻيو انهي جهڙو هي آهي تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر. 40انهن ٻنهي حڪمن تي ساري توريت ۽ نبين جي ڪتابن جو مدار آهي. 41هاڻي جڏهن فريسي گڏ ٿيا ويٺا هئا، تڏهن يسوع انهن کان هڪڙو سوال پڇيو تہ 42مسيح بابت اوهين ڇا ٿا ڀانئيو؟ اُهو ڪنهن جو پٽ آهي؟ هنن چيس، تہ دائود جو. 43هن چين تہ تڏهن ڪيئن دائود روح جي هدايت سان هن کي خداوند ٿو سڏي، جو چوي ٿو تہ 44”خداوند، منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجن پيرن هيٺ ڪريان؟“ 45جيڪڏهن دائود هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟ 46۽ ڪوبہ هن کي ورنديءَ ۾ هڪڙو اکر بہ چئي نہ سگهيو، نڪي وري انهي ڏينهن کان وٺي ڪنهن ماڻهوءَ کي کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي.
1تڏهن يسوع ميڙاڪن ۽ پنهنجن شاگردن کي چيو تہ 2فقيهہ ۽ فريسي موسيٰ جي گاديءَ تي ويٺا آهن: 3تنهنڪري سڀ جيڪي هو اوهان کي ڪرڻ لاءِ چون، سو ڪريو ۽ عمل ۾ آڻيو: پر هنن جهڙا ڪم نہ ڪريو؛ ڇالاءِ جو جيئن هو چون ٿا، تيئن ڪن ڪين ٿا. 4هائو، هو ڳريون ڀريون ٿا ٻَڌن، جي کڻڻ مشڪل آهن، ۽ اُهي ماڻهن جي ڪلهن تي کنيو رکن؛ پر پاڻ انهن کي آڱر سان بہ ڪين ٿا چورين. 5پر هو پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجا تعويذ وڏا ٿا ڪن، ۽ پنهنجن قبائن جون دامنيون ڪشاديون ٿا ڪن، 6۽ مجلس ۾ خاص جڳهون، ۽ عبادتگاهن ۾ اعليٰ درجي جون جايون پسند ٿا ڪن. 7۽ کين وڻي ٿو تہ ماڻهو اسان کي بازارن ۾ سلام ۽ ربي ڪري سڏين. 8پر اوهين پاڻ کي ربي متان سڏايو، ڇالاءِ جو اوهان جو اُستاد هڪڙو آهي، ۽ اوهين سڀيئي ڀائر آهيو. 9۽ زمين تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پيءُ ڪري متان سڏيو، ڇالاءِ جو اوهان جو پيءُ هڪڙو آهي، جو آسمان ۾ آهي. 10نڪي پاڻ کي هادي سڏائجو، ڇالاءِ جو اوهان جو هادي هڪڙو آهي، يعني مسيح. 11پر جيڪو اوهان ۾ سڀ کان وڏو آهي سو اوهان جو خادم ٿيندو. 12۽ جيڪو پاڻ کي مٿي ڪندو سو هيٺ ڪيو ويندو، ۽ جيڪو پاڻ کي هيٺ ڪندو سو مٿي ڪيو ويندو.
13پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو. 14(افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! جو اوهين بيوهہ زالن جي گهرن کي هضم ٿا ڪريو ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ ڊگهيون ڊگهيون دعائون ٿا گهرو. اوهان کي وڌيڪ سزا ملندي.) 15افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي دين ۾ آڻڻ لاءِ سمنڊ ۽ سُڪي لتاڙي ٿا وڃو، ۽ جڏهن هو اوهان جي دين ۾ شريڪ ٿو ٿئي، تڏهن هن کي پاڻ کان ٻيڻو جهنم جو ٻار ٿا بڻايو.
