Skip to content

19پوءِ اُنهي ڏينهن، يعني هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن سانجهي ٿي، ۽ اُها جاءِ جتي شاگرد هئا، تنهن جا دروازا يهودين جي خوف کان بند هئا، تڏهن يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم. 20۽ ائين چئي هنن کي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجي پاسري ڏيکاريائين. تنهن تي شاگرد خداوند کي ڏسي خوش ٿيا. 21تڏهن يسوع وري چين تہ السلام عليڪم: جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آئون بہ اوهان کي ٿو موڪليان. 22۽ ائين چئي مٿن ڦوڪيائين، ۽ چيائين تہ اوهين پاڪ روح وٺو: 23جن جا گناهہ اوهين معاف ڪندا تن کي معاف ٿيا، ۽ جن جا اوهين قائم رکندا تن جا قائم رهيا.

24پر توما، اُنهن ٻارهن مان هڪڙو، جنهن کي جاڙو ڪري سڏيندا هئا، سو يسوع جي اچڻ مهل ساڻن ڪونہ هو. 25تڏهن ٻيا شاگرد چوڻ لڳس تہ اسان خداوند کي ڏٺو آهي. پر هن چين تہ جيسين آئون سندس هٿن ۾ ڪلين جا نشان نہ ڏسان، ۽ ڪلين جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجهان، ۽ سندس پاسريءَ ۾ هٿ نہ وجهان، تيسين آئون اصل ڪين مڃيندس.
26۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم. 27تڏهن توما کي چيائين تہ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجا هٿ ڏس، ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن ڪري منهنجيءَ پاسريءَ ۾ وجهہ، ۽ بي ايمان نہ ٿيءُ، پر ايمان آڻ. 28توما جواب ڏيئي چيس، تہ اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا! 29يسوع چيس تہ تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي: پر مبارڪ آهن اُهي، جن بنا ڏٺي ايمان آندو آهي.
30۽ ٻيا بہ گهڻيئي معجزا يسوع شاگردن جي روبرو ڪيا، جي هن ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن: 31پر هي اِنهي لاءِ لکيل آهي تہ اوهان کي ايمان اچي تہ يسوع خدا جو مسيح، ۽ ابن خدا آهي؛ ۽ ايمان آڻي سندس نالي جي ڪري زندگي حاصل ڪريو.

