Skip to content
1اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مونکي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ کان ۽ منهنجون دانهون ٻڌڻ کان ڇو پاسي ٿيو آهين؟
2اي منهنجا خدا، آءٌ ڏينهن رات دانهون پيو ڪريان، ۽ ماٺ نٿو ڪريان؛ پر تون جواب نٿو ڏين.
3پر تون پاڪ آهين، تون جو اسرائيل جي تعريف تي تخت نشين آهين.
4اسان جي ابن ڏاڏن توتي ڀروسو رکيو: اُنهن ايمان آندو، ۽ تو اُنهن کي ڇڏايو.
5اُنهن توکي دانهن ڏني، ۽ ڇوٽڪارو ملين: اُنهن توتي ڀروسو رکيو، ۽ ڦڪا نہ ٿيا.
6پر آءٌ ڪينئون آهيان، ۽ ماڻهو نہ آهيان: ماڻهن ۾ ۽ قومن ۾ حقير آهيان.
7جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي کلن ٿا: ۽ وات ڦاڙي ۽ ڪنڌ ڌوڻي چون ٿا،
8تہ هن خداوند تي ڀاڙيو آهي؛ ڀلي تہ اُهو ڇڏائيس: اُهو جو منجهانئس خوش آهي ۽ سو ڀلي تہ ڇڏائيس.
9پر تون ئي اُهو آهين، جنهن مون کي پيٽ مان ڪڍيو: جڏهن اڃا آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي ٿڻن تي هوس تڏهن تو مونکي ڀروسو رکڻ سيکاريو.
10آءٌ ڄمندي ئي توکي سونپيو ويس: آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان ئي تون منهنجو خدا آهين.
11مون کان پري نہ ٿيءُ؛ ڇو جو مصيبت ويجهي آهي، ۽ مددگار ڪوبہ ڪونهي.
12گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن.
13اهي ڦاڙيندڙ ۽ گجندڙ شينهن وانگي مون تي پنهنجا وات پيا ڦاڙين.
14آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.
15منهنجي طاقت سڪو ٺڪر ٿي پيئي آهي؛ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان اچي لڳي آهي؛ ۽ تو مون کي موت جي مٽيءَ ۾ آڻي ويهاريو آهي.
16ڇالاءِ جو ڪتن مونکي اچي گهيريو آهي: ۽ بدڪارن جي ٽولي مونکي ورائي ويئي آهي؛ اُنهن منهنجا هٿ ۽ پير وڍيا آهن.
17آءٌ پنهنجون سڀ هڏيون ڳڻي ٿو سگهان؛ اُهي مون ڏانهن اکيون ڦاڙي پيا نهارين.
18اهي منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائين ٿا ۽ منهنجي پوشاڪ تي پُکا ٿا وجهن.
19پر اي خداوند، تون مون کان پري نہ ٿيءُ؛ اي منهنجي طاقت سگهو اچي مون کي مدد ڏي.
20منهنجيءَ جان کي ترار کان؛ ۽ منهنجي پياري جان ڪتي جي چنبي کان ڇڏاءِ.
21مون کي شينهن جي وات کان بچاءِ؛ بلڪ جڏهن آءٌ سانن جي سڱن تي هوس تڏهن تو مونکي بچايو.
22آءٌ پنهنجن ڀائرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس: ۽ جماعت جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڪندس.
23اوهين جي خداوند کان ڊڄو ٿا، سندس تعريف ڪريو؛ اي يعقوب جو اولاد، اوهين سڀيئي هن جو جلال ظاهر ڪريو؛ اي اسرائيل جو اولاد، اوهين سڀيئي هن جي ڊپ ۾ رهو.
24ڇالاءِ جو هن ڏکويل جي ڏک تي حقارت ۽ نفرت نہ ڪئي؛ ۽ نڪي اُنهيءَ کان پنهنجو منهن لڪايائين؛ پر جڏهن هن کيس پڪاريو تڏهن اُنهيءَ جي ٻڌائين.
25وڏيءَ جماعت ۾ آءٌ تنهنجي ئي تعريف ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي هن کان ڊڄن ٿا تن جي اڳيان آءٌ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس.
26جيڪي نماڻا آهن سي کائي ڍءُ ڪندا: خداوند جا طالب سندس تعريف ڪندا: اوهان جي دل سدائين جيئري رهي.
27سارو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهنس ڦرندو: ۽ قومن جا سڀ گهراڻا تنهنجي اڳيان سجدو ڪندا.
28ڇو جو بادشاهت خداوند جي آهي: ۽ اهو ئي قومن جو حاڪم آهي.
29دنيا جا سڀ آسودا ماڻهو کائيندا ۽ سجدو ڪندا: ۽ جيڪي مٽيءَ ۾ وڃڻ وارا هوندا، بلڪ جيڪو پنهنجيءَ جان کي جيئرو نہ رکي سگهندو، سي سڀ هن جي اڳيان سجدو ڪندا.
30هڪڙو نسل هن جي عبادت ڪندو؛ ۽ ٻيءَ پيڙهيءَ کي خداوند بابت ٻڌايو ويندو.
31اُهي ايندا ۽ سندس سچائي ظاهر ڪندا: ۽ جيڪا قوم پيدا ٿيندي تنهن کي چوندا تہ هن ائين ڪيو آهي.