16افسوس آهي اوهان لاءِ، اي انڌا سونهان، جو چئو ٿا تہ جيڪو هيڪل جو قسم کڻندو سو ٻڌل آهي. 17بيوَقوف ۽ انڌا؛ ٻنهي مان ڪهڙو وڏو آهي، سون يا هيڪل، جنهن انهي سون کي پاڪ ڪيو آهي؟ 18۽ چئو ٿا، تہ جيڪو قربانگاهہ جو قسم کڻندو تنهن لاءِ فڪر ڪونهي، پر جيڪو انهي تي رکيل نذر جو قسم کڻندو سو قرضي آهي. 19انڌا، ٻنهي مان ڪهڙو وڏو آهي، نذر، يا قربانگاهہ جا نذر کي پاڪ ٿي ڪري؟ 20تنهنڪري جيڪو قربانگاهہ جو قسم ٿو کڻي سو انهيءَ جو، ۽ جيڪي شيون مٿس رکيل آهن تن سڀني جو قسم ٿو کڻي. 21۽ جيڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي سو انهيءَ جو، ۽ جيڪو انهيءَ ۾ رهي ٿو تنهن جو قسم ٿو کڻي. 22۽ جيڪو آسمان جو قسم ٿو کڻي سو خدا جي تخت جو، ۽ جيڪو انهي تي ويٺل آهي تنهن جو قسم ٿو کڻي.
23افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين ڦودني ۽ سونف ۽ جِيري تي تہ ڏهون حصو ٿا ڏيو، پر جيڪي شريعت جون انهي کان ڳريون ڳالهيون آهن، يعني انصاف ۽ رحم ۽ ايمان، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر اِهي تہ اوهان کي ڪرڻ گهربيون هيون، ۽ هو ٻيون بہ ڇڏي ڏيڻ نہ کپنديون هيون. 24اي انڌا سونهان، اوهين مڇر تہ ڇاڻي ٿا ڪڍو، پر اُٺ ڳهيو ٿا وڃو.
25افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو ملي صاف ٿا ڪريو، پر اندران اُهي ظلم ۽ زبردستيءَ سان ڀريون پيون آهن. 26اي انڌا فريسي، پهرين وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو اندريون پاسو ملي صاف ڪر، تہ پوءِ انهن جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي پوندو.
27افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين انهن قبرن وانگر آهيو، جن تي سيڙهي لڳل آهي، جي ٻاهران سهڻيون ٿيون ڏسجن، مگر اندران اُهي مڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريون پيون آهن. 28ساڳيو انهي طرح اوهين بہ ٻاهران ماڻهن کي نيڪ ڏسڻ ۾ ٿا اچو، مگر اندران مڪر ۽ بدڪاريءَ سان ڀريا پيا آهيو.
29افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين نبين جون قبرون ٿا جوڙيو، ۽ راستبازن جون تربتون ٿا سينگاريو، 30۽ چئو ٿا تہ جي اسين پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر نبين جي خون ۾ اُنهن سان شامل نہ ٿيون ها. 31انهي ڪري اوهين پاڻ تي شاهدي ٿا ڀريو، تہ جن نبين کي قتل ڪيو، تن جا اسين ٻار آهيون. 32سو اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جو ماڻ ڀري ٽمٽار ڪريو. 33اي بريون بلائون، ۽ نانگن جا ٻچا، اوهين جهنم جي سزا کان ڪيئن ڇُٽندا؟ 34تنهنڪري ڏسو، آئون اوهان ڏانهن نبي ۽ داناءَ ماڻهو ۽ فقيهہ موڪليان ٿو: انهن مان ڪن کي اوهين قتل ڪندا ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ڪن کي اوهين پنهنجين عبادتگاهن ۾ چهبڪ هڻندا، ۽ شهر شهر ستائيندا وتندا. 35انهيءَ لاءِ تہ سڀني راستبازن جو رت، جو زمين تي وهايو ويو هو، يعني راستباز هابيل جي رت کان وٺي، برڪياہ جي پٽ ذڪرياہ جي رت تائين، جنهن کي اوهان پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ قتل ڪيو، سو سڀ اوهان جي گردن تي پوي. 36آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهي سڀ ڳالهيون هن پيڙهيءَ تي اينديون.
37اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو! 38ڏسو اوهان جو گهر ويران ٿيو پيو اٿوَ. 39ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ اوهين هن کان پوءِ مون کي تيسين نہ ڏسندا، جيسين ڪ چوندا تہ اُهو مبارڪ آهي، جو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.