Skip to content

ڏهن ڇوڪرين جي باري ۾ هڪ ڪهاڻي

1تڏهن آسمان جي بادشاهت ڏهن ڪنوارين جي مثل آهي، جي ڏياٽيون کڻي گهوٽ کي گڏجڻ لاءِ نڪتيون. 2۽ منجهانئن پنج اياڻيون هيون ۽ پنج سياڻيون. 3ڇالاءِ جو اياڻين جڏهن پنهنجون ڏياٽيون کنيون، تڏهن پاڻ سان تيل ڪونہ کنيائون. 4پر سياڻين پنهنجين ڏياٽين سان گڏ پنهنجين ڪُپين ۾ تيل بہ کنيو. 5هاڻي جيسين گهوٽ اچڻ ۾ دير لاتي، تيسين هنن کي ننڊ اچڻ لڳي، ۽ سمهي پيون. 6پر اڌ رات جو هُل ٿيو تہ ڏسو گهوٽ ٿو اچي! نڪري اچي کيس گڏجو. 7تنهن تي اُهي سڀ ڪنواريون اُٿيون ۽ پنهنجون ڏياٽيون تيار ڪيائون. 8۽ اياڻين سياڻين کي چيو تہ پنهنجي تيل مان ڪجهہ اسان کي بہ ڏيو، ڇالاءِ جو اسان جون ڏياٽيون ٿيون اُجهامن. 9پر سياڻين ورندي ڏيئي چيو، تہ متان اسان ۽ اوهان لاءِ پورو نہ ٿئي، تنهن کان بهتر آهي تہ وڃي دڪاندارن کان پنهنجي لاءِ خريد ڪري اچو. 10۽ جيسين هو خريد ڪرڻ ويون، تيسين گهوٽ اچي سهڙيو، ۽ جيڪي تيار هيون، سي هن سان گڏجي شاديءَ جي مجلس ۾ ويون، ۽ در بند ٿي ويو. 11تنهن کانپوءِ هو ٻيون ڪنئاريون بہ آيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ اي خداوند اسان لاءِ در پَٽ. 12پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ آئون اوهان کي سڃاڻان ئي ڪين. 13تنهنڪري سجاڳ رهو، ڇالاءِ جو اوهان کي انهي ڏينهن ۽ گهڙيءَ جي خبر ڪانهي.
14ڇو تہ اهو هن ماڻهو وانگر آهي، جو ٻئي ملڪ ۾ ٿي ويو، ۽ پنهنجن نوڪرن کي سڏي پنهنجو مال ملڪيت اُنهن جي حوالي ڪيائين. 15۽ هڪڙي کي هن پنج قنطار ڏنا، ٻئي کي ٻہ، ۽ ٽئين کي هڪڙو: هرهڪ کي سندس لياقت آهر: پوءِ پاڻ مسافريءَ تي ويو. 16جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، تنهن يڪدم وڃي انهن سان واپار هلايو، ۽ ٻيا پنج قنطار بہ ڪمايائين. 17ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا. 18پر جنهن کي هڪڙو مليو هو، تنهن وڃي زمين ۾ کڏ کوٽي، پنهنجي ڌڻيءَ وارا پئسا لڪائي ڇڏيا. 19هاڻي گهڻي وقت کانپوءِ اُنهن نوڪرن جو ڌڻي آيو، ۽ ساڻن ليکو لاهڻ لڳو. 20۽ جنهن کي پنج قنطار مليا هئا، سو ٻيا پنج قنطار بہ کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ سائين، تو مون کي پنج قنطار ڏنا هئا: اِجهي پنج قنطار ٻيا بہ مون ڪمايا آهن. 21سندس ڌڻيءَ کيس چيو تہ شاباس اٿيئي اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ. 22۽ جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ اچي چيو تہ سائين، تو مون کي ٻہ قنطار ڏنا هئا: اِجهي ٻہ ٻيا قنطار جي مون ڪمايا آهن. 23سندس ڌڻيءَ چيس تہ شاباس اٿيئي، اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ. 24۽ جنهن کي هڪڙو قنطار مليو هو، تنهن بہ اچي چيس، تہ سائين، مون کي تنهنجي خبر هئي تہ تون سخت ماڻهو آهين، جتي تو پوکيو ئي ڪونهي اُتي لڻندو آهين، ۽ جتي تو ڇَٽيو ئي ڪونهي، اُتي گڏ ڪندو آهين: 25سو مون کي ڊپ ٿيو، تنهنڪري مون وڃي تنهنجو قنطار زمين ۾ لڪائي ڇڏيو: اِجها پنهنجي شيءِ موٽائي وٺ. 26پر سندس ڌڻيءَ ورندي ڏيئي چيس، تہ اي بڇڙا ۽ سست نوڪر، توکي خبر هئي تہ جتي نہ پوکيو اٿم اُتي گڏ ڪندو آهيان؛ 27تڏهن توکي گهربو هو تہ منهنجا پئسا صرافن وٽ رکين ها، تہ موٽي اچڻ مهل جيڪر آئون پنهنجي رقم وياج سوڌي اچي وٺان ها. 28تنهنڪري اوهين هن کان اهو قنطار کسي وٺو، ۽ جنهن وٽ ڏهہ قنطار آهن انهي کي ڏيو. 29ڇالاءِ جو جنهن وٽ ڪي آهي، تنهن کي ٻيو بہ ڏيو، ۽ انهي وٽ ججهو ئي گڏ ٿيندو: پر جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي وٽس آهي سو بہ کسي وٺبو. 30۽ اوهين هن نڪمي نوڪر کي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏيو: اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.
31پر جڏهن ابن آدم پنهنجي جلال ۾ ايندو، ۽ سڀ ملائڪ بہ ساڻس هوندا، تڏهن هو پنهنجي جلال جي تخت تي اچي ويهندو. 32۽ سڀني قومن کي آڻي هن جي اڳيان گڏ ڪندا، ۽ هو اُنهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪندو، جهڙيءَ طرح ڪ ريڍار رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي: 33۽ هو رڍن کي پنهنجي ساڄي پاسي بيهاريندو، پر ٻڪرين کي کٻي پاسي. 34انهي وقت بادشاهہ ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ اي منهنجي پيءُ جا سڳورا اچو ۽ جيڪا بادشاهت دنيا جي شروعات کان ئي اوهان جي لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي سا ورثي ۾ وٺو: 35ڇالاءِ جو آئون بکايل هوس ۽ اوهان مون کي کاڌو ڏنو: آئون اُڃايل هوس، ۽ اوهان مون کي پاڻي پياريو: آئون پرديسي هوس، اوهان مون کي جاءِ ڏني: 36اُگهاڙو هوس ۽ اوهان مون کي ڪپڙو ڍڪايو: آئون بيمار هوس ۽ اوهين مون کي پڇڻ آيا: آئون قيد ۾ هوس ۽ اوهين مون وٽ پير ڀري آيا. 37تڏهن اُهي راستباز ورندي ڏيئي چوندس، تہ اي خداوند اسان ڪڏهن توکي بکايل ڏسي کاڌو ڏنو؟ يا اُڃايل ڏسي پاڻي پياريو؟ 38۽ اسان ڪڏهن توکي پرديسي ڏسي جاءِ ڏني يا اُگهاڙو ڏسي ڪپڙو ڍڪايو؟ 39۽ اسين ڪڏهن توکي بيمار يا قيد ۾ ڏسي تو وٽ پير ڀري آياسين؟ 40۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو. 41تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي. 42ڇالاءِ جو آئون بکايل هوس، پر اوهان مون کي کاڌو نہ ڏنو: آئون اُڃايل هوس پر اوهان مون کي پاڻي نہ پياريو: 43آئون پرديسي هوس پر اوهان مون کي جاءِ نہ ڏني؛ اُگهاڙو هوس پر اوهان مون کي ڪپڙو نہ ڍڪايو؛ بيمار ۽ قيد ۾ هوس پر اوهين مون وٽ پير ڀري نہ آيا. 44تڏهن اُهي بہ ورندي ڏيئي چوندا، تہ اي خداوند، اسان ڪڏهن توکي بکايل، يا اُڃايل، يا پرديسي، يا اُگهاڙو، يا بيمار، يا قيد ۾ ڏٺو جو تنهنجي خدمت نہ ڪئي سون؟ 45تڏهن هو وراڻي ڏيئي چوندن، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان هنن مان سڀ کان ننڍي سان ائين نہ ڪيو، تہ اوهان مون سان بہ ائين نہ ڪيو. 46۽ انهن کي هميشہ جي سزا ملندي: پر راستبازن کي هميشہ جي زندگي.