Skip to content

پيدائش 1-2

1خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو. 2۽ زمين بي ترتيب ۽ ويران هئي؛ ۽ اونهائيءَ جي مٿان اوندهہ هئي: ۽ خدا جي روح پاڻيءَ جي مٿان آرو ڪيو. 3۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو. 4۽ خدا ڏٺو تہ سوجهرو چڱو آهي: ۽ خدا سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪيو. 5۽ خدا سوجهري کي ڏينهن سڏيو ۽ اوندهہ کي رات سڏيائين. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پهريون ڏينهن ٿيو. 6۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين. 7سو خدا خال جوڙيو، ۽ خال جي هيٺان جيڪي پاڻي هئا تن کي انهن پاڻين کان جدا ڪيائين جيڪي خال جي مٿان هئا: ۽ ائين ئي ٿيو. 8۽ خدا خال کي آسمان سڏيو. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٻيو ڏينهن ٿيو.
9۽ خدا چيو تہ آسمان جي هيٺان جيڪي پاڻي آهن، سي سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿين: تہ خشڪي ظاهر ٿئي: ۽ ائين ئي ٿيو. 10۽ خدا خشڪيءَ کي زمين سڏيو؛ ۽ گڏ ٿيل پاڻين کي سمنڊ سڏيائين: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 11۽ خدا چيو تہ زمين تي گاهہ، ٻج وارا ٻوٽا، ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجي پنهنجي جنس موجب ميويدار ۽ ٻج وارا آهن، سي سڀ زمين مان اُڀرن: ۽ ائين ئي ٿيو. 12تڏهن زمين تي گاهہ، ۽ ٻوٽا جن ۾ سندن جنس موجب ٻج آهي ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجيءَ جنس موجب ٻج وارا آهن، سي زمين مان اُڀريا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 13سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٽيون ڏينهن ٿيو.
14۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين: 15۽ اهي آسمان جي خال ۾ سوجهري لاءِ ٿين: تہ زمين کي روشن ڪن: ۽ ائين ئي ٿيو. 16سو خدا ٻہ وڏيون روشنيون جوڙيون: هڪڙي اڪبر، جا ڏينهن تي حڪومت هلائي، ٻي اصغر، جا رات تي حڪومت هلائي: ۽ تارا بہ جوڙيائين. 17۽ خدا انهن کي آسمان جي خال ۾ رکيو، تہ زمين تي سوجهرو ڪن، 18۽ ڏينهن تي ۽ رات تي حڪومت هلائين، ۽ سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪن: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 19سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ چوٿون ڏينهن ٿيو.
20۽ خدا چيو تہ پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا پيدا ٿين، ۽ پکي زمين جي مٿان آسمان جي خال ۾ اُڏامن. 21۽ خدا وڏا وڏا درياهي جانور ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا، سندن جنس موجب، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پکي سندن جنس موجب پيدا ڪيا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 22۽ خدا اُنهن کي برڪت ڏيئي، چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ سمنڊ جي پاڻين کي ڀرپور ڪريو، ۽ پکي زمين تي وڌن ويجهن. 23سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پنجون ڏينهن ٿيو.
24۽ خدا چيو تہ زمين مان سڀ ڪنهن قسم جا ساهوارا سندن جنس موجب پيدا ٿين، سڀيئي ڍور ۽ سرندڙ جيت، ۽ جهنگلي جانور سندن جنس موجب پيدا ٿين: ۽ ائين ئي ٿيو. 25سو خدا جهنگلي جانورن کي ۽ سڀني ڍورن کي سندن جنس موجب، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن کي سندن جنس موجب جوڙيو: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي. 26پوءِ خدا چيو، اسين انسان کي پنهنجيءَ صورت تي پاڻ جهڙو جوڙيون: تہ اُهي سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي، سڀني ڍورن تي، سڄيءَ زمين تي، ۽ سڀني سرندڙ جيتن تي حڪومت هلائين. 27۽ خدا پنهنجيءَ صورت تي انسان کي پيدا ڪيو. خدا جي صورت تي کين پيدا ڪيائين؛ نر ۽ ناري بڻائي کين پيدا ڪيائين. 28۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو. 29۽ خدا چيو تہ ڏسو، آءٌ زمين جي سڀ ڪا ٻج واري ڀاڄي، ۽ هرڪو وڻ جنهن ۾ سندس ٻج وارو ڦل آهي، سي سڀ اوهان کي ٿو ڏيان؛ اهي اوهان جي کاڌي لاءِ آهن: 30۽ زمين جي سڀني جانورن، هوا جي سڀني پکين، ۽ سڀني سرندڙ جيتن، ۽ جن ۾ ساهہ آهي تن کي زمين جا ساوا ٻوٽا کائڻ لاءِ ٿو ڏيان: ۽ ائين ئي ٿيو. 31۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.
1انهيءَ طرح آسمان ۽ زمين ۽ سندن سڄي لشڪر جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو. 2۽ ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم پورو ڪيو؛ ۽ جيڪو ڪم ڪيو هئائين تنهن کان ستين ڏينهن فارغ ٿيو. 3۽ خدا ستين ڏينهن کي برڪت ڏني، ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين: ڇالاءِ جو انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.
4هي آسمان ۽ زمين جي پيدائش جو بيان آهي، يعني جنهن ڏينهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان جوڙيو. 5اڃا تائين زمين تي ڪابہ نباتات ۽ جهنگ جا ٻوٽا ڪونہ اُڀريا هئا: ڇوتہ خداوند خدا زمين تي مينهن ڪونہ وسايو هو، ۽ نڪو انسان هو جو زمين تي پوک ڪري؛ 6پر زمين مان ڪوهيڙو نڪرندو هو، جنهن سان ساري زمين تي ريج ٿيندو هو. 7۽ خداوند خدا زمين جي مٽيءَ مان هڪڙو ماڻهو جوڙيو، ۽ انهي جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين؛ تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو. 8۽ خداوند خدا اُڀرندي ڏانهن عدن ۾ هڪڙو باغ بنايو؛ ۽ انسان، جنهن کي هن جوڙيو هو، تنهن کي انهيءَ ۾ رکيائين. 9۽ خداوند خدا زمين مان هر ڪنهن قسم جا وڻ اُڀاريا، جن جو ميوو ڏسڻ ۾ دلپسند ۽ کائڻ ۾ چڱو هو؛ ۽ باغ جي وچ ۾ زندگيءَ جو وڻ، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ جو وڻ بہ اُڀاريائين. 10۽ عدن مان هڪڙي ندي باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نڪتي؛ ۽ اُتان چئن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويئي. 11پهرينءَ جو نالو فيسون آهي: جا حويلا جي ساري زمين کي گهيري ٿي، جتان سون نڪرندو آهي: 12انهيءَ زمين جو سون چڱو آهي: ۽ اتي موتي ۽ عقيق بہ ٿئي ٿو. 13ٻيءَ نديءَ جو نالو جيحون آهي؛ جا ڪوش جي ساريءَ زمين کي گهيري ٿي. 14ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جا اسور جي اُڀرندي ڏانهن ٿي وڃي. ۽ چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي. 15۽ خداوند خدا آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ جي باغباني ڪري ۽ سنڀالي. 16۽ خداوند خدا آدم کي حڪم ڏيئي چيو تہ تون باغ جي سڀ ڪنهن وڻ جو ڦل ڀلي کائيندو رهہ: 17پر نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ واري وڻ جو ڦل متان کائين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون اُهو کائيندين، تنهن ڏينهن ضرور مرندين.
18۽ خداوند خدا چيو تہ اهو چڱو نہ آهي تہ انسان اڪيلو رهي؛ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙو سندس جهڙو مددگار جوڙيندس. 19۽ خداوند خدا ميدان جا سڀئي جانور ۽ هوا جا سڀ پکي، مٽيءَ مان جوڙيا ۽ کين آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا ڪهڙا نالا ٿو رکي. ۽ آدم جنهن جانور کي جيڪي سڏيو، سو ئي هن جو نالو ٿيو. 20سو آدم سڀني ڍورن، هوا جي پکين، ۽ جهنگلي جانورن جا نالا رکيا؛ پر آدم کي سندس جهڙو ڪوبہ مددگار ڪونہ مليو. 21پوءِ خداوند خدا آدم تي گهري ننڊ موڪلي، ۽ هو سمهي پيو؛ ۽ هن سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي ۽ انهيءَ جي جاءِ تي گوشت ڀريائين: 22۽ خداوند خدا انهيءَ پاسريءَ مان، جا آدم مان ڪڍي هئائين، هڪڙي زال جوڙي ۽ انهيءَ کي آدم وٽ وٺي آيو. 23تڏهن آدم چيو تہ هيءَ منهنجن هڏن مان هڏو ۽ ماس مان ماس آهي: تنهنڪري هيءَ ناري سڏبي، ڇالاءِ جو نر مان آهي. 24انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اُهي هڪ بدن ٿيندا. 25۽ آدم ۽ سندس زال ٻئي اُگهاڙا هئا، تڏهن بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.