يوحنا20:19-30

پهرين هفتي کان پوء

1هنن ڳالهين کانپوءِ يسوع وري شاگردن کي تبرياس سمنڊ جي ڪناري تي پاڻ ڏيکاريو؛ ۽ ڏيکاري هن طرح ڏنائين. 2شمعون پطرس ۽ توما، جنهن کي جاڙو چوندا هئا، ۽ نتن ايل گليل جي قانا شهر وارو، ۽ زبديءَ جا پٽ، ۽ ٻيا بہ سندس شاگرد پاڻ ۾ ويٺا هئا. 3شمعون پطرس هنن کي چيو تہ آئون وڃان ٿو مڇي مارڻ. انهن چيس تہ اسين بہ توسان ٿا هلون. پوءِ اُهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا؛ ۽ اُنهيءَ رات ڪي بہ ڪين ملين. 4پر اڃا پرهہ ڦٽي، تہ يسوع ڪناري تي اچي بيٺو، پر شاگردن نہ سڃاتو تہ هيءُ ڪو يسوع آهي. 5تڏهن يسوع چين تہ اي ٻارو، اوهان وٽ ڪي کائڻ لاءِ آهي؟ هنن جواب ڏنس تہ نہ. 6تڏهن چيائين تہ ٻيڙيءَ جي ساڄي پاسي ڄار وجهو تہ اوهان کي ملندو. تڏهن هنن ڄار وڌو، ۽ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو هو ڇڪي ئي نہ سگهيا. 7پوءِ اُهو شاگرد، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو، تہ خداوند اٿيئي. جڏهن شمعون پطرس ٻُڌو تہ خداوند آهي، تڏهن ڪپڙو چيلهہ سان ٻَڌائين (ڇالاءِ تہ اُگهاڙو هو،) ۽ پوءِ سمنڊ ۾ ٽپي پيو. 8پر ٻيا شاگرد مڇئي ۾ مڇين جو ڄار ڇڪيندا آيا (ڇالاءِ جو سُڪيءَ کان پري ڪين هئا، پر وچ ۾ اٽڪل ٻن سون وکن جو ويڇو هو). 9پوءِ جڏهن سُڪيءَ تي آيا، تڏهن ٽانڊن جي باهہ تي مڇي پيل ڏٺائون، ۽ ماني بہ رکي هئي. 10يسوع چين تہ مڇيون جيڪي ماريون اٿوَ، تن مان ٿوريون کڻي اچو. 11تنهن تي شمعون پطرس ويو، ۽ هڪ سؤ ٽيونجاهہ وڏين مڇين سان ڀريل ڄار سُڪيءَ تي گهلي آيو. ۽ جيتوڻيڪ هيتريون مڇيون هيون تہ بہ ڄار نہ ڦاٽو. 12يسوع چين تہ اچي نيرن ڪريو، ۽ ڪنهن کي بہ جرئت نہ ٿي جو کڻي پڇيس تہ تون ڪير آهين؟ ڇالاءِ جو خبر هُين تہ خداوند آهي. 13يسوع اچي ماني کڻي کين ڏني، ۽ مڇي بہ ڏنائين. 14هاڻي اُهو ٽيون گهُمرو هو، جو پنهنجي جي اُٿڻ کانپوءِ يسوع شاگردن کي ڏيکاري ڏني.
15پوءِ جڏهن ناشتو ڪري چڪا، تہ يسوع شمعون پطرس کي چيو تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي هنن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪرين؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. هن چيس تہ منهنجن گهيٽن کي چارج. 16تڏهن وري ٻيو گهُمرو چيائينس، تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي پيار ڪرين ٿو؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. تڏهن هن چيس تہ منهنجيون رڍون سنڀالج. 17وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج. 18آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جڏهن تون جوان هُئين، تڏهن تون پنهنجو سندرو پاڻ هي ٻَڌندو هُئين، ۽ جيڏانهن توکي وڻندو هو اوڏانهن گهُمندو ڦرندو هُئين: پر جڏهن پوڙهو ٿيندين، تڏهن پنهنجا هٿ ڊگهيريندين، ۽ ٻيو توکي چيلهہ سان ٻَڌي اوڏانهن وٺي ويندو، جيڏانهن تنهنجي دل نہ چوندي. 19هاڻي انهي چوڻ جي مراد اِها هيس، تہ ڏيکاريان تہ هو ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلال ظاهر ڪندو. ۽ جڏهن هيءَ ڳالهہ ڪري چڪو، تنهن کانپوءِ چيائينس، تہ منهنجي پٺيان اچ. 20پطرس پٺيان ڦري نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اُهو شاگرد جنهن تي يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي؛ جنهن رات جي مانيءَ مهل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي چيو هوس تہ خداوند توکي ڪير جهلائيندو؟ 21پوءِ پطرس جڏهن هن کي ڏٺو، تڏهن يسوع کي چيائين تہ اي خداوند، هن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ 22يسوع چيس، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ اُنهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟ تون منهنجي پٺيان اچ. 23تنهن تي اُها ڳالهہ ڀائرن ۾ هُلي ويئي، تہ اُهو شاگرد مرندو ئي ڪين: جيتوڻيڪ يسوع ڪو هن کي ائين ڪين چيو تہ تون مرندين ئي ڪين، پر هيئن چيائين، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟
24هيءُ اُهو شاگرد آهي جو اُنهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، ۽ اهي ڳالهيون لکيون اٿس: ۽ اسان کي خبر آهي تہ سندس شاهدي سچي آهي. 25۽ ٻيون بہ گهڻيئي ڳالهيون آهن جي يسوع ڪيون، اُهي جي هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن تہ آئون ڀانيان ٿو تہ ايترا ڪتاب لکجي وڃن جو هوند دنيا ۾ نہ مائجن.

 (John 21: 1-25)

هن جي جنت ڏانهن روانگي

1جنهن ڏينهن يسوع پنهنجي چونڊيلن رسولن کي پاڪ روح جي معرفت حڪم ڏيئي مٿي کڄي ويو، 2تنهن ڏينهن تائين، اي ٿيوفلس، جيڪي ڪي هو ڪندو رهيو، توڙي سيکاريندو رهيو، سو سڀ ڪجهہ مون پنهنجي اڳوڻي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي. 3۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو: 4۽ ساڻن گڏجي کين تاڪيد ڪيائين تہ يروشلم کان ٻاهر نہ وڃجو پر ابي جو واعدو، جيڪو اوهان مون کان ٻُڌو، تنهن جو انتظار ڪجو: 5ڇالاءِ جو يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني؛ پر اوهان کي ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ پاڪ روح سان بپتسما ملندي.
6سو جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن کانئس پڇيائون، تہ اي خداوند، تون هينئر ئي اسرائيل جي بادشاهت کي وري قائم ڪندين ڇا؟ 7تڏهن چيائين تہ وقت ۽ معيادون، جي ابي پنهنجي وس رکيون آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي. 8پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا. 9۽ اڃا ايترو چيائين، ۽ هنن بيٺي نهاريو، تہ هو مٿي کڄي ويو؛ ۽ هڪڙي ڪڪر جي ڪري سندن نظر کان غائب ٿي ويو. 10۽ جيئن هو کڄي ويو ۽ هنن چتائي آسمان ڏانهن پئي نهاريو، تيئن اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇن وڳن ۾، سندن پاسي ۾ اچي بيهي رهيا؛ 11۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.

(Acts 1:1-11)