Skip to content

يوحنا 13 – 16

يسوع پنهنجي شاگردن جا پير ڌوئي ٿو

1هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو. 2۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي. 3جڏهن يسوع ڄاتو تہ پيءُ سڀ ڪجهہ منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ آئون آيو بہ خدا وٽان آهيان، ۽ وڃان بہ خدا وٽ ٿو، 4تڏهن مانيءَ تان اُٿي، ڪپڙا لاهي، ٽوال چيلهہ سان ٻَڌائين. 5پوءِ ٿالهہ ۾ پاڻي وجهي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو، ۽ چيلهہ سان جو ٽوال ٻَڌل هوس، تنهن سان اُگهڻ لڳن. 6انهي طرح هو شمعون پطرس وٽ آيو؛ ۽ هن چيس، تہ اي خداوند، تون ٿو منهنجا پير ڌوئين؟ 7يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي توکي هاڻ خبر نٿي پوي، پر هن کان پوءِ سمجهندين. 8پطرس چيس، تہ آئون پنهنجا پير توکي ڪڏهن بہ ڌوئڻ ڪين ڏيندس. يسوع جواب ڏنس، تہ جي پير نٿو ڌوئارين، تہ تنهنجو مون سان ڪو حصو ڪونهي. 9شمعون پطرس چيس تہ اي خداوند، تڏهن نہ رڳو منهنجا پير، پر منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوءُ. 10يسوع چيس تہ جو وهنجيل آهي، تنهن کي پيرن ڌوئڻ کان سواءِ ٻي گهُرج ڪونهي، پر سڄو ئي پاڪ آهي: ۽ اوهين بہ پاڪ آهيو، پر سڀيئي نہ. 11ڇالاءِ جو هن کي خبر هئي تہ مون کي ڪير جهلائيندو، تنهنڪري چيائين تہ اوهين سڀ پاڪ نہ آهيو.
12پوءِ جڏهن سندن پير ڌوئي چڪو، ۽ ڪپڙا پائي وري اچي ويٺو، تڏهن چيائين تہ سمجهو ٿا تہ مون اوهان سان ڇا ڪيو آهي؟ 13اوهين مون کي اُستاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو: سو برابر ٿا چئو، ڇالاءِ جو آئون آهيان. 14هاڻي آئون جو خداوند ۽ اُستاد آهيان، تنهن جيڪڏهن اوهان جا پير ڌوتا آهن، تہ اوهان کي بہ هڪ ٻئي جا پير ڌوئڻ کپن. 15ڇوتہ مون اوهان کي نمونو ڏنو آهي تہ جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ ڪريو. 16آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان وڏو نہ آهي؛ نڪي وري موڪليل پنهنجي موڪلڻ واري کان. 17جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجهي انهن تي هلندا تہ مبارڪ آهيو. 18آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“ 19هاڻي اِها ڳالهہ ٿئي، تنهن کان اڳيئي آئون اوهان کي چئي ٿو ڇڏيان، تہ پوءِ جڏهن ائين ٿئي، تہ اوهين ايمان آڻيو تہ آئون اُهو ئي آهيان. 20آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جنهن کي آئون موڪليان ٿو، تنهن کي جيڪو قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.
21پوءِ جڏهن يسوع ائين چئي چڪو، تڏهن اندر ۾ پريشان ٿيڻ لڳو، ۽ شاهدي ڀري چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو. 22تنهن تي شاگرد وائڙا ٿي ويا تہ ڪنهن جي نالي ٿو چوي، سو هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. 23۽ سندس شاگردن مان هڪڙو، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن يسوع جي ڇاتيءَ تي ليٽي ويٺي کاڌو. 24تڏهن شمعون پطرس اشارو ڏيئي چيس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ ڪنهن جي بابت ٿو چوي. 25پوءِ هن ائين ئي يسوع جي سيني تي ٽيڪ ڏيندي چيس، تہ اي خداوند، اُهو ڪير آهي؟ 26تڏهن يسوع کيس جواب ڏنو تہ جنهن کي آئون گرهہ ٻوڙي ڏيندس سو آهي. پوءِ گرهہ ٻوڙي کڻي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ کي ڏنائين: 27۽ گرهہ وٺڻ کانپوءِ شيطان اچي منجهس گهڙيو. تڏهن يسوع چيس تہ جيڪي ڪرين ٿو، سو سگهو ڪري وٺ. 28هاڻي جن ويٺي کاڌو، تن مان ڪنهن کي بہ سماءُ ڪونہ پيو تہ ڪهڙي مطلب سان هن کي ائين چيائين، 29ڇالاءِ جو ڪن ڀانئيو ٿي تہ يهوداهہ وٽ ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ عيد لاءِ جيڪي شيون اسان کي کپن سي ڳنهہ؛ يا تہ ڪجهہ غريبن کي ڏي. 30پوءِ هو گرهہ وٺي سڌو ٻاهر نڪري هليو ويو، ۽ اوڏيءَ مهل رات هئي.
