Skip to content

ڳاڻاٽو 19

1پوءِ خدا موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو، ۽ کين چيائين تہ 2جنهن شريعت جو خداوند حڪم ڏنو آهي تنهن جو قانون هي آهي، ۽ فرمايو اٿس تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ هو تو وٽ هڪڙي بي عيب ڳاڙهي گابي وٺي اچن، جنهن تي ڪو داغ يا چٽو نہ هجي، ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ ڪا پاڃاري ڪانہ آئي هجي. 3اوهين اها وٺي اليعزر ڪاهن کي ڏجو تہ هو انهيءَ کي منزلگاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي، ۽ ڪو ماڻهو انهيءَ کي هنن جي روبرو ذبح ڪري: 4۽ اليعزر ڪاهن هن جو رت پنهنجيءَ آڱر تي کڻي جماعت واري تنبوءَ جي سامهون واري پاسي ست ڀيرا ڇاٽاري. 5پوءِ ڪو ماڻهو انهيءَ گابيءَ کي هن جي روبرو ساڙي؛ هو انهيءَ جي کل ۽ گوشت ۽ رت ۽ ڇيڻو اهي سڀ ساڙي ڇڏي: 6۽ ڪاهن ديال جي ڪاٺي، ۽ زوفا، ۽ قرمزي رنگ کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ واريءَ باهہ ۾ اُڇلائي وجهي. 7پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي؛ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو. 8۽ جيڪو انهيءَ کي ساڙي سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، ۽ اهو بہ شام تائين ناپاڪ رهندو. 
9۽ جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، منزلگاهہ جي ٻاهران ڪنهن صاف هنڌ رکي، ۽ اها بني اسرائيل جي جماعت لاءِ، ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ واسطي رکي رهي: اها هڪڙي گناهہ جي قرباني آهي. 10۽ جيڪو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ اهو بہ شام تائين ناپاڪ رهندو: هي بني اسرائيل جي لاءِ، ۽ جيڪو منجهن رهندو هجي، تنهن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو.
11جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو: 12ٽئين ڏينهن هو پاڻ کي انهي سان پاڪ ڪري، ۽ ستين ڏينهن بہ، پوءِ هو پاڪ ٿيندو: پر جيڪڏهن هو ٽئين ڏينهن پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، تہ هو ستين ڏينهن بہ پاڪ نہ ٿيندو. 13جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نٿو ڪري، سو خداوند جي خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري؛ اهڙو ماڻهو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي انهي تي ڇاٽاريو نہ ويو، تنهنڪري اهو ناپاڪ رهندو؛ انهي جي ناپاڪي اڃا بہ انهي جي مٿان آهي. 
14جيڪڏهن ڪنهن تنبوءَ ۾ ڪو ماڻهو مري تہ انهي جي واسطي هي قاعدو آهي: جيڪو بہ ماڻهو انهي تنبوءَ ۾ هجي، ۽ جيڪو بہ انهي تنبوءَ ۾ اچي، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو. 15۽ سڀڪو کليل ٿانءُ، جنهن جي مٿان ڍڪ نہ هجي، سو ناپاڪ ٿيندو. 
16جيڪو کليل ميدان ۾ ترار سان ماريل ڪنهن ماڻهوءَ کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا ماڻهوءَ جي ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو. 
17اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ هيئن ڪرڻ گهرجي تہ اها گناهہ جي قرباني، جا ساڙي ويئي، تنهن جي رک مان ڪجهہ کڻي هڪڙي ٿانو ۾ وجهي ۽ انهي تي چشمي جو پاڻي وجهن. 18پوءِ هڪڙو ماڻهو زوفا کڻي انهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، ۽ انهي تنبوءَ تي، ۽ سڀني ٿانون تي، ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي، ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن ترار سان ماريل ماڻهو کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا قبر کي هٿ لاتو هجي، تنهن تي ڇاٽاري: 19اهو پاڪ ماڻهو ٽئين ڏينهن، ۽ ستين ڏينهن، انهيءَ ناپاڪ ماڻهو تي اهو ڇاٽاري، ۽ ستين ڏينهن هو انهي کي پاڪ ڪري؛ ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ شام جو هو پاڪ ٿيندو. 
20پر جيڪو ماڻهو ناپاڪ ٿيو هوندو، ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، سو ماڻهو جماعت منجهان تباهہ ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي: ۽ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي هن تي نہ ڇڻڪيو ويو؛ ۽ هو ناپاڪ آهي. 21اهو هنن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: جيڪو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ڇاٽاري، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ جيڪو ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 22۽ اهو ناپاڪ ماڻهو جنهن شيءِ کي ڇهندو سا شيءِ ناپاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.