خروج 12
1پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون سان مصر جي ملڪ ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ 2هي مهينو اوهان جي لاءِ مهينن جو شروع، ۽ سال جو پهريون مهينو ٿيندو. 3اوهين اسرائيلين جي سڄيءَ جماعت کي چئو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هرڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي خاندان موجب، پنهنجي پنهنجي گهر لاءِ هڪڙو گهيٽو کڻي. 4۽ جيڪڏهن اهو خاندان ايترو ننڍو هجي، جو سڄو گهيٽو کائي نہ سگهي، تہ اهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي، ڀاتين جي تعداد موجب، هڪڙو گهيٽو کڻي؛ هر ڪنهن ماڻهوءَ جي کاڌي موافق اوهين گهيٽي جي لاءِ پنهنجو حساب ڪجو. 5اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو: 6۽ اوهين هن کي انهيءَ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ تائين رکي ڇڏجو: پوءِ اسرائيلين جي ساري جماعت شام جي وقت انهيءَ کي ذبح ڪري. 7هو انهيءَ جو رت کڻي جن گهرن ۾ اهو کائڻ ۾ اچي، تنهن جي درن جي پاسي وارين ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائين. 8۽ انهيءَ رات جو، هو انهيءَ جو گوشت پچائي، فطيري مانيءَ ۽ ڪوڙيءَ ڀاڄيءَ سان گڏ کائين. 9اوهين انهيءَ مان ڪي بہ ڪچو، يا پاڻيءَ ۾ ٻاڦي نہ کائجو، پر انهيءَ جي منڍي، پاون ۽ آنڊن سميت باهہ تي پچائي کائجو. 10۽ انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ بچائجو؛ پر باقي جيڪي بچي، سو باهہ ۾ ساڙي ڇڏجو. 11۽ اهو اوهين هن ريت کائجو؛ پنهنجو سندرو ٻڌجو، پنهنجي جتي پيرن ۾ پائجو، پنهنجي لٺ هٿ ۾ کڻجو: ۽ اهو تڪڙ ۾ کائجو: اهو خداوند جو فسح آهي. 12ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان. 13۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.
14۽ اهو ڏينهن اوهان جي لاءِ يادگار رهندو، ۽ اوهين هميشہ پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪندا رهجو. 15ست ڏينهن برابر اوهين فطيري ماني کائجو؛ بلڪ پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گهرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين خميري ماني کائيندو، سو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو. 16۽ پهرئين ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ مجلس ٿيندي ۽ ستين ڏينهن بہ اوهان جي لاءِ پاڪ مجلس ٿيندي؛ انهن ڏينهن تي کاڌي کان سواءِ ٻيو ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪرڻ ۾ نہ اچي، رڳو اهوئي ڪم اوهان کي ڪرڻو آهي. 17۽ اها فطيري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇالاءِ جو انهيءَ ساڳئي ڏينهن مون اوهانجن لشڪرن کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو آهي: تنهنڪري اوهين انهيءَ ڏينهن کي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون سمجهي قائم رکجو. 18پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين فطيري ماني کائيندا رهجو. 19ست ڏينهن اوهان جن گهرن ۾ خمير جو نالو ئي نہ هجي؛ ڇالاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڪا خميري شيءِ کائيندو، سو اسرائيلين جي جماعت مان تباهہ ڪيو ويندو، پوءِ اهو مسافر هجي توڙي انهيءَ ملڪ ۾ ڄاول هجي. 20اوهين ڪابہ خميري شيءِ نہ کائجو، پر پنهنجن سڀني گهرن ۾ فطيري ماني کائجو.
21تنهن کان پوءِ موسيٰ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گهرائي چيو تہ اوهين پنهنجن خاندانن موجب پنهنجا گهيٽا چونڊيو، ۽ وڃي اهو فسح جو گهيٽو ذبح ڪريو. 22۽ اوهين زوفا جو هڪڙو ڇڳو کڻجو، ۽ ٿالهہ ۾ جيڪو رت هوندو، تنهن ۾ اهو ٻوڙجو، ۽ اهو ٿالهہ وارو رت سردرن ۽ ٻانهين تي ڇٽجو؛ ۽ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گهر جي در کان ٻاهر نہ نڪري. 23ڇالاءِ جو خداوند مصرين جي مارڻ لاءِ لنگهندو؛ ۽ جڏهن هو سردرن ۽ ٻانهين تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگهي ويندو، ۽ تباهي آڻڻ واري کي اوهان جي گهرن ۾ اچڻ ڪين ڏيندو تہ اچي اوهان کي ماري. 24۽ اهو ڪم اوهين پنهنجي ۽ پنهنجن پٽن جي لاءِ قانون سمجهي هميشہ ڪندا رهجو. 25۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچندا، جو خداوند اوهان کي پنهنجي واعدي موجب ڏيندو، تڏهن اها عبادت ڪندا رهجو. 26۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهان جو اولاد اوهان کي چوي تہ هن عبادت جو مطلب ڪهڙو آهي؟ 27تڏهن اوهين چئجو تہ هيءَ انهيءَ خداوند جي لاءِ فسح جي قرباني آهي، جو مصر ۾ بني اسرائيل جي گهرن وٽان لنگهي ويو، جنهن وقت هن مصرين کي ماريو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين. تڏهن ماڻهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيو. 28۽ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.
29پوءِ هيئن ٿيو جو آڌيءَ رات جو مصر جي ملڪ ۾ فرعون، جو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي پهريتي ٻار کان وٺي، قيدي، جو قيد خاني ۾ هو، تنهن جي پهريتي ٻار تائين، جيڪي بہ پهريتا ٻار هئا، ۽ جانورن جا جيڪي پهريتا ٻچا هئا، سي سڀ خداوند ماري وڌا. 30۽ انهيءَ رات فرعون، ۽ سندس نوڪر، ۽ سڀيئي مصري اُٿيا، ۽ مصر ۾ ڏاڍو ماتم مچي ويو؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ گهر ڪونہ هو، جنهن ۾ ڪو موت نہ ٿيو هجي. 31تڏهن رات جو ئي هن موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اُٿو، اوهين ۽ بني اسرائيل منهنجن ماڻهن منجهان نڪري وڃو، ۽ جيئن اوهان چيو آهي، تيئن وڃي خداوند جي عبادت ڪريو. 32پنهنجي چوڻ موجب پنهنجا ڍور ۽ ڌڻ بہ وٺي وڃو؛ ۽ منهنجي لاءِ بہ برڪت گهرجو. 33۽ مصرين انهن ماڻهن تي زور لاتو تہ جلد ملڪ مان نڪري وڃن، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسين سڀ مري وينداسين. 34۽ انهن ماڻهن پنهنجو ڳوهيل اٽو، خمير ٿيڻ کان اڳي ٿالهن سميت پنهنجن ڪپڙن ۾ ٻڌي، پنهنجن ڪلهن تي کنيو. 35۽ بني اسرائيل، موسيٰ جي چوڻ موجب مصرين کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گهري ورتا؛ 36۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ اهڙي عزت بخشي جو هنن جيڪي بہ گهريو، سو کين ڏنائون. سو هنن مصرين کي ڦريو لٽيو.
37پوءِ بني اسرائيل رعمسيس کان مسافري ڪندا سڪات تائين آيا، ۽ اهي ٻارن کان سواءِ فقط مرد ماڻهو ڇهہ لک هئا. 38۽ ٻين ذاتين جو هڪڙو وڏو گڏيل انبوهہ بہ ساڻن گڏ روانو ٿيو، ۽ ڍور ۽ ڌڻ بہ ساڻن هئا، مطلب تہ تمام گهڻو چوپايو مال بہ هو. 39۽ جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هئائون، تنهن مان بي خمير مانيون پچايائون؛ ڇالاءِ جو اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو، ڇو تہ هو مصر مان هڪاليا ويا هئا ۽ ترسي نہ سگهيا، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو سمر تيار ڪري سگهيا.
40هاڻي بني اسرائيل مصر ۾ چار سؤ ٽيهہ ورهيہ رهيا هئا. 41۽ چار سؤ ٽيهن ورهين کان پوءِ، انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند جا سڀ لشڪر مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا. 42خداوند انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تنهنڪري اُها رات سندن لاءِ جاڳرتي جي رات آهي: هيءَ خداوند جي اُها رات آهي جا سڀني بني اسرائيلين کي سندين سڀني پيڙهين تائين ياد رکڻي آهي.