31پوءِ جڏهن هو ٻاهر ويو، تڏهن يسوع چيو، تہ هاڻي ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيو، ۽ منجهس خدا جو بہ جلال ظاهر ٿيو؛ 32۽ جي خدا هن ۾ جلال حاصل ڪيو تہ خدا پاڻ ۾ هن کي جلال ڏيندو، بلڪ اِجهو ٿو ڏئيس. 33اي ٻارو، آئون باقي ٿوري ساعت اوهان سان آهيان. اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جيئن مون يهودين کي چيو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، تيئن هاڻي اوهان کي بہ ٿو چوان. 34اوهان کي هڪڙو نئون حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو؛ تہ جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي پيار ڪريو. 35جيڪڏهن اوهان کي هڪ ٻئي لاءِ پيار آهي، تہ انهيءَ منجهان ئي سڀني کي خبر پوندي تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو.
36شمعون پطرس چيس، تہ اي خداوند، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ يسوع جواب ڏنو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن تون هينئر منهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندين، پر پوءِ تون منهنجي پٺيان ايندين. 37پطرس چيس تہ خداوند، ڇو آئون هينئر تنهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندس؟ آئون تنهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. 38يسوع جواب ڏنس تہ تون منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ ڪڪڙ ٻانگ ئي ڪين ڏيندو، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.
1پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، اوهين خدا تي ايمان ٿا رکو، مون تي بہ ايمان رکو. 2منهنجي پيءُ جي گهر ۾ گهڻيئي جايون آهن؛ جي ائين نہ هجي ها تہ آئون اوهان کي ٻُڌايان ها، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ ڪري ٿو وڃان تہ وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪريان. 3۽ جي آئون وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪندس، تہ وري ايندس ۽ اوهان کي پاڻ سان وٺي ويندس، تہ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين بہ هجو. 4۽ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اُنهيءَ واٽ جي اوهان کي خبر آهي. 5توما چيس، تہ اي خداوند، اسان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ تون ڪيڏانهن ٿو وڃين، سو وري واٽ جي خبر ڪيئن هونديسون؟ 6يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي. 7جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها، تہ منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها: اڄ کانپوءِ اوهين هن کي سڃاڻو ٿا ۽ کيس ڏٺو بہ اٿوَ. 8فلپس چيو تہ اي خداوند، اسان کي پيءُ ڏيکار تہ اسان لاءِ بس آهي. 9يسوع چيس، تہ اي فلپس، آئون هيترو وقت اوهان سان رهيو آهيان ۽ توهان مون کي سڃاتو ئي ڪين آهي؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي، تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پوءِ ڪيئن ٿو چئين تہ اسان کي پيءُ ڏيکار؟ 10تون ايمان نٿو آڻين تہ آئون پيءُ ۾ آهيان، ۽ پيءُ مون ۾؟ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان کي چوان ٿو، سي پاڻو ڪين ٿو چوان: پر پيءُ جو مون ۾ رهي ٿو، سو پنهنجا ڪم ٿو ڪري. 11مون تي ايمان آڻيو تہ آئون پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾: نہ تہ هي ڪم جيڪي آئون ڪريان ٿو، تن جي ڪري ئي مون تي ايمان آڻيو. 12آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو بہ اُهي ئي ڪم ڪندو، جي آئون ٿو ڪريان، ۽ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو؛ ڇالاءِ تہ آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان. 13۽ جيڪي اوهين منهنجي نالي گهُرندا، سو آئون ڪندس تہ پٽ ۾ پيءُ کي جلال ملي. 14جي اوهين منهنجي نالي تي ڪي بہ گهُرندا، تہ آئون اُهو ڪندس.
