Skip to content

Qur’an- Surat 37: 102-110 (The Saffat)

Taurat: Genesis 22:1-18

پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.
پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.
پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.
۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.

105.بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

106.بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.

107.۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.

108۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.

109.ابراھيم تي شال سلام ھجي.

110.ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

1انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو خداوند ابرهام جي آزمائش ورتي ۽ چيائينس تہ ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 2تڏهن هن چيو تہ تنهنجو پٽ، تنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين، تنهن کي وٺي مورياہ جي ملڪ ۾ وڃ، ۽ اتي جيڪو جبل آءٌ توکي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي سوختني قربانيءَ لاءِ چاڙهہ. 3تڏهن ابرهام صبح جو سوير اٿي پنهنجو گڏهہ پلاڻيو، ۽ قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون چيريائين، پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي، انهيءَ هنڌ ويو، جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس. 4ٽئين ڏينهن ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي پري کان اهو هنڌ ڏٺو. 5تڏهن ابرهام پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو، آءٌ ۽ ڇوڪر اڳتي ٿا وڃون؛ ۽ اسين عبادت ڪري اوهان وٽ موٽي اينداسين. 6ابرهام قربانيءَ جون ڪاٺيون کڻي پنهنجي پٽ اسحاق تي رکيون، ۽ باهہ، ۽ ڪاتي پنهنجي هٿ ۾ کنيائين، ۽ ٻئي گڏجي اٿي هليا. 7تڏهن اسحاق پنهنجي پيءُ ابرهام کي چيو تہ اي بابا! هن چيو تہ اِجهو منهنجا پٽ. ۽ هن چيو تہ ڏس باهہ ۽ ڪاٺيون تہ آهن، پر سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو ڪٿي آهي؟ 8تڏهن ابرهام چيو تہ منهنجا پٽ، خدا پاڻيهي سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو موجود ڪندو. سو هو ٻئي گڏجي هلندا ويا. 9جڏهن انهيءَ هنڌ آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هوس؛ تڏهن ابرهام اتي قربانگاهہ جوڙي ۽ اتي ڪاٺيون ٺاهي رکيائين، ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي ڪاٺين جي مٿان رکيائين. 10پوءِ ابرهام پنهنجو هٿ ڊگهيري پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کنئي. 11تڏهن خداوند جي فرشتي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ابرهام، ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 12۽ هن چيو تہ ڇوڪر تي هٿ نہ کڻ، ۽ ڪي بہ نہ ڪرينس: هاڻي مون کي خبر پيئي آهي، تہ توکي خدا جو خوف آهي، ڇالاءِ جو تو پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو آهي. 13پوءِ ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ پنهنجي پٺيان هڪڙو گهيٽو ڏٺائين جنهن جا سڱ هڪڙي گهاٽي ٻوڙي ۾ اٽڪيل هئا تڏهن ابرهام وڃي اهو گهيٽو آندو ۽ پنهنجي پٽ جي بدران انهيءَ جي سوختني قرباني ڪيائين. 14۽ ابرهام انهيءَ هنڌ جو نالو يهوواہ يري رکيو، جيئن اڄ ڏينهن تائين بہ چوڻ ۾ ٿو اچي، تہ خداوند جي جبل تي موجود ڪيو ويندو. 15پوءِ خداوند جي فرشتي ٻيو ڀيرو آسمان مان ابرهام کي سڏي چيو تہ، 16انهيءَ لاءِ تہ تو هي ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو، تنهنڪري مون پنهنجو قسم کنيو آهي تہ 17آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو. 18تنهنجي نسل جي وسيلي زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجو چوڻ مڃيو آهي.