Skip to content

يوحنا 17

يسوع پاڪ ٿيڻ جي دعا ڪري ٿو

1اهي ڳالهيون يسوع ڪيون، ۽ پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي چيائين، تہ اي بابا، اُها گهڙي آئي آهي؛ پنهنجي فرزند جو جلال ظاهر ڪر، تہ فرزند تنهنجو جلال ظاهر ڪري: 2جيئن تو هن کي سڀني ماڻهن تي اختياري بخشي آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي تو کيس ڏنا آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي بخشي. 3۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن. 4جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو، سو مون پورو ڪري زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ڪيو آهي. 5هاڻي اي بابا، مون کي خود پاڻ سان اهو جلال ڏي، جو مون کي توسان دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳي هو. 6جيڪي ماڻهو تو مون کي دنيا مان ڏنا آهن، تن کي مون تنهنجو نالو ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي: اُهي تنهنجا هئا، ۽ تو اُهي مون کي ڏنا آهن، ۽ انهن تنهنجو ڪلام بجا آندو آهي. 7هاڻي هو ڄاڻن ٿا تہ جيڪي شيون تو مون کي ڏنيون آهن، سي سڀ تو وٽان آهن: 8ڇالاءِ تہ ڪلام جو تو مون کي ڏنو، سو مون کين ڏنو آهي، ۽ اُهو هنن قبول ڪيو آهي، ۽ سچ پچ ڄاتو اٿن تہ آئون تو وٽان آيو آهيان، ۽ ايمان آندو اٿن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي. 9آئون هنن لاءِ ٿو سوال ڪريان: دنيا لاءِ نٿو ڪريان، پر اُنهن لاءِ، جي تو مون کي ڏنا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي تنهنجا آهن. 10۽ سڀ جيڪي منهنجو آهي سو تنهنجو آهي، ۽ تنهنجو سو منهنجو: ۽ مون کي منجهن جلال مليو آهي. 11۽ هن کانپوءِ آئون دنيا ۾ نہ آهيان، پر اهي دنيا ۾ آهن، ۽ آئون تو وٽ ٿو اچان. اي پاڪ بابا، پنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اُنهن کي رکي وٺ، تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين پاڻ هڪ آهيون. 12جيسين آئون ساڻن هوس، تيسين تنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ کين رکندو آيو آهيان: ۽ مون انهن جي سنڀال ڪئي آهي، ۽ جيڪو برباد ٿيڻو هو، تنهن بنا ٻيو ڪوبہ منجهانئن برباد نہ ٿيو؛ اِنهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي. 13پر هاڻي آئون تو وٽ ٿو اچان؛ ۽ اهي ڳالهيون جي دنيا ۾ چوان ٿو، سي انهي لاءِ تہ انهن کي منهنجي پوري خوشي حاصل ٿئي. 14مون تنهنجو ڪلام کين ڏنو آهي؛ ۽ دنيا جي ساڻن نہ پيئي، ڇالاءِ جو اهي دنيا جا نہ آهن، جيئن آئون پڻ دنيا جو نہ آهيان. 15آئون اهو ڪونہ ٿو گهُران، تہ تون کين دنيا مان ڪڍي وٺ، پر انهي بڇڙي کان رکي وٺينِ. 16جيئن آئون هن دنيا جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ هن دنيا جا نہ آهن. 17سچ جي وسيلي کين پاڪ ڪر، تنهنجو ڪلام سچ آهي. 18جيئن تو مون کي دنيا ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ کين دنيا ۾ موڪليو آهي. 19۽ انهن جي خاطر آئون پاڻ کي پاڪ ٿو ڪريان، تہ اهي پڻ سچ ۾ پاڪ ٿين. 20آئون رڳو هنن لاءِ سوال نٿو ڪريان، پر انهن لاءِ بہ، جي سندن تعليم ٻُڌي مون تي ايمان آڻيندا: 21تہ اهي سڀ هڪ ٿين، جيئن تون اي بابا، مون ۾، ۽ آئون تو ۾، تيئن اهي پڻ اسان ۾ ٿين: انهي لاءِ تہ دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آهي. 22۽ جلال جو تو مون کي ڏنو آهي، سو مون کين ڏنو آهي؛ تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين هڪ آهيون. 23آئون هنن ۾ ۽ تون مون ۾، تہ اهي پوريءَ طرح سان هڪ ٿي ڪماليت کي پهچن؛ انهي لاءِ تہ دنيا کي خبر پوي تہ تو مون کي موڪليو آهي، ۽ انهن کي پيار ڪيو اٿيئي، جيئن تو مون کي پيار ڪيو آهي. 24اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن. 25اي سچا بابا، دنيا توکي نہ سڃاتو، پر مون توکي سڃاتو آهي؛ ۽ هنن پاڻ ڄاتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي؛ 26۽ مون تنهنجو نالو کين ڄاڻايو آهي، ۽ اڃا ڄاڻائيندس، انهيءَ لاءِ تہ جو پيار تو مون سان رکيو آهي، سو انهن ۾ هجي، ۽ آئون بہ منجهن هجان.