15جي اوهين مون کي پيار ٿا ڪريو، تہ منهنجن حڪمن تي هلو. 16۽ آئون پيءُ کي سوال ڪندس، ۽ هو اوهان کي ٻيو مددگار ڏيندو تہ اُهو اوهان سان هميشہ تائين رهي، 17يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو. 18آئون اوهان کي يتيم ڪري ڇڏي ڪين ويندس، آئون اوهان وٽ ايندس. 19باقي گهڙي ساعت آهي، ۽ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي؛ پر اوهين مون کي ڏسندا: ڇالاءِ جو آئون جيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ جيئندا. 20اُنهي ڏينهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، ۽ اوهين مون ۾ ۽ آئون اوهان ۾. 21جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس. 22يهوداهہ (نہ اسڪريوتي) چيس، تہ اي خداوند، ڇا ٿيو آهي جو تون اسان کي پنهنجو پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندين، ۽ دنيا کي نہ؟ 23يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن ڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تہ اُهو منهنجي ڪلام تي هلندو، ۽ منهنجو پيءُ پيار ڪندس، ۽ اسين وٽس اينداسين ۽ اچي ساڻس گڏ رهنداسين. 24جيڪو مون کي پيار نٿو ڪري، سو منهنجي ڪلام تي نٿو هلي: ۽ ڪلام جو اوهين ٻُڌو ٿا، سو منهنجو نہ، پر پيءُ جو آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي.
25مون اهي ڳالهيون اوهان سان رهي اوهان کي ٻُڌايون آهن. 26پر مددگار يعني پاڪ روح، جنهن کي پيءُ منهنجي نالي موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، ۽ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، سي سڀ اوهان کي ياد ڏياريندو. 27آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو. 28اوهان ٻُڌو آهي جو چيومانوَ تہ آئون هليو ٿو وڃان، ۽ وري اوهان وٽ ايندس. جيڪڏهن اوهان جو مون تي پيار هجي ها، تہ هوند خوش ٿيو ها، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان: ڇوتہ پيءُ مون کان وڏو آهي. 29۽ هاڻي اها ڳالهہ ٿئي، تنهن کان اڳ ۾ مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو آهي، تہ جڏهن ائين ٿئي تہ اوهين ايمان آڻيو. 30هن کانپوءِ آئون اوهان سان گهڻيون ڳالهيون ڪين ڪندس، ڇالاءِ جو هن دنيا جو سردار اچي ٿو: جنهن جو مون سان ڪو واسطو ڪونهي؛ 31پر هيءُ انهي لاءِ ٿو ٿئي تہ دنيا کي خبر پوي تہ آئون پيءُ کي پيار ٿو ڪريان، ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ئي ٿو ڪريان. اُٿو، هلو تہ هتان هلون.
1ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي. 2مون ۾ جيڪا ٽاري ڦل نٿي جهلي، تنهن کي هو ڪڍي ٿو ڇڏي: ۽ جيڪا ڦل جهلي ٿي، تنهن کي ڇانگي ٿو، تہ وڌيڪ ڦل ڏئي. 3ڪلام جو مون اوهان کي ٻُڌايو آهي، تنهن جي ڪري اوهين اڳيئي پاڪ آهيو. 4اوهين مون ۾ رهو، ۽ آئون اوهان ۾، جهڙيءَ طرح ٽاري جيسين ڊاک جي ول ۾ نہ رهي، تيسين پاڻ ڦل جهلي نٿي سگهي، تهڙيءَ طرح ٿيڻي نہ آهي جو جيسين اوهين مون ۾ نہ رهو، تيسين اوهين بہ ڦل جهليو. 5آئون ڊاک جي ول آهيان، ۽ اوهين ٽاريون آهيو: جيڪو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون ان ۾، سو ئي ججهو ڦل ٿو ڏئي: ڇالاءِ تہ مون ڌاران اوهين ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهو. 6جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين. 7جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجون ڳالهيون اوهان ۾ رهن، تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گهُرو، ۽ ائين ئي ٿيندو. 8هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا. 9جيئن پيءُ مون کي پيار ڪيو آهي، تيئن مون بہ اوهان کي پيار ڪيو آهي، منهنجي پيار ۾ رهندا اچجو. 10جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان. 11اهي ڳالهيون مون اوهان سان انهي لاءِ ڪيون آهن، تہ منهنجي خوشي اوهان ۾ هجي، ۽ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.
12منهنجو حڪم هيءُ آهي، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو، جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي. 13هن کان مٿي ڪو پيار ڪونهي، جو ماڻهو پنهنجن دوستن لاءِ جان ڏئي. 14جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو. 15هن کان پوءِ آئون اوهان کي نوڪر ڪري نٿو سڏيان؛ ڇالاءِ تہ نوڪر کي خبر نہ آهي تہ سندس مالڪ ڇا ٿو ڪري: پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ وٽان ٻُڌيون آهن، سي سموريون اوهان کي ڄاڻايون اٿم. 16اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي. 17اوهان کي اِهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.
18جيڪڏهن دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري، تہ اوهان کي خبر آهي تہ اوهان کان اڳي مون سان بہ نفرت ڪئي اٿس. 19جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها، تہ دنيا هوند پنهنجن کي ڀانئين ها، پر ڇالاءِ جو اوهين دنيا جا نہ آهيو، مگر مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري. 20اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا. 21پر اهي سڀ ڳالهيون هو منهنجي نالي ڪري اوهان سان ڪندا، ڇالاءِ جو جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي نٿا سڃاڻن. 22جيڪڏهن آئون نہ اچان ها، ۽ ساڻن ڳالهيون نہ ڪريان ها، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڪو عذر ڪونهي. 23جيڪو مون سان نفرت ٿو ڪري، سو منهنجي پيءُ سان بہ نفرت ٿو ڪري. 24جيڪڏهن آئون منجهن اهڙا ڪم نہ ڪريان ها، جي ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي تہ مون کي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏٺو بہ اٿن، ۽ اسان ٻنهي سان نفرت ڪئي اٿن. 25پر هيئن جو ٿيو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ ڪلام، جو هنن جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ ”مون سان ناحق نفرت ڪئي اٿن،“ سو پورو ٿئي. 26پر جڏهن اُهو مددگار ايندو، جنهن کي آئون پيءُ وٽان اوهان وٽ موڪليندس، يعني سچ جو روح، جو پيءُ مان ٿو نڪري، تڏهن اُهو منهنجي بابت شاهدي ڀريندو: 27۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.
1اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن، تہ اوهين گمراهہ نہ ٿيو. 2هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان. 3۽ اُهي ڳالهيون جو هو ڪندا، سو انهيءَ ڪري جو هنن نہ پيءُ کي سڃاتو آهي، ۽ نہ مون کي. 4پر اهي ڳالهيون اوهان سان ڪيون اٿم تہ جڏهن انهن جي گهڙي اچي، تہ اوهان کي اُهي ياد پون تہ مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو هو. اهي ڳالهيون مون اوهان سان شروع ۾ نہ ڪيون، ڇالاءِ جو آئون اوهان سان هوس. 5پر هاڻي آئون انهيءَ وٽ ٿو وڃان، جنهن مون کي موڪليو آهي؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ ڪونہ ٿو پڇيم تہ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ 6پر مون اهي ڳالهيون اوهان سان ڪيون آهن، تنهنڪري اوهان جي دل ڏک سان ڀرجي ويئي آهي. 7تنهن هوندي بہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان جي لاءِ فائدي واري ڳالهہ هيءَ آهي تہ آئون وڃان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون نہ ويندس تہ اُهو مددگار اوهان وٽ ڪين ايندو؛ پر جي ويندس تہ وڃي اوهان ڏانهن موڪليندوسانس. 8۽ اُهو جڏهن ايندو، تڏهن دنيا کي گناهہ، ۽ راستبازيءَ، ۽ عدالت نسبت ڏوهاري ٺهرائيندو: 9گناهہ نسبت، جو هو مون تي ايمان نٿا آڻين؛ 10راستبازيءَ نسبت، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان ۽ اوهين مون کي وري نہ ڏسندا؛ 11عدالت نسبت جو هن دنيا جي سردار جي عدالت ٿي چڪي آهي. 12مون کي اڃا بہ اوهان کي ڪيتريون ڳالهيون چوڻيون آهن، پر اهي اوهين هينئر سهي ڪين سگهندا. 13پر جڏهن اهو، يعني سچ جو روح ايندو، تڏهن هو اوهان جو سونهون ٿي اوهان کي سموري سچ ۾ آڻيندو: ڇالاءِ جو هو پاڻو نہ چوندو، پر جيڪي ڳالهيون ٻُڌندو سي ئي چوندو: ۽ جيڪي ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن، سي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو. 14هو منهنجو جلال ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ هو منهنجيون ڳالهيون وٺي اوهان کي کولي ٻُڌائيندو. 15سڀ شيون جيڪي منهنجي پيءُ جون آهن سي منهنجون آهن: تنهنڪري مون چيو، تہ منهنجيون ڳالهيون وٺي اوهان کي کولي ٻُڌائيندو. 16ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا؛ ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا. 17تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ اسان کي ڇا ٿو چوي، تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ مون کي ڏسندا: اهو انهي لاءِ جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان؟ 18تڏهن چوڻ لڳا تہ هيءُ جو چوي ٿو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ سو ڇا آهي؟ اسين تہ سمجهون ئي نٿا تہ ڇا ٿو چوي؟ 19يسوع سهي ڪيو تہ هنن جي مرضي آهي تہ مون کان پڇن، تنهنڪري چيائين، تہ اوهين هن بابت ٿا پاڻ ۾ پڇو، جو مون چيو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا؟ 20آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا ۽ پِٽيندا، پر دنيا خوشي ڪندي: اوهان کي ڏک ٿيندو، پر اوهان جو ڏک ڦري خوشي ٿي پوندو. 21زال کي جڏهن سور ٿيندا آهن، تڏهن تڪليف ٿيندي اٿس، ڇالاءِ جو سندس گهڙي اچي پهتي آهي، پر جڏهن ٻار ڄڻي ٿي وٺي، تڏهن جا خوشي ٿي ٿئيس، تہ هڪڙو انسان دنيا ۾ ڄائو آهي، تنهنڪري اُهو اهنج ياد ئي ڪونہ ٿو پويس. 22سو هاڻي اوهان کي بہ ڏک ٿو ٿئي، پر آئون اوهان کي وري گڏبس، ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، ۽ اوهان جي خوشي اوهان کان ڪوبہ ڪونہ کسيندو. 23۽ اُنهي ڏينهن اوهين مون کان ڪي ڪين پڇندا. آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين پيءُ کان جيڪي گهُرندا، سو هو اوهان کي منهنجي نالي ڏيندو. 24هيستائين اوهان منهنجي نالي ڪي بہ ڪين گهُريو آهي، گهُرو تہ مليوَ، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.
25اهي ڳالهيون مون اوهان کي مثالن ۾ ٻُڌايون آهن، پر اُها گهڙي اچي ٿي جنهن ۾ آئون اوهان سان وري مثالن ۾ ڪين ڳالهائيندس، پر پيءُ بابت صاف صاف ڪري ٻڌائيندوسانوَ. 26اُنهي ڏينهن منهنجي نالي اوهين گهُرندا: ۽ آئون اوهان کي نٿو چوان تہ ڪو آئون اوهان لاءِ پيءُ کي سوال ڪندس؛ 27ڇالاءِ تہ پيءُ پاڻ اوهان کي پيار ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اوهان مون کي پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آئون پيءُ وٽان آيس. 28آئون پيءُ منجهان نڪري دنيا ۾ آيو آهيان، وري دنيا ڇڏي پيءُ وٽ ٿو وڃان. 29سندس شاگردن چيو تہ ڏس، هاڻي تون صاف ويٺو چئين، ۽ مثالن ۾ ڪونہ ٿو ڳالهائين. 30هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، ۽ ضرور ئي ڪونہ اٿيئي تہ ڪو توکان پڇي، انهيءَ مان اسان کي ايمان آيو آهي تہ تون خدا وٽان آيو آهين. 31يسوع کين جواب ڏنو تہ تڏهن هاڻي اوهين ايمان آڻيو ٿا؟ 32ڏسو، اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ آئي آهي، جو اوهين ٽڙي پکڙي هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا: تہ بہ آئون اڪيلو نہ آهيان، ڇالاءِ جو پيءُ مون سان آهي. 33اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.