Skip to content

Surat 5:28-31 (Maida)

پيدائش 4

البت جيڪڏھن پنھنجو ھٿ منھنجي مارڻ لاءِ مون ڏانھن ڊگھو ڪندين ته آءٌ پنھنجو ھٿ تو ڏانھن ڪڏھن به ڊگھو نه ڪندس ته توکي ماريان، بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.
مُنھنجو ارادو آھي ته مُنھنجو گُناھ ۽ پنھنجو گُناھ تون کڻين ته دوزخين مان ٿئين، ۽ ظالمن جي اِھا سزا آھي.
پوءِ سندس نفس کيس ڀاءُ جي مارڻ تي رغبت ڏياري پوءِ کيس ڪُٺائين پوءِ ڇيئي وارن مان ٿيو.
پوءِ الله ھڪ ڪانوَ کي موڪليو جنھن زمين ۾ ھن لاءِ کوٽيو ٿي ته کيس ڏيکاري ته پنھنجي ڀاءُ جي لاش کي ڪئن لڪائي، (ڪانوَ کي ڏسي) چيائين ته مون لاءِ ارمان آھي ڇا آءٌ ھن ڳالھ کان (به) عاجز ٿيس جو ھن ڪانوَ جھڙو ھُجان ھا ته پنھنجي ڀاءُ جو لاشو لڪايان ھا، پوءِ پشيمانن مان ٿيو.
1پوءِ آدم پنهنجيءَ زال حوا وٽ ويو؛ ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ قائن ڄايس، تڏهن هن چيو تہ خداوند جي ٻاجهہ سان مون کي هڪڙو ماڻهو مليو آهي. 2پوءِ قائن جو ڀاءُ هابل ڄائو؛ هابل ريڍار هو ۽ قائن هاري هو. 3ٿورن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، جو قائن پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش مان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو، 4۽ هابل بہ پنهنجين رڍن ٻڪرين مان پهريان ڦر ۽ چرٻي آندي. ۽ خداوند هابل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو: 5پر قائن ۽ سندس نذراني کي قبول نہ ڪيائين. تنهن تي قائن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ سندس منهن لهي ويو. 6تڏهن خداوند قائن کي چيو تہ توکي ڪاوڙ ڇو لڳي آهي؟ ۽ منهن لٿل ڇو ٿيو آهين؟ 7جيڪڏهن تون چڱو ڪرين، تہ جيڪر قبول نہ پوين ڇا؟ پر جي تون چڱو نٿو ڪرين تہ گناهہ تنهنجي دروازي تي ڇپ هڻي ويٺو آهي: ۽ تنهنجي خواهش اٿس، پر تون مٿس غالب پئُہ. 8پوءِ قائن پنهنجي ڀاءُ هابل کي چيو تہ هل تہ ٻنيءَ ۾ هلون، ۽ جڏهن هو ٻنيءَ ۾ هئا، تڏهن قائن پنهنجي ڀاءُ هابل تي حملو ڪيو ۽ ماري وڌائينس. 9تڏهن خداوند قائن کي چيو تہ تنهنجو ڀاءُ هابل ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ مون کي خبر ڪانهي، آءٌ پنهنجي ڀاءُ جو نگهبان آهيان ڇا؟ 10تنهن تي خداوند چيس تہ تو هي ڇا ڪيو؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان پيو پڪاري. 11سو هاڻي جنهن زمين تنهنجي هٿان تنهنجي ڀاءُ جو رت وٺڻ لاءِ پنهنجو وات پٽيو آهي، تنهن جي ئي طرفان تون لعنتي ٿيو آهين؛ 12جڏهن تون زمين تي پوک ڪندين، تڏهن انهيءَ مان توکي پيدائش ڪانہ ملندي، ۽ تون زمين تي رلندين ۽ ڌڪا کائيندين.