Skip to content
1جنهن ڏينهن يسوع پنهنجي چونڊيلن رسولن کي پاڪ روح جي معرفت حڪم ڏيئي مٿي کڄي ويو، 2تنهن ڏينهن تائين، اي ٿيوفلس، جيڪي ڪي هو ڪندو رهيو، توڙي سيکاريندو رهيو، سو سڀ ڪجهہ مون پنهنجي اڳوڻي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي. 3۽ هن کين پنهنجي ڏک سهڻ کان پوءِ ڪيترين ئي ثابتين سان پاڻ کي جيئرو ڏيکاريو، جيئن تہ چاليهن ڏينهن تائين هنن کي پاڻ ڏيکاريندو رهيو، ۽ خدا جي بادشاهت جون ڳالهيون ڪندو رهيو: 4۽ ساڻن گڏجي کين تاڪيد ڪيائين تہ يروشلم کان ٻاهر نہ وڃجو پر ابي جو واعدو، جيڪو اوهان مون کان ٻُڌو، تنهن جو انتظار ڪجو: 5ڇالاءِ جو يوحنا تہ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني؛ پر اوهان کي ٿورن ئي ڏينهن کانپوءِ پاڪ روح سان بپتسما ملندي.
6سو جڏهن هو اچي گڏ ٿيا، تڏهن کانئس پڇيائون، تہ اي خداوند، تون هينئر ئي اسرائيل جي بادشاهت کي وري قائم ڪندين ڇا؟ 7تڏهن چيائين تہ وقت ۽ معيادون، جي ابي پنهنجي وس رکيون آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي. 8پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي: ۽ اوهين يروشلم ۾ توڙي سڄي يهوديہ ۽ سامريہ، بلڪ زمين جي حدن تائين منهنجا شاهد ٿيندا. 9۽ اڃا ايترو چيائين، ۽ هنن بيٺي نهاريو، تہ هو مٿي کڄي ويو؛ ۽ هڪڙي ڪڪر جي ڪري سندن نظر کان غائب ٿي ويو. 10۽ جيئن هو کڄي ويو ۽ هنن چتائي آسمان ڏانهن پئي نهاريو، تيئن اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇن وڳن ۾، سندن پاسي ۾ اچي بيهي رهيا؛ 11۽ چيائون تہ اي گليليو، اوهين آسمان ڏانهن ڇو بيٺا نهاريو؟ اِهو يسوع، جو اوهان وٽان آسمان ۾ چاڙهيو ويو آهي، سو جيئن اوهان هن کي آسمان ڏانهن ويندو ڏٺو، تيئن وري بہ اوهان وٽ ايندو.رسولن جا ڪم 

رسولن جا ڪم